2 - سموئيل 20
20
1۽ اتفاق سان اتي هڪڙو بدمعاش بنيميني هو جنهن جو نالو سبع بن بڪري هو. ۽ انهيءَ قرناءِ وڄائي چيو تہ اسان جي دائود ۾ ڪابہ پتي ڪانہ آهي، نڪي يسيءَ جي پٽ ۾ ڪوبہ ورثي جو حق آهي: اي اسرائيليو، سڀڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي. 2تڏهن اسرائيل جا سڀ ماڻهو دائود جي پٺ ڇڏي بڪري جي پٽ سبع جي پٺيان لڳا: پر يهوداہ جا ماڻهو يردن کان وٺي يروشلم تائين پنهنجي بادشاهہ سان لڳا آيا.
3۽ دائود يروشلم ۾ پنهنجي گهر آيو؛ ۽ جيڪي ڏهہ زالون بادشاهہ جون سريتون هيون ۽ جن کي هو گهر جي سنڀال لاءِ ڇڏي ويو هو، تن کي هن کڻي بند ۾ وڌو، ۽ اتي کاڌو پهچائي پئي ڏنائين، پر ساڻن صحبت ڪانہ ٿي ڪيائين. انهيءَ طرح هو مرڻ جي ڏينهن تائين بند ٿيون پيون هيون، ۽ رناپڻ ۾ گذارينديون آيون.
4تڏهن بادشاهہ عماسا کي چيو تہ ٽن ڏينهن جي اندر مون کي يهوداہ جا ماڻهو گڏ ڪري آڻي ڏي، ۽ تون پاڻ بہ حاضر ٿج. 5تنهنڪري عماسا يهوداہ جي ماڻهن کي سڏي گڏ ڪرڻ لاءِ ويو: پر جيڪو وقت هن سندس لاءِ مقرر ڪيو هو تنهن کان وڌيڪ هو ترسي پيو. 6۽ دائود ابيشيءَ کي چيو تہ هاڻي بڪريءَ جو پٽ سبع اسان کي ابي سلوم کان بہ زيادہ نقصان پهچائيندو: تون پنهنجي ڌڻيءَ جا نوڪر وٺي وڃ ۽ انهيءَ جي پٺيان ڪاهي وڃ، متان هو پنهنجي لاءِ قلعي وارا شهر هٿ ڪري، ۽ ماڻهن جي نظر کان گم ٿي وڃي. 7۽ انهيءَ جي پٺيان يوآب جا ماڻهو ۽ قريتي ۽ فليتي ۽ سڀ بهادر مرد ويا: ۽ اهي يروشلم مان نڪتا، ۽ سبع بن بڪريءَ جي پٺيان پيا. 8۽ جڏهن اهي انهيءَ وڏي پٿر وٽ پهتا جو جبعون ۾ آهي، تڏهن عماسا انهن جي گڏجڻ لاءِ آيو، ۽ يوآب کي جنگ جي پوشاڪ پيل هئي جا هن ڍڪي هئي، ۽ انهيءَ جي مٿان هڪڙو ڪمربند چيلهہ سان ٻڌل هوس جنهن سان ترار هئي، جا پنهنجي کپ ۾ پيل هئي؛ ۽ جيئن هو هلڻ لڳو تيئن اها ٻاهر ڪري پيئي. 9۽ يوآب سڄي هٿ سان عماسا جي ڏاڙهي ورتي، انهي لاءِ تہ هن کي چُمي ڏي. 10پر جيڪا ترار يوآب کي هٿ ۾ هئي تنهن تي عماسا ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏنو: تنهنڪري هن اها سندس پيٽ ۾ لنگهائي وڌي، ۽ انهيءَ جا آنڊا ڪڍي زمين تي ڪيرائي وڌائين، ۽ وري ٻيو ڌڪ نہ هنيائينس؛ ۽ هو مري ويو. پوءِ يوآب ۽ سندس ڀاءُ ابيشيءَ، سبع بن بڪريءَ جي پٺيان پيا. 11۽ يوآب جي جوان ماڻهن مان هڪڙو انهيءَ جي پاسي بيٺل هو، تنهن چيو تہ جيڪو يوآب جي پاسي آهي، ۽ جيڪو دائود جي طرف آهي، سو يوآب جي پٺيان لڳي. 12۽ عماسا شاهي سڙڪ جي وچ ۾ پنهنجي رت ۾ ليٿڙيون پئي پاتيون. ۽ جڏهن انهيءَ ماڻهو ڏٺو تہ سڀ ماڻهو ماٺ ڪيو بيٺا آهن تڏهن هو عماسا کي شاهي سڙڪ تان کڻي ميدان ڏي ويو، ۽ جڏهن ڏٺائين تہ جيڪو ٿو انهي پاسي اچي سو ماٺ ڪري بيهندو وڃي تڏهن هن جي مٿان ڪپڙو وجهي ڇڏيائين. 13جڏهن هو شاهي سڙڪ تان کڄي ويو تڏهن سڀ ماڻهو يوآب جي پٺيان ويا، انهيءَ لاءِ تہ سبع بن بڪريءَ جي پٺيان ڪاهي وڃن. 14۽ هو اسرائيل جي سڀني فرقن وچان لنگهي ابيل، ۽ بيت معڪہ، ۽ سڀني بيرين ڏانهن ويو: ۽ اهي بہ سڀ گڏ ٿي هن جي پٺيان ويا. 15۽ هنن اچي بيت معڪہ جي ابيل ۾ هن کي گهيرو ڪيو، ۽ هنن شهر جي سامهون هڪڙو وڏو بند ٻڌو، ۽ اهو قلعي جي ڀت جي آڏو بيٺل هو: ۽ جيڪي ماڻهو يوآب سان هئا سي ڀت کي ڪيرائڻ لاءِ انهي کي ڌڪ هڻڻ لڳا. 16تڏهن شهر مان هڪڙيءَ زال رڙ ڪري چيو تہ ڪن ڏيو، ٻڌو؛ آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ اوهين يوآب کي چئو تہ هيڏي ويجهو اچ تہ آءٌ توسان ڳالهايان. 17۽ هو انهيءَ زال کي ويجهو آيو: ۽ زال چيس تہ تون يوآب آهين؟ ۽ هن چيو تہ هائو آءٌ آهيان. تڏهن زال چيس تہ پنهنجي ٻانهيءَ جي ڳالهہ ٻڌ. ۽ هن ورنديءَ ۾ چيو تہ آءٌ ٻڌان ٿو. 18تڏهن زال چيو تہ اڳين زماني ۾ چوندا هئا تہ هو ابيل مان ضرور صلاح پڇندا: انهيءَ طرح ڳالهہ جو فيصلو ٿيندو هو. 19۽ آءٌ انهن مان آهيان جي اسرائيل ۾ صلح پسند ۽ ديانت دار آهن: تون اسرائيل ۾ هڪ شهر بلڪ ماءُ کي برباد ڪرڻ جي خواهش ٿو رکين: تون خداوند جي ميراث کي ڳڙڪائڻ ٿو گهرين؟ 20۽ يوآب ورندي ڏيئي چيو تہ شل مون کان ائين نہ ٿئي تہ ڪي ڳڙڪايان يا برباد ڪريان. 21حقيقت ائين ناهي: پر افرائيم جي ڪوهستان جو هڪڙو ماڻهو، جنهن جو نالو سبع بن بڪري آهي، تنهن بادشاهہ تي، يعني دائود تي، پنهنجو هٿ کنيو آهي: رڳو انهي جي ٻانهن ڪڍي ڏي تہ آءٌ شهر مان هليو ويندس. ۽ زال يوآب کي چيو تہ ڏس، انهيءَ جي سسي ڀت تان اُڇلائي توکي ڏني ويندي. 22تڏهن اُها زال سياڻپ ڪري سڀني ماڻهن وٽ ويئي. ۽ هنن سبع بن بڪريءَ جي سسي وڍي ٻاهر يوآب کي اُڇلائي ڏني. پوءِ هن قرناءِ وڄائي، ۽ هو شهر مان نڪري پکڙي پيا، ۽ سڀڪو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ڏي هليو ويو. ۽ يوآب موٽي يروشلم ۾ بادشاهہ وٽ ويو.
23هاڻي يوآب اسرائيل جي ساري لشڪر جي مٿان هو: ۽ بناياہ بن يهويدع ڪريتين ۽ فلستين جي مٿان هو: 24۽ ادورام ڍل اُڳاڙڻ تي هو: ۽ يهوسفط بن اخيلود دفتردار هو: 25۽ سوا محرر هو: ۽ صدوق ۽ ابياتر ڪاهن هئا: 26۽ عيرا يائري بہ دائود جو ڪاهن هو.
Currently Selected:
2 - سموئيل 20: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.