۽ دائود ابيشيءَ کي ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن کي چيو تہ ڏس، منهنجو پٽ جو منهنجن آنڊن مان نڪتو آهي، سو منهنجي مارڻ جي پٺيان آهي: تڏهن هاڻي هي بنيميني ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪري ٿو سگهي؟ ڇڏي ڏيوس تہ ڀلي پيو لعنت وجهي؛ ڇالاءِ جو خداوند هن کي حڪم ڏنو آهي. امڪان آهي تہ جيڪو ايذاءُ مون کي پهتو آهي تنهن تي خداوند نظر ڪري، ۽ هن جي مون تي لعنت وجهڻ ڪري خداوند عيوض ۾ منهنجو ڀلو ڪري.