2 - سموئيل 1
1
1۽ سائول جي مرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود عماليقين جي ڪوس کان موٽي آيو، تڏهن هو ٻہ ڏينهن صقلاج ۾ رهيو؛ 2۽ ٽئين ڏينهن هڪڙو ماڻهو سائول جي لشڪرگاهہ مان ڦاٽل ڪپڙن سان مٽي مٿي تي وجهي اُتي آيو: ۽ جڏهن هو دائود وٽ پهتو تڏهن زمين تي ڪري هن کي سجدو ڪيائين. 3۽ دائود کيس چيو تہ تون ڪٿان ٿو اچين؟ هن چيس تہ آءٌ اسرائيل جي لشڪرگاهہ مان ڀڄي آيو آهيان. 4تڏهن دائود چيس تہ ڳالهہ ڪيئن آهي؟ ڀلائي ڪري مون کي ٻڌاءِ. هن ورندي ڏني تہ ماڻهو جنگ مان ڀڄي ويا، ۽ انهن مان گهڻا ڪري مري بہ ويا آهن؛ ۽ سائول ۽ سندس پٽ يونتن بہ مري ويا آهن. 5جنهن جوان ماڻهوءَ خبر ڏنس، تنهن کي دائود چيو تہ تون ڪيئن ٿو ڄاڻين تہ سائول ۽ سندس پٽ يونتن مري ويا آهن؟ 6۽ هن جوان ماڻهوءَ چيو تہ اتفاق سان جڏهن آءٌ جلبوعہ جبل تي ويس تڏهن ڏسان تہ سائول پنهنجي نيزي کي ٽيڪ ڏيو بيٺو آهي؛ ۽ ڏس، گاڏيون ۽ گهوڙي سوار بنهہ سندس پٺيان لڳا اچن. 7۽ جڏهن هن منهن ورائي نهاريو تڏهن مون کي ڏسي سڏيائين: ۽ مون ورندي ڏئي چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان. 8۽ هن مون کي چيو تہ تون ڪير آهين؟ مون ورندي ڏني مانس تہ آءٌ عماليقي آهيان. 9۽ هن مون کي چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ بيهہ ۽ مون کي قتل ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ مصيبت ۾ آهيان، ۽ مون ۾ اڃا جان آهي. 10تڏهن آءٌ وڃي سندس پاسي ۾ بيٺس ۽ کيس قتل ڪيم، جو مون کي پڪ هئي تہ ڪرڻ کان پوءِ هو جيئرو رهي نہ سگهندو: پوءِ مون سندس مٿي تان ڇٽ لاهي، ۽ سندس ٻانهن مان ڪنگڻ لاهي ورتو، ۽ اهي آءٌ هتي پنهنجي ڌڻيءَ وٽ کڻي آيو آهيان. 11تڏهن دائود پنهنجا ڪپڙا کڻي ڦاڙيا؛ ۽ جيڪي ٻيا ماڻهو ساڻس هئا، تن بہ ائين ئي ڪيو: 12۽ هنن ماتم ڪيو ۽ رنائون، ۽ سائول ۽ سندس پٽ يونتن، ۽ خداوند جي قوم، ۽ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ شام تائين روزو رکيائون؛ ڇالاءِ جو هو ترار سان مارجي ويا هئا. 13۽ جنهن جوان ماڻهوءَ اها ڳالهہ ڪئي تنهن کي دائود چيو تہ تون ڪٿان جو آهين؟ هن جواب ڏنو تہ آءٌ هڪڙي پرديسيءَ جو پٽ آهيان، ۽ عماليقي آهيان. 14دائود هن کي چيو تہ تون ڪيئن خداوند جي مسح ٿيل کي مارڻ لاءِ هٿ ڊگهيرڻ کان نہ ڊنين؟ 15پوءِ دائود هڪڙي جوان ماڻهوءَ کي سڏي چيو تہ ويجهو وڃي هن ماڻهوءَ تي حملو ڪر. ان موجب هن انهيءَ کي ڌڪ هڻي ماري وڌو. 16۽ دائود هن کي چيو تہ تنهنجو خون تنهنجي گردن تي هجي: ڇالاءِ جو تو پاڻ شاهدي ڏني آهي، ۽ چيو اٿئي تہ مون خداوند جي مسح ڪيل کي قتل ڪيو آهي.
17۽ دائود سائول ۽ سندس پٽ يونتن جي ماتم ۾ هي مرثيو ڳايو: 18۽ ماڻهن کي حڪم ڪيائين تہ بني يهوداہ کي ڪمان جو راڳ سيکارين: ڏس، اهو ياشر جي ڪتاب ۾ لکيل آهي.
19اي اسرائيل تنهنجو فخر مٿانهن هنڌن تي ڪُٺو پيو آهي!
بهادر ڪيئن نہ ڪري پيا آهن!
20جات ۾ اها ڳالهہ نہ ٻڌاءِ، اسقلون جي گهٽين ۾ اها پڌري نہ ڪر؛ تہ متان فلستين جون ڌيئرون خوشيون ڪن، متان اڻطهريلن جون ڌيئرون فخر ڪن. 21اي جلبوعہ جا جبلو، ڀلي تہ اوهان تي ماڪ يا مينهن نہ پئي، ۽ نذرانن جون ٻنيون نہ ٿين: ڇالاءِ جو اتي بهادرن جي سپر ڪميڻائيءَ سان اُڇلائي ڇڏي وئي، يعني سائول جي سپر ڄڻ تہ اها بي مسح جي هئي. 22ڪُٺلن جي رت مان ۽ بهادرن جي چرٻيءَ مان، يونتن جي ڪمان پٺتي نہ موٽي، ۽ سائول جي ترار خالي نہ موٽي. 23سائول ۽ يونتن پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ مزي جهڙا ۽ وڻندڙ هئا، ۽ مرڻ وقت بہ هو جدا نہ ٿيا، هو عقابن کان بہ تکا هئا، هو شينهن کان بہ زور وارا هئا. 24اي اسرائيل جون ڌيئرون، اوهين سائول تي روئو، جنهن اوهان کي کهنبا ڪپڙا نزاڪت سان ڍڪايا، جنهن اوهان جي پوشاڪ تي سون جا زيور رکيا. 25جنگ ڪندي ڪيئن نہ بهادر ڪري پيا آهن! يونتن تنهنجن مٿانهن هنڌن تي قتل ٿيو آهي. 26اي منهنجا ڀاءُ يونتن مون کي تنهنجو ڏاڍو ڏک آهي: تون مون کي ڏاڍو وڻندو هئين: تنهنجي محبت مون سان عجب جهڙي هئي، زالن جي محبت کان بہ وڌيڪ هئي. 27بهادر ڪيئن نہ ڪري پيا آهن، ۽ جنگ جا هٿيار نابود ٿي پيا آهن.
Currently Selected:
2 - سموئيل 1: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.