2 - سموئيل 18
18
1۽ دائود انهن ماڻهن جو شمار ڪيو جي ساڻس هئا، ۽ هزارن جا، ۽ سوَن جا سردار انهن تي مقرر ڪيائين. 2۽ دائود ٽئين حصي جيترا ماڻهو، يوآب جي هٿ هيٺ، ۽ ٽئين حصي جيترا، يوآب جي ڀاءُ ضروياہ جي پٽ ابيشيءَ جي هٿ هيٺ، ۽ ٽئين حصي جيترا جاتي اِتيءَ جي هٿ هيٺ اڳي موڪلي ڏنا. ۽ بادشاهہ ماڻهن کي چيو تہ آءٌ پاڻ بہ اوهان سان ضرور هلندس. 3پر ماڻهن چيو تہ تون اسان سان نہ هلندين: ڇالاءِ جو جي اسين ڀڄي وياسين تہ هو اسان جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪندا؛ يا جي اسان مان اڌ جيترا کڻي مئا تہ بہ هو اسان جي ڪابہ پرواهہ نہ ڪندا: پر تون اسان جهڙن ڏهن هزارن جو مٽ آهين: تنهنڪري هاڻي بهتر ائين آهي تہ تون شهر ۾ رهي اتان اسان ڏي مدد موڪلڻ لاءِ تيار رهج. 4تڏهن بادشاهہ انهن کي چيو تہ جيئن اوهان کي چڱو لڳي تيئن آءٌ ڪندس. پوءِ بادشاهہ دروازي جي پاسي ۾ بيهي رهيو، ۽ سڀ ماڻهو سؤ سؤ ٿي ۽ هزار هزار ٿي لنگهندا ويا. 5۽ بادشاهہ يوآب، ۽ ابيشيءَ، ۽ اِتيءَ کي حڪم ڏيئي چيو تہ منهنجي خاطر انهيءَ جوان ماڻهوءَ سان، يعني ابي سلوم سان مروت جي هلت ڪجو. ۽ ابي سلوم جي نسبت ۾ جڏهن بادشاهہ سڀني سردارن کي فهمائش ڏني، تڏهن سڀني ماڻهن ٻڌو. 6پوءِ ماڻهو اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ نڪري ميدان تي ويا: ۽ افرائيم جي ٻيلي ۾ جنگ لڳي. 7۽ اتي اسرائيل جي ماڻهن دائود جي نوڪرن جي اڳيان شڪست کاڌي، ۽ انهيءَ ڏينهن تي اتي وڏو ڪوس ٿي گذريو، جو ويهہ هزار ماڻهو مئا. 8ڇالاءِ جو سڄي ملڪ تي جنگ پکڙجي ويئي: ۽ انهيءَ ڏينهن ترار کان وڌيڪ ٻيلو ماڻهو ڳهي ويو. 9۽ اتفاق سان ابي سلوم دائود جي ماڻهن جي منهن پئجي ويو. ۽ ابي سلوم پنهنجي خچر تي چڙهيل هو، ۽ هڪڙي وڏي شاهہ بلوط جي وڻ جي ڏارن هيٺ وڃي نڪتو، ۽ سندس مٿو شاهہ بلوط ۾ ڦاسي پيو، ۽ هو آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ لٽڪي رهيو؛ ۽ خچر جيڪو سندس هيٺان هو، سو اڳتي هليو ويو. 10۽ هڪڙي ماڻهوءَ ڏسي ورتس، ۽ انهيءَ وڃي يوآب کي ٻڌايو ۽ چيائينس تہ ڏس مون ابي سلوم کي هڪڙي شاهہ بلوط ۾ لٽڪندو ڏٺو آهي. 11۽ يوآب انهيءَ خبر ڏيڻ واري ماڻهوءَ کي چيو تہ جڏهن تو انهيءَ کي ڏٺو تڏهن ڇو نہ هن کي ڌڪ هڻي ماري زمين تي ڪيرائي وڌءِ؟ ۽ آءٌ جيڪر توکي ڏهہ چانديءَ جا سڪا، ۽ هڪڙو ڪمربند ڏيان ها. 12۽ انهيءَ ماڻهو يوآب کي چيو تہ مون کي کڻي هزار چانديءَ جا سڪا هٿ ۾ ملن ها تہ بہ آءٌ بادشاهہ جي پٽ تي پنهنجو هٿ نہ هلايان ها: ڇالاءِ جو اسان جي ٻڌندي بادشاهہ توکي، ۽ ابيشيءَ کي، ۽ اِتيءَ کي، تاڪيد ڪري چيو هو تہ خبردار رهجو متان انهيءَ جوان ماڻهوءَ ابي سلوم کي ڪوبہ هٿ لائي. 13نہ تہ جيڪڏهن آءٌ هن جي جان کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪا بي ايمانيءَ جي هلت ڪريان ها، (۽ ڪابہ ڳالهہ بادشاهہ کان لڪل نہ ٿي رهي) تہ جيڪر تون پاڻ پري ٿي بيهين ها. 14تڏهن يوآب چيو تہ انهيءَ طرح آءٌ تو وٽ وڌيڪ ترسي نٿو سگهان. ۽ هن ٽي تير هٿ ۾ کڻي ابي سلوم جي دل مان لنگهائي وڌا، جڏهن اڃا هو جيئرو جاڳندو شاهہ بلوط جي وچ ۾ هو. 15۽ ڏهہ جوان ماڻهو، جي يوآب جا زرهہ بردار هئا، سي ابي سلوم کي چوڌاري ڦري آيا، ۽ کيس ماري وڌائون. 16پوءِ يوآب قرناءِ وڄائي ۽ ماڻهو جي اسرائيل جي پٺيان ويا هئا، سي موٽي آيا: ڇالاءِ جو يوآب ماڻهن کي روڪي ڇڏيو. 17۽ هنن ابي سلوم کي کنيو ۽ ٻيلي ۾ هڪڙيءَ وڏيءَ کڏ ۾ اُڇلائي وڌائونس، ۽ مٿانئس پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيائون: ۽ سڀ اسرائيلي ڀڄي پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ڏي ويا. 18هاڻي ابي سلوم پنهنجي جيئري هڪڙو ٿنڀ، جو بادشاهہ جي واديءَ ۾ آهي، پنهنجي لاءِ کڙو ڪيو هو: ڇالاءِ جو هن چيو تہ مون کي ڪو پٽ ڪونهي جو منهنجي نالي جي يادگيري قائم رکي: ۽ انهيءَ ٿنڀ تي هن پنهنجو نالو رکيو: ۽ اُهو اڄ ڏينهن تائين ابي سلوم جي يادگار سڏبو آهي.
19تنهن کان پوءِ صدوق جي پٽ اخيمعض چيو تہ هاڻي مون کي موڪل ڏي تہ ڊوڙي وڃي بادشاهہ کي خبر ڏيان تہ ڪيئن خداوند سندس دشمنن کان وير ورتو آهي. 20۽ يوآب هن کي چيو تہ اڄ تون اها خبر نہ کڻي وڃ، پر ڪنهن ٻئي ڏينهن اها کڻي وڃجانءِ، اڄ هن ڪري خبر نہ کڻي وڃ جو بادشاهہ جو پٽ مري ويو آهي. 21تڏهن يوآب ڪوشيءَ کي چيو تہ جيڪي تو ڏٺو آهي سو وڃي بادشاهہ کي ٻڌاءِ. ۽ ڪوشي يوآب کي سجدو ڪري اُٿي ڀڳو. 22تڏهن صدوق جي پٽ اخيمعض وري بہ يوآب کي چيو تہ ڪجهہ بہ ٿي پوي تہ بہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ بہ انهيءَ ڪوشيءَ جي پٺيان ڊوڙي وڃان. ۽ يوآب چيو تہ اي منهنجا پٽ جڏهن تون ڏسين ٿو، تہ انهيءَ خبر ڏيڻ لاءِ توکي ڪوبہ انعام نہ ملندو تڏهن ڇو ٿو وڃين؟ 23پر هن چيو تہ ڪجهہ بہ ٿي پوي تہ بہ آءٌ ويندس. ۽ هن چيس تہ ڊوڙي وڃ. تڏهن اخيمعض ميدان وارو رستو ڏئي اُٿي ڀڳو ۽ انهيءَ ڪوشيءَ کان اڳي نڪري ويو.
24هاڻي دائود ٻن درن جي وچ ۾ ويٺو هو: ۽ پهري وارو دروازي جي ڇت تي چڙهي ڀت تائين ويو، ۽ اکيون مٿي کڻي نهاري ڏسي تہ هڪڙو ماڻهو اڪيلو ڊوڙي پيو اچي. 25۽ پهري واري رڙ ڪري بادشاهہ کي ٻڌايو، ۽ بادشاهہ چيو تہ جي اهو اڪيلو آهي تہ سندس وات ۾ خبر آهي، ۽ هو تکو ڊوڙندو آيو ۽ اچي ويجهو پيو. 26۽ پهري واري ٻئي ماڻهو کي بہ ڊوڙندو ايندو ڏٺو: ۽ پهري واري دربان کي سڏي چيو تہ ڏس ٻيو ماڻهو بہ اڪيلو ڊوڙندو اچي. تڏهن بادشاهہ چيو تہ هو بہ خبر ٿو آڻي. 27۽ پهري واري چيو تہ منهنجي خيال ۾ جيڪو اڳي ڊوڙندو اچي سو صدوق جي پٽ اخيمعض جهڙو ٿو ڊوڙي، ۽ بادشاهہ چيو تہ اهو چڱو ماڻهو آهي، ۽ چڱي خبر ٿو آڻي. 28۽ اخيمعض وڏي سڏ بادشاهہ کي چيو تہ ٻيو سڀ خير آهي. ۽ هن منهن زمين تي رکي بادشاهہ جي اڳيان سجدو ڪيو، ۽ چوڻ لڳو تہ خداوند تنهنجو خدا برڪت وارو هجي، جو جن ماڻهن منهنجي ڌڻي بادشاهہ تي پنهنجو هٿ کنيو تن کي هن اسان جي حوالي ڪيو آهي. 29تڏهن بادشاهہ چيو تہ اُهو جوان ماڻهو ابي سلوم تہ سلامت آهي؟ ۽ اخيمعض ورندي ڏني تہ جڏهن يوآب بادشاهہ جي ٻانهي کي، يعني مون تنهنجي ٻانهي کي روانو ڪيو، تڏهن مون هڪڙو وڏو گوڙ ڏٺو، پر مون کي خبر نہ پيئي تہ ڇا جو هو. 30۽ بادشاهہ چيو تہ پاسي ٿي هيڏي بيهي رهہ. ۽ هو ماٺ ڪري پاسي تي بيهي رهيو. 31۽ ڏس، اُهو ڪوشي آيو؛ ۽ ڪوشيءَ چيو تہ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جي لاءِ خبر: ڇالاءِ جو خداوند اڄوڪي ڏينهن تنهنجو وير سڀني ماڻهن کان ورتو آهي جن تنهنجي برخلاف ڪمر ٻڌي هئي. 32۽ بادشاهہ ڪوشيءَ کي چيو تہ جوان ماڻهو ابي سلوم سان تہ خير آهي؟ ۽ ڪوشيءَ ورندي ڏني تہ منهنجي ڌڻي بادشاهہ جا دشمن، ۽ جي توکي ايذاءُ رسائڻ لاءِ تنهنجي برخلاف کڙا ٿين، تن جو شل اهڙو حال ٿئي جهڙو انهي جوان ماڻهو جو ٿيو آهي. 33تڏهن بادشاهہ ڏاڍو بي آرام ٿيو، ۽ دروازي جي مٿان جا جاءِ هئي تنهن ۾ وڃي روئڻ لڳو: ۽ ويندي هيئن چوندو ويو تہ اي منهنجا پٽ ابي سلوم، منهنجا پٽ، منهنجا پٽ ابي سلوم، شل آءٌ تنهنجي بدران مران ها تہ چڱو هو، هاءِ ابي سلوم، منهنجا پٽ، منهنجا پٽ!
Currently Selected:
2 - سموئيل 18: SB62
Highlight
Share
Copy
![None](/_next/image?url=https%3A%2F%2Fimageproxy.youversionapi.com%2F58%2Fhttps%3A%2F%2Fweb-assets.youversion.com%2Fapp-icons%2Fen.png&w=128&q=75)
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.