2 - سموئيل 16
16
1۽ جڏهن دائود چاڙهيءَ جي چوٽيءَ تان ٿورو اڳتي هليو، تڏهن ڏس، مفيبوست جو ٻانهو ضيبا ٻن زين پيلن گڏهن سان هن کي گڏيو، ۽ انهن تي ٻہ سؤ مانيون، ۽ هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا، ۽ هڪ سؤ آرڙهہ جا ميوا، ۽ هڪڙي سانداري شراب جي رکيل هئي. 2۽ بادشاهہ ضيبا کي چيو تہ انهن شين مان تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟ ۽ ضيبا چيو تہ گڏهہ بادشاهہ جي گهر جي ڀاتين جي سواري لاءِ آهن، ۽ ماني ۽ آرڙهہ وارا ميوا جوان ماڻهن جي کائڻ لاءِ آهن؛ ۽ شراب انهيءَ لاءِ آهي تہ جيڪي بيابان ۾ ٿڪجي پون سي پيئن. 3۽ بادشاهہ چيو تہ تنهنجي ڌڻيءَ جو پٽ ڪٿي آهي؟ ۽ ضيبا بادشاهہ کي چيو تہ ڏس، هو يروشلم ۾ ٿو رهي: ڇالاءِ جو هن چيو تہ اڄ اسرائيل جو گهراڻو مون کي پنهنجي پيءُ جي بادشاهي موٽائي ڏيندو. 4تڏهن بادشاهہ ضيبا کي چيو تہ ڏس جيڪي مفيبوست جو آهي سو سڀ تنهنجو آهي، ۽ ضيبا چيو تہ آءٌ تعظيم بجا ٿو آڻيان: اي منهنجا سائين، اي بادشاهہ، شل آءٌ تنهنجي نظر ۾ مان لهان.
5۽ جڏهن بادشاهہ دائود بحوريم ۾ آيو تڏهن ڏس، سائول جي گهراڻي جي قبيلي مان هڪڙو ماڻهو نڪري آيو، جنهن جو نالو سمعي بن جيرا هو: اهو جيئن آيو ٿي تيئن لعنتون وجهندو آيو. 6۽ هن دائود تي، ۽ بادشاهہ دائود جي سڀني نوڪرن تي پهڻ اُڇلايا: ۽ سڀ ماڻهو، ۽ سڀ بهادر مرد هن جي سڄي هٿ پاسي ۽ کٻي هٿ پاسي هئا. 7۽ سمعي لعنت وجهندي هيئن ٿي چيو تہ اي خوني شخص، اي شيطان آدمي، نڪري وڃ، نڪري وڃ، 8خداوند سائول جي گهراڻي جو خون سمورو ئي موٽائي تو تي آڻي وڌو آهي، جنهن سائول جي جاءِ تي تو بادشاهي پئي ڪئي آهي؛ ۽ خداوند بادشاهي تنهنجي پٽ ابي سلوم جي هٿن ۾ ڏني آهي: ۽ ڏس، تون پنهنجيءَ خرابي ۾ پاڻ ڦاٿو آهين، ڇالاءِ جو تون خوني آهين. 9تڏهن ابيشيءَ بن ضروياہ بادشاهہ کي چيو تہ هي مُئل ڪتو ڇو ٿو منهنجي ڌڻي بادشاهہ تي لعنت وجهي؟ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ وڃي هن جي سسي لاهيان. 10۽ بادشاهہ چيو تہ اي ضروياہ جا پٽ، منهنجو اوهان سان ڇا وڃي؟ هو لعنت انهيءَ ڪري ٿو ڪري جو خداوند هن کي چيو آهي تہ دائود تي لعنت ڪر؛ تڏهن ڪير چوندو تہ تو ڇو هيئن ڪيو آهي؟ 11۽ دائود ابيشيءَ کي ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن کي چيو تہ ڏس، منهنجو پٽ جو منهنجن آنڊن مان نڪتو آهي، سو منهنجي مارڻ جي پٺيان آهي: تڏهن هاڻي هي بنيميني ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪري ٿو سگهي؟ ڇڏي ڏيوس تہ ڀلي پيو لعنت وجهي؛ ڇالاءِ جو خداوند هن کي حڪم ڏنو آهي. 12امڪان آهي تہ جيڪو ايذاءُ مون کي پهتو آهي تنهن تي خداوند نظر ڪري، ۽ هن جي مون تي لعنت وجهڻ ڪري خداوند عيوض ۾ منهنجو ڀلو ڪري. 13پوءِ دائود پنهنجن ماڻهن سميت پنهنجي واٽ وٺي هليو ويو: ۽ سمعي سندس سامهون ٽڪر جو پاسو ڏئي هليو ويو، ۽ ويندي هن تي لعنتون وجهندو، ۽ هن کي پهڻ هڻندو، ۽ هن ڏي مٽي اُڇلائيندو هليو ويو. 14۽ بادشاهہ ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي ٿڪجي ٽٽجي آيا؛ ۽ هن اُتي آرام وٺي پاڻ تازو ڪيو.
15۽ ابي سلوم ۽ اسرائيل جا سڀ ماڻهو، يروشلم ۾ آيا، ۽ اخيتفل بہ ساڻس هو. 16۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود جو دوست حوسي ارڪي ابي سلوم وٽ آيو، تڏهن حوسي ابي سلوم کي چيو تہ خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي، خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي. 17۽ ابي سلوم حوسيءَ کي چيو تہ پنهنجي دوست سان اها مهرباني ٿو ڪرين ڇا؟ ڇو تون پنهنجي دوست سان گڏجي نہ وئين؟ 18۽ حوسيءَ ابي سلوم کي چيو تہ ائين ناهي؛ آءٌ انهيءَ جو ٿيندس، ۽ انهي سان گڏ رهندس، جنهن کي خداوند، ۽ هيءَ قوم، ۽ اسرائيل جا سڀ ماڻهو پسند ڪندا. 19۽ وري آءٌ ڪنهن جي خدمت ڪريان؟ آءٌ هن جي پٽ جي اڳيان خدمت نہ ڪريان ڇا؟ جيئن مون تنهنجي پيءُ جي اڳيان خدمت پي ڪئي آهي، تيئن آءٌ تنهنجي اڳيان بہ ڪندس. 20تڏهن ابي سلوم، اخيتفل کي چيو تہ اوهين صلاح ڏيو تہ اسين ڇا ڪريون. 21۽ اخيتفل ابي سلوم کي چيو تہ تون پنهنجي پيءُ جي سريتن وٽ وڃ، جي هن گهر جي سنڀال لاءِ ڇڏيون آهن؛ ۽ سڀ اسرائيلي ٻڌندا تہ تنهنجي پيءُ کي توکان نفرت آهي: تڏهن جيڪي ماڻهو توسان آهن تن جا هٿ مضبوط ٿيندا: 22پوءِ هنن ابي سلوم جي لاءِ گهر جي ڇت تي هڪڙو تنبو کوڙيو؛ ۽ ابي سلوم ساري اسرائيل جي روبرو پنهنجي پيءُ جي سريتن وٽ ويو. 23انهن ڏينهن ۾ اخيتفل جيڪا صلاح ڏيندو هو سا اهڙي هوندي هئي جهڙي ڪو ماڻهو خدا جي ڪلام کان پڇي: اخيتفل جي سڀڪا صلاح دائود جي برخلاف ابي سلوم جي لاءِ اهڙي ئي هوندي هئي.
Currently Selected:
2 - سموئيل 16: SB62
Highlight
Share
Copy
![None](/_next/image?url=https%3A%2F%2Fimageproxy.youversionapi.com%2F58%2Fhttps%3A%2F%2Fweb-assets.youversion.com%2Fapp-icons%2Fen.png&w=128&q=75)
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.