1 - سموئيل 31
31
1هاڻي فلستي اسرائيل سان وڙهيا: ۽ اسرائيل جا ماڻهو فلستين جي اڳيان ڀڄي ويا ۽ جلبوعہ جبل تي قتل ٿي ڪري پيا. 2۽ فلستي سائول ۽ سندس پٽن جي پٺيان پيا، ۽ کين تنگ ڪيائون: ۽ فلستين يونتن ۽ ابينداب، ۽ ملڪيشوع، جي سائول جا پٽ هئا تن کي قتل ڪيو. 3۽ جنگ تمام سختيءَ سان سائول جي برخلاف ويئي ۽ تيرانداز وڃي هن کي پهتا؛ ۽ انهن تيراندازن جي ڪري هن کي نهايت گهڻي تڪليف پهتي. 4تڏهن سائول پنهنجي زرهہ بردار کي چيو، تہ پنهنجي ترار ڪڍ، ۽ منهنجي آرپار لنگهائي ڏي؛ تہ متان هي اڻطهريل اچن، ۽ مون کي ونڌي ڇڏين، ۽ مون کي بي عزت ڪن. پر هن جي زرهہ بردار ائين ڪرڻ نہ گهريو؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍو ڊنو، تنهنڪري سائول پاڻ پنهنجي ترار کنئي ۽ انهي تي ڪري پيو. 5۽ جڏهن هن جي زرهہ بردار ڏٺو تہ سائول مري ويو آهي، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجي ترار تي ڪري پيو، ۽ انهي سان گڏ مئو. 6انهي طرح سائول ۽ سندس ٽيئي پٽ، ۽ سندس زرهہ بردار، ۽ سندس سڀ ماڻهو ساڳئي ڏينهن گڏ مئا. 7۽ اسرائيل جا ماڻهو جي واديءَ جي هن پاسي هئا، ۽ اُهي جي يردن جي هن ڀر هئا، تن جڏهن ڏٺو تہ اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي ويا آهن، ۽ سائول ۽ سندس پٽ بہ مري ويا آهن، تڏهن هو شهر ڇڏي اُٿي ڀڳا؛ ۽ فلستي اچي انهن ۾ رهڻ لڳا.
8۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ جڏهن فلستي قتل ٿيل ماڻهن جي لٽڻ لاءِ آيا، تڏهن ڏسن تہ سائول ۽ سندس ٽيئي پٽ جلبوعہ جبل تي مئا پيا آهن. 9تڏهن هنن انهي جي سسي وڍي ڌار ڪئي، ۽ سندس بت تان زرهہ بہ لاٿائون، ۽ اُهي هنن فلستين جي ملڪ ۾ موڪلي ڏنا، تہ ڀلي سندن بُت خاني، ۽ ماڻهن کي اها خبر ملي. 10۽ هنن سندس زرهہ عستارات جي گهر ۾ رکي: ۽ سندس لاش بيت شان جي ديوار تي ٺوڪي قابو ڪيو. 11۽ جڏهن يبيس جلعاد جي رهاڪن ٻڌو تہ فلستين سائول سان ڇا ڪيو آهي، 12تڏهن سڀ بهادر مرد اُٿيا، ۽ ساري رات پنڌ ڪري وڃي سائول جي لاش، ۽ سندس پٽن جا لاشا بيت شان جي ديوار تان لاٿائون؛ ۽ يبيس ۾ اچي انهن کي ساڙي ڇڏيائون. 13۽ انهن جون هڏيون کڻي يبيس واري لئيءَ جي وڻ هيٺ دفن ڪيائون، ۽ ست ڏينهن روزو رکيائون.
Currently Selected:
1 - سموئيل 31: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.