YouVersion Logo
Search Icon

2 - سموئيل 17

17
1تنهن کان سواءِ اخيتفل ابي سلوم کي چيو تہ هاڻي ڇڏ تہ آءٌ ٻارهن هزار ماڻهو چونڊي ڪڍان، ۽ اُٿي اڄ رات ئي دائود جي پٺيان پوان: 2۽ اڃا هو ٿڪل ۽ ڪمزور هوندو تہ مٿانئس وڃي پوندس، ۽ ڊيڄاريندوسانس: ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس آهن سي سڀ ڀڄي ويندا؛ ۽ آءٌ رڳو بادشاهہ کي ماريندس: 3۽ آءٌ سڀ ماڻهو موٽائي تو وٽ وٺي ايندس: جنهن ماڻهوءَ جو تون گهورو آهين، سو اهڙو آهي جهڙو ڄڻ تہ سڀ ماڻهو موٽي مليا: انهيءَ ڪري سڀ ماڻهو صحيح سلامت رهندا. 4۽ اها ڳالهہ ابي سلوم، ۽ اسرائيل جي سڀني بزرگن کي ڏاڍي وڻي.
5تڏهن ابي سلوم چيو تہ هاڻي ارڪي حوسيءَ کي بہ سڏيو، تہ هن جي بہ ٻڌون تہ ڇا ٿو چوي. 6۽ جڏهن حوسي ابي سلوم وٽ آيو تڏهن ابي سلوم چيس تہ اخيتفل هن طرح چيو آهي: اسين هن جي چئي موجب ڪريون يا نہ؟ جي نہ تہ تون چئُہ. 7تڏهن حوسيءَ ابي سلوم کي چيو تہ هن ڀيري اخيتفل جيڪا صلاح ڏني آهي سا چڱي نہ آهي. 8۽ حوسيءَ هيترو بہ وڌيڪ چيو تہ تون پنهنجي پيءُ ۽ سندس ماڻهن کي سڃاڻين ٿو تہ زور ڀريا ماڻهو آهن، ۽ اهي دل ۾ اهڙا چڙيل آهن جهڙي ڪا رڇڻ جهنگ ۾ هجي، جنهن جا ٻچا چورائجي ويا هجن: ۽ تنهنجو پيءُ جنگي مرد آهي، ۽ ماڻهن سان نہ رهندو. 9ڏس، هينئر هو ڪنهن غار ۾، يا ڪنهن ٻئي هنڌ لڪل هوندو: ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن انهن مان ڪي پهرين مارجي ويندا، تڏهن جيڪو اها ڳالهہ ٻڌندو سو چوندو تہ ابي سلوم جي پٺيان جيڪي ماڻهو آهن تن ۾ ڪوس پيو آهي. 10۽ جيڪو بهادر آهي ۽ جنهن جي دل شينهن جي دل جهڙي آهي، سو بہ بلڪل پگهرجي پاڻي ٿي ويندو، ڇالاءِ جو ساري اسرائيل کي خبر آهي تہ تنهنجو پيءُ طاقت وارو ماڻهو آهي، ۽ جيڪي ساڻس آهن سي بهادر ماڻهو آهن. 11پر منهنجي صلاح آهي تہ سڀ اسرائيلي دان کان وٺي بيرسبع تائين، جي سمنڊ جي واريءَ جيترا بيشمار آهن، تن کي گڏ ڪر: ۽ تون پاڻ پنهنجي سر وڃي جنگ ڪر. 12پوءِ جنهن هنڌ هو هٿ ايندو اتي هن تي ڪاهي وينداسين، ۽ ائين مٿس وڃي پونداسين جيئن ماڪ زمين تي پوندي آهي: ۽ هن کي، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ آهن تن مان هڪڙو بہ ڪين ڇڏينداسين. 13تنهن کان سواءِ جي هو ڪنهن شهر ۾ هوندو تہ سڀ اسرائيلي انهيءَ شهر ۾ رسا آڻيندا، ۽ اهو اسين نديءَ ۾ گهلي وجهنداسين، جيسين ڪ هڪڙو بہ ننڍڙو پٿر اُتي نہ رهندو. 14تڏهن ابي سلوم ۽ اسرائيل جي سڀني ماڻهن چيو تہ حوسي ارڪي جي صلاح اخيتفل جي صلاح کان بهتر آهي. ڇالاءِ جو خداوند اهو ارادو ڪيو هو تہ اخيتفل جي چڱي صلاح بہ اجائي ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ هو ابي سلوم تي خرابي آڻي.
15تڏهن حوسيءَ، صدوق ۽ ابياتر ڪاهنن کي چيو، تہ اخيتفل، ابي سلوم ۽ اسرائيل جي بزرگن کي هيءَ ڪ هيءَ صلاح ڏني آهي. ۽ مون فلاڻي صلاح ڏني آهي. 16تنهنڪري هاڻي جلدي ڪر ۽ دائود کي چوائي موڪل تہ اڄوڪي رات بيابانن جي لنگهن تي ٽڪي نہ پئو، پر ڪنهن بہ طرح پار لنگهي وڃو؛ تہ متان بادشاهہ ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس آهن سي سڀ غرق ٿي وڃن. 17هاڻي يونتن ۽ اخيمعض عين راجل جي ويجهو رهيا پيا هئا؛ ۽ هڪڙي نوڪرياڻي وڃي انهن کي خبرچار ڏيندي هئي؛ ۽ اهي وڃي اها بادشاهہ کي ٻڌائيندا هئا: انهيءَ لاءِ تہ ڪو هنن کي شهر ۾ ايندو نہ ڏسي. 18پر هڪڙي ڇوڪر هنن کي ڏسي ورتو، ۽ انهيءَ وڃي ابي سلوم کي ٻڌايو: ۽ هو ٻئي تڪڙا هليا ويا ۽ بحوريم ۾ هڪڙي ماڻهو جي گهر آيا، جنهن جي ايوان ۾ هڪڙو کوهہ هو؛ ۽ هو انهيءَ ۾ لهي پيا. 19۽ سندس زال هڪڙو پردو کڻي کوهہ جي منهن تي وڇائي ڇڏيو، ۽ انهيءَ جي مٿان ڏريل اَن پکيڙي ڇڏيائين؛ تنهنڪري ڪابہ خبر ڪانہ ٿي پيئي. 20۽ ابي سلوم جا نوڪر انهيءَ گهر ۾ انهيءَ زال وٽ آيا؛ ۽ چوڻ لڳا تہ اخيمعض ۽ يونتن ڪٿي آهن؟ ۽ انهيءَ زال ورندي ڏني تہ هو نهر جي پار لنگهي ويا؛ پوءِ هنن انهن کي ڳولهيو پر نہ لڌائون، تڏهن هو موٽي يروشلم ۾ آيا. 21۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو روانا ٿيا تڏهن اهي انهيءَ کوهہ مان نڪتا، ۽ وڃي دائود بادشاهہ کي خبر ڏنائون، ۽ انهن دائود کي چيو تہ اُٿو، جلدي اهو پاڻي لنگهي پار ٿيو: ڇالاءِ جو اخيتفل اوهان جي نسبت ۾ اها صلاح ڏني آهي. 22تڏهن دائود ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي سڀ اُٿيا، ۽ يردن لنگهي پار ٿيا: صبح جي سوجهري ٿيڻ وقت ڌاري هڪڙو بہ ڪونہ بچيو جو يردن لنگهي هن ڀر نہ ويو. 23۽ جڏهن اخيتفل ڏٺو تہ سندس صلاح تي نہ هليا آهن، تڏهن هن پنهنجي گڏهہ تي هنو رکيو، ۽ اُٿي پنهنجي شهر ڏي ويو، ۽ وڃي گهر پهتو، ۽ پنهنجي گهر جو بندوبست ڪري پاڻ کي ڦاسي ڏئي لڙڪائي ڇڏيائين؛ ۽ هو مري ويو، ۽ پنهنجي پيءُ جي قبر ۾ دفن ڪيو ويو.
24پوءِ دائود محنايم ۾ آيو، ۽ ابي سلوم ۽ جيڪي اسرائيل جا ماڻهو ساڻس هئا سي سڀ يردن لنگهي هن ڀر ٿيا. 25۽ ابي سلوم يوآب جي بجاءِ عماسا کي لشڪر جي مٿان مقرر ڪيو. هاڻي عماسا اترا نالي اسرائيليءَ جو پٽ هو، جو يوآب جي ماءُ، ضروياہ جي ڀيڻ ناحس جي ڌيءَ ابيجيل سان سُتو هو. 26۽ اسرائيل ۽ ابي سلوم جلعاد جي ملڪ ۾ اچي تنبو هنيا.
27۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود محنايم ۾ آيو تڏهن سوبي بن ناحش، جو بني عمون واري ربہ جو ويٺل هو، ۽ مڪير بن عمي ايل، جو لودبار جو ويٺل هو. ۽ برزلي جلعادي، جو راجليم جو ويٺل هو، 28اهي کٽولا ۽ باسڻ، ۽ مٽيءَ جا ٿانوَ، ۽ ڪڻڪ، ۽ جَوَ، ۽ اٽو، ۽ ستون، ۽ چونرا، ۽ مانهن، ۽ ڀُڳل دال، 29۽ ماکي، ۽ مکڻ، ۽ رڍون، ۽ ڳائو پنير، دائود جي، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن جي کائڻ لاءِ کڻي آيا، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ ماڻهو بيابان ۾ بکايل، ۽ ٿڪل، ۽ اُڃايل آهن.

Currently Selected:

2 - سموئيل 17: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in