2 - سموئيل 19
19
1۽ يوآب کي چيو ويو تہ ڏس، بادشاهہ ابي سلوم جي لاءِ روئي ٿو ۽ ماتم ٿو ڪري. 2۽ انهيءَ ڏينهن سڀني ماڻهن جي لاءِ فتح بدلجي ماتم ٿي پيئي: ڇالاءِ جو ماڻهن انهيءَ ڏينهن هيئن چوندي ٻڌو تہ بادشاهہ پنهنجي پٽ لاءِ غمگين آهي. 3۽ ماڻهو انهيءَ ڏينهن لڪ چوري شهر ۾ گهڙي آيا، جهڙي طرح اهي ماڻهو جي جنگ ۾ ڀڄي ويندا آهن، ۽ شرم کان لڪي نڪري ويندا آهن. 4۽ بادشاهہ پنهنجو منهن ڍڪي رڙيون ڪري پئي چيو تہ، هاءِ ابي سلوم منهنجا پٽ، هاءِ ابي سلوم، منهنجا پٽ، منهنجا پٽ! 5تڏهن يوآب بادشاهہ جي گهر گهڙي آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ جن تنهنجن ٻانهن اڄ تنهنجي حياتي، ۽ تنهنجن پٽن، ۽ تنهنجين ڌيئرن جون حياتيون، ۽ تنهنجين زالن، ۽ تنهنجين سريتن جون حياتيون بچايون آهن، تن سڀني جا منهن تو اڄ شرمندا ڪيا آهن؛ 6جو تون انهن کي پيار ڪرين ٿو جي توکي ڌڪارين ٿا، ۽ انهن کي ڌڪارين ٿو جي توکي پيار ٿا ڪن. ڇالاءِ جو تو اڄوڪي ڏينهن ظاهر ڪيو آهي، تہ سردار توڙي ٻانها، تنهنجي اڳيان ڪي ڪين آهن: ڇالاءِ جو اڄ آءٌ ڏسان ٿو تہ جي ابي سلوم جيئرو هجي ها، ۽ اسين سڀ مري وڃون ها تہ جيڪر تون ڏاڍو خوش ٿين ها. 7تنهن ڪري هاڻي اُٿ، ۽ هلي پنهنجن ٻانهن سان خوش ٿي ڳالهاءِ: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند جو قسم ٿو کڻان تہ جي تون ٻاهر نہ هلندين تہ اڄ رات تو وٽ هڪڙو ماڻهو بہ ڪين ٽڪندو: ۽ اها ڳالهہ تنهنجي لاءِ سڀني خرابين کان بڇڙي ٿيندي، جي ننڍي هوندي کان وٺي هيستائين توکي پئي پهتيون آهن. 8تڏهن بادشاهہ اُٿيو، ۽ دروازي ۾ ويٺو. ۽ سڀني ماڻهن کي چيائون تہ ڏسو، بادشاهہ دروازي ۾ ويٺو آهي: پوءِ سڀ ماڻهو بادشاهہ جي اڳيان آيا.
9هاڻي سڀ اسرائيلي پنهنجن پنهنجن تنبن ڏي ڀڄي ويا هئا. ۽ اسرائيل جي سڀني فرقن ۾ تڪرار ٿي پيو، ۽ هو چوڻ لڳا تہ بادشاهہ اسان کي اسانجن دشمنن جي هٿان ڇڏايو آهي، ۽ اسان کي فلستين جي هٿان بچايو آهي؛ پر هاڻي هو ابي سلوم جي ڪري ملڪ مان ڀڄي ويو آهي. 10۽ ابي سلوم جنهن کي اسان مسح ڪري پنهنجي مٿان مقرر ڪيو سو جنگ ۾ مري ويو آهي. تنهنڪري هاڻي ڇو اوهين بادشاهہ کي موٽي وٺي اچڻ جو ذڪر ئي نٿا ڪريو؟
11۽ بادشاهہ دائود، صدوق ۽ ابياتر ڪاهنن کي سڏائي چيو، تہ يهوداہ جي بزرگن کي چئو تہ ڇو اوهين بادشاهہ کي پنهنجي گهر موٽائي آڻڻ ۾ سڀني کان پوءِ پيا آهيو؟ جڏهن ڏسو ٿا تہ سڀني اسرائيلين بادشاهہ کي موٽي پنهنجي گهر اچڻ لاءِ چيو آهي. 12اوهين منهنجا ڀائر آهيو، اوهين منهنجو هڏ ۽ ماس آهيو: تڏهن ڇو اوهين بادشاهہ کي موٽائي آڻڻ ۾ پوئتي پيا آهيو؟ 13۽ اوهين عماسا کي چئو تہ تون منهنجو هڏ ۽ ماس ناهين ڇا؟ جيڪڏهن تون منهنجي اڳيان هميشہ جي لاءِ يوآب جي بجاءِ لشڪر جو سردار نہ هجين، تہ شل خدا مون سان ائين ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ. 14۽ هن يهوداہ جي سڀني ماڻهن جي دل اهڙي موڙي ڇڏي جهڙي هڪڙي ماڻهوءَ جي دل؛ جو انهن بادشاهہ ڏي چوائي موڪليو تہ تون ۽ تنهنجا نوڪر سڀ موٽي اچو. 15تڏهن بادشاهہ موٽيو ۽ يردن وٽ آيو. ۽ يهوداہ جلجال تائين آيا، انهيءَ لاءِ تہ بادشاهہ جو استقبال ڪري هن کي يردن جي پار وٺي وڃن.
16۽ سمعي بن جيرا بنيميني، جو بحوريم جو هو، سو بہ بادشاهہ دائود جي استقبال لاءِ تڪڙو ڪوچ ڪري لهي اچي يهوداہ جي ماڻهن سان گڏيو. 17۽ انهيءَ سان هزار بنيمين جا ماڻهو، ۽ سائول جي گهراڻي جا نوڪر ضيبا، ۽ سندس پندرهن پٽ، ۽ ويهہ ٻانها گڏ هئا، ۽ اهي بادشاهہ جي اڳيان يردن لنگهيا. 18۽ هڪڙي پتڻ جي ٻيڙي، بادشاهہ جي گهراڻي جي پار لنگهائڻ لاءِ، ۽ سندس خدمت لاءِ ويئي. ۽ سمعي بن جيرا يردن لنگهڻ کان پوءِ اچي بادشاهہ جي اڳيان سجدو ڪيو. 19۽ هن تڏهن بادشاهہ کي چيو تہ منهنجو ڌڻي مون تي ڪو قصور نہ رکي، ۽ نہ منهنجو ڌڻي اهو ڪم ياد رکي دل ۾ ڪري، جو تنهنجي ٻانهي ڏنگائي ڪري انهيءَ ڏينهن ڪيو هو، جنهن ڏينهن منهنجو ڌڻي بادشاهہ نڪري يروشليم مان ويو هو. 20ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو ڄاڻي ٿو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: تنهنڪري ڏس اڄ آءٌ، يوسف جي ساري خاندان مان سڀ کان اول پنهنجي ڌڻي بادشاهہ جي استقبال لاءِ آيو آهيان. 21پر ابيشي بن ضروياہ ورندي ڏئي چيو تہ انهيءَ لاءِ سمعيءَ کي قتل نہ ڪبو ڇا، جو هن خداوند جي مسح ڪيل تي لعنت وڌي؟ 22تڏهن دائود چيو تہ اي ضروياہ جا پٽ، منهنجو اوهان سان ڇا وڃي، جو اوهين اڄ منهنجا مخالف ٿيو؟ اڄوڪي ڏينهن اسرائيل ۾ ڪو ماڻهو قتل ڪبو ڇا؟ ڇالاءِ جو آءٌ نٿو ڄاڻان ڇا تہ اڄ آءٌ اسرائيل جي مٿان بادشاهہ آهيان؟ 23۽ بادشاهہ سمعيءَ کي چيو تہ تون نہ مرندين. ۽ بادشاهہ ساڻس قسم کنيو.
24۽ سائول جو پٽ مفيبوست بادشاهہ جي استقبال لاءِ لهي آيو؛ ۽ جنهن ڏينهن بادشاهہ روانو ٿيو تنهن کان وٺي وري صحيح سلامت موٽي گهر اچڻ جي ڏينهن تائين هن نہ پنهنجا پير ڌوتا هئا، نہ پنهنجي ڏاڙهي ڪتري هئائين، ۽ نہ پنهنجا ڪپڙا ڌوتا هئائين. 25۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو بادشاهہ کي گڏجڻ لاءِ يروشلم ۾ آيو تڏهن بادشاهہ هن کي چيو تہ اي مفيبوست، تون ڇو مون سان گڏجي نہ هلئين؟ 26تڏهن هن ورندي ڏني تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، منهنجي نوڪر مون سان ٺڳي ڪئي: ڇالاءِ جو تنهنجي ٻانهي چيو تہ آءٌ پنهنجي لاءِ گڏهہ ٿو پلاڻيان تہ انهيءَ تي چڙهي بادشاهہ سان وڃان؛ ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو منڊو آهي. 27۽ هن منهنجي ڌڻي بادشاهہ وٽ تنهنجي ٻانهي جي شڪايت ڪئي آهي؛ پر منهنجو ڌڻي بادشاهہ خدا جي هڪڙي ملائڪ جهڙو آهي: تنهنڪري جيڪي تنهنجي نظر ۾ مناسب اچي تيئن ڪر. 28ڇالاءِ جو منهنجي پيءُ جو سارو گهراڻو منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي اڳيان ڄڻ تہ مُئل ماڻهو هئا: انهيءَ هوندي بہ تو پنهنجي ٻانهي کي انهن جي قطار ۾ داخل ڪيو جي خود تنهنجي دسترخاني تي ماني ٿا کائين. تنهنڪري ايتري ڪئي بہ مون کي ڪهڙو حق آهي تہ آءٌ بادشاهہ وٽ دانهن ڪريان؟ 29تڏهن بادشاهہ هن کي چيو تہ انهن ڳالهين جو وڌيڪ ذڪر ڇو ٿو ڪرين؟ آءٌ چوان ٿو تہ تون ۽ ضيبا زمين ورهائي وٺو. 30۽ مفيبوست بادشاهہ کي چيو تہ جنهن صورت منهنجو ڌڻي بادشاهہ صحيح سلامت پنهنجي گهر موٽي آيو آهي تڏهن هو ڀلي سڀ هٿ ڪري.
31۽ برزلي جلعادي رجليم مان لهي آيو؛ ۽ بادشاهہ سان گڏ يردن جي هن ڀر ويو، انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ کي يردن جي پريان سونهون ٿي وٺي وڃي. 32هاڻي برزلي هڪڙو تمام ٻڍو ماڻهو هو، ۽ اسي ورهين جي عمر جو هو: ۽ جڏهن بادشاهہ محنايم ۾ هو تڏهن هن کي سرسات موجود ڪري ڏني هئائين: ڇالاءِ جو هو تمام وڏو ماڻهو هو. 33۽ بادشاهہ برزليءَ کي چيو تہ تون مون سان پار لنگهي هل تہ آءٌ يروشلم ۾ پاڻ وٽ تنهنجي پرورش ڪريان. 34۽ برزليءَ بادشاهہ کي چيو تہ منهنجي عمر جي ورهين جا ڏينهن ڪيترا آهن جو آءٌ بادشاهہ سان يروشلم ڏي هلان؟ 35آءٌ اڄ اسي ورهين جو آهيان: آءٌ چڱي ۽ بڇڙي جي وچ ۾ تميز ڪري سگهان ٿو ڇا؟ جيڪي آءٌ کاوان ٿو، يا پيئان ٿو، انهيءَ جو مزو تنهنجو ٻانهو چکي سگهي ٿو ڇا؟ آءٌ ڪو هاڻي ڳائيندڙ مردن ۽ زالن جو آواز ٻڌي سگهان ٿو ڇا؟ تڏهن ڇو تنهنجو ٻانهو منهنجي ڌڻي بادشاهہ تي اڃا بہ بوجو ٿي پوي؟ 36تنهنجو ٻانهو رڳو بادشاهہ سان گڏ يردن پار لنگهندو: ۽ ڇالاءِ بادشاهہ مون کي انهيءَ جي عيوض اهڙو انعام عطا ڪري؟ 37آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي ٻانهي کي ڇڏ تہ موٽي وڃان، تہ آءٌ پنهنجي شهر ۾، پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ماءُ جي قبر جي پاسي ۾ وڃي مران. پر ڏس، تنهنجو غلام ڪمهام، ڀلي تہ اهو منهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ سان گڏجي پار لنگهي؛ ۽ جيڪي توکي وڻي سو انهيءَ سان ڪر. 38۽ بادشاهہ ورندي ڏني تہ ڪمهام مون سان گڏجي پار هلندو، ۽ آءٌ ساڻس ائين ڪندس جيئن توکي مناسب ڏسڻ ۾ ايندو: ۽ جيڪي تون مون کان گهرندين سو آءٌ تنهنجي لاءِ ڪندس. 39۽ سڀ ماڻهو يردن لنگهي پار ويا، ۽ بادشاهہ بہ پار لنگهيو: پوءِ بادشاهہ برزليءَ کي چُمي ڏني، ۽ دعا ڪيائينس؛ ۽ هو پنهنجي جاءِ ڏي موٽي ويو.
40انهيءَ طرح بادشاهہ جلجال ڏي لنگهي ويو، ۽ ڪمهام ساڻس گڏ ويو: ۽ يهوداہ جي ساري قوم ۽ اسرائيل جي اڌ قوم بہ بادشاهہ کي لنگهائي وٺي آئي. 41۽ ڏس، اسرائيل جا سڀ ماڻهو بادشاهہ وٽ آيا ۽ بادشاهہ کي چيائون تہ ڇالاءِ اسان جا ڀائر يهوداہ جا ماڻهو توکي چورائي ويا آهن، ۽ بادشاهہ ۽ سندس گهراڻي کي، ۽ دائود جي سڀني ماڻهن کي انهيءَ سان گڏ وٺي ويا آهن؟ 42۽ يهوداہ جي سڀني ماڻهن اسرائيل جي ماڻهن کي ورنديءَ ۾ چيو تہ هن ڪري جو بادشاهہ اسان جو ويجهو مائٽ آهي: تڏهن اوهين انهيءَ ڪري ڇو ٿا ڪاوڙجو؟ اسان بادشاهہ جي خرچ تي ڪي کاڌو آهي ڇا؟ يا هن اسان کي ڪا بخشش ڏني آهي ڇا؟ 43۽ اسرائيل جي ماڻهن يهوداہ جي ماڻهن کي ورندي ڏيئي چيو تہ اسان جون بادشاهہ ۾ ڏهہ پتيون آهن، ۽ دائود ۾ اسان جو اوهان کان زيادہ حق بہ آهي: تڏهن اوهان اسان کي ڇو ٿي حقير سمجهيو، جو اسان جي بادشاهہ کي موٽائي آڻڻ ۾ پهرين اسان جي صلاح نہ ورتوَ؟ ۽ يهوداہ جي ماڻهن جون ڳالهيون اسرائيل جي ماڻهن جي ڳالهين کان وڌيڪ شوخ هيون.
Currently Selected:
2 - سموئيل 19: SB62
Highlight
Share
Copy

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.