YouVersion Logo
Search Icon

1 - سموئيل 30

30
1۽ هيئن ٿيو تہ ٽئين ڏينهن جڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو صقلاج ۾ آيا، تڏهن عماليقين ڏکڻ تي ۽ صقلاج تي ڪاهہ ڪئي هئي، ۽ صقلاج کي ڦري لٽي باهہ ڏئي ساڙي ڇڏيو هئائون؛ 2۽ سڀ زالون، ۽ جيڪي ننڍا وڏا اُن ۾ هئا، تن کي قيد ڪيو هئائون: هنن ڪنهن کي بہ قتل نہ ڪيو، مگر هنن کي کڻي هليا ويا هئا. 3۽ جڏهن دائود پنهنجن ماڻهن سميت شهر ۾ آيو تڏهن ڏسن تہ اُهو باهہ سان سڙيو چٽ ٿيو پيو آهي؛ ۽ سندن زالون، ۽ سندن پٽ، ۽ سندن ڌيئرون قيد ٿي کڄي ويون آهن. 4تڏهن دائود ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن ايترو زور سان رُنو جو وڌيڪ روئڻ جي طاقت نہ رهين. 5۽ دائود جون ٻئي زالون اخي نوعم جا يزرعيلڻ هئي، ۽ ابيجيل، جا اڳي ڪرملي نابال جي زال هئي، اهي بہ قيد ٿيون هيون. 6۽ دائود کي ڏاڍو ڏک ٿيو؛ ڇالاءِ جو ماڻهن هن کي سنگسار ڪرڻ جي ڳالهہ پئي ڪئي، جو سڀ ماڻهو پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جي لاءِ غمگين هئا: پر دائود پاڻ کي خداوند پنهنجي خدا ۾ مضبوط ڪيو.
7۽ دائود اخيملڪ جي پٽ ابي ياتر کي چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي افود آڻي ڏي. ۽ ابي ياتر افود دائود وٽ کڻي آيو. 8۽ دائود خداوند کي سوال ڪري چيو تہ جيڪڏهن آءٌ هن لشڪر جي پٺيان پوندس تہ انهي کي پهچي سگهندس يا نہ؟ ۽ هن جواب ڏنس تہ پٺيان پئين: جو تون ضرور وڃي پهچندين، ۽ يقيناً سڀ ڪجهہ انهن کان وري بہ ڇڏائي وٺندين. 9تڏهن دائود، جيڪي ڇهہ سؤ ماڻهو ساڻس هئا، تن سميت اُٿي هليو، ۽ بسور جي نهر وٽ آيو، ۽ جيڪي پٺ تي ڇڏيا ويا هئا، سي اُتي ترسي پيا. 10پر دائود پنهنجن چئن سوَن ماڻهن سان اڳتي هليو: ڇالاءِ جو ٻہ سؤ، جي اهڙا ٿڪجي پيا هئا جو بسور جي نهر جي پار نہ وڃي سگهيا، سي پٺتي رهجي ويا: 11۽ هنن ميدانن ۾ هڪڙو مصر جو ماڻهو ڏٺو، تنهن کي وٺي دائود وٽ آندائون، ۽ انهي کي، ماني کارايائون، ۽ پاڻي پياريائون؛ 12۽ هن کي انجيرن جي ٽڪيءَ جو ٽڪر ۽ ڪشمش جا ٻہ ڇڳا ڏنائون؛ ۽ جڏهن هن کائي بس ڪيو تڏهن ساهہ پٽيائين. ڇالاءِ جو هن ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون نڪا ماني کاڌي هئي، نڪو پاڻي پيتو هئائين. 13۽ دائود هن کي چيو تہ تون ڪنهن جو ماڻهو آهين؟ ۽ ڪٿان ٿو اچين؟ تڏهن هن چيو تہ آءٌ مصر جو هڪڙو جوان آهيان، ۽ هڪڙي عماليقي جو غلام آهيان؛ ۽ منهنجو ڌڻي مون کي ڇڏي هليو ويو، جو ٽيون ڏينهن آءٌ بيمار ٿي پيس. 14اسان ڪريتن جي ڏکڻ واري پاسي تي، ۽ يهوداہ جي سرحد تي ۽ ڪالب جي ڏکڻ تي چڙهائي ڪئي؛ ۽ صقلاج کي باهہ ڏيئي ساڙيوسين. 15۽ دائود هن کي چيو تہ تون مون کي انهي لشڪر وٽ وٺي هلندين؟ ۽ هن چيو تہ خدا جو قسم کڻي مون کي چئُہ تہ تون نہ مون کي قتل ڪندين، ۽ نہ منهنجي ڌڻيءَ جي حوالي ڪندين، تہ پوءِ آءٌ توکي انهي لشڪر وٽ وٺي هلندس. 16۽ جڏهن هو انهي کي اُتي وٺي آيو تڏهن ڏسن تہ هو سڀ زمين تي پکڙيا ويٺا آهن، ۽ پيا کائن، ۽ پيئن، ۽ مزا ماڻين، ڇالاءِ جو هنن فلستين جي ملڪ مان، ۽ يهوداہ جي ملڪ مان گهڻو لٽ جو مال آندو هو. 17۽ دائود پرهہ ڦٽيءَ کان وٺي ٻئي ڏينهن جي شام تائين انهن کي پئي ماريو: ۽ چئن سوَن جوان ماڻهن کان سواءِ جي اُٺن تي چڙهي اُٿي ڀڳا، انهن مان هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو؛ 18۽ جيڪي عماليقي کڻي ويا هئا سو سڀ دائود وري هٿ ڪيو: ۽ دائود پنهنجون ٻئي زالون بہ ڇڏايون. 19۽ هنن جي ڪابہ شيءِ رهجي نہ ويئي، نہ ننڍي نہ وڏي، نہ پٽ، نہ ڌيئرون، نہ لٽ جو مال، نڪا ٻي ڪا شيءِ، جا هو کڻي ويا هئا؛ سڀيئي دائود موٽائي وٺي آيو. 20۽ دائود سڀ ڌڻ ۽ گلا هٿ ڪيا، جي هنن ٻئي چوپائي مال جي اڳيان ڪاهي کنيا هئا، ۽ چيائين تہ هي دائود جو لٽيل مال آهي. 21۽ دائود اُنهن ٻن سوَن ماڻهن وٽ آيو، جي گهڻي ٿَڪ جي ڪري دائود جي پٺيان اچي نہ سگهيا هئا، ۽ جن کي هو بسور جي نهر وٽ ڇڏي ويا هئا: ۽ اُهي دائود جي استقبال لاءِ ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن سان گڏجڻ لاءِ نڪري اڳي آيا: ۽ جڏهن دائود انهن ماڻهن کي ويجهو آيو، تڏهن انهن کي سلام ڪري حال احوال پڇيائين. 22تڏهن دائود سان گڏ ويلن ماڻهن مان جيڪي شرير ماڻهو، ۽ خبيث هئا، تن ورندي ڏيئي چيو تہ هي اسان سان گڏجي نہ هليا هئا، تنهنڪري جيڪو لٽ جو مال اسان موٽائي هٿ ڪيو آهي، تنهن مان ڪجهہ بہ اسين هنن کي نہ ڏينداسين، رڳو هر ڪنهن کي سندس زال ۽ ٻار ٻچا ڏينداسين، تہ انهن کي وٺي هو هليا وڃن. 23تڏهن دائود چيو تہ اي منهنجا ڀائرو، جنهن خدا اسان کي بچايو آهي، ۽ اسان تي ڪاهہ ڪري آيل لشڪر اسان جي هٿن ۾ ڏنو آهي، تنهن جيڪي اسان کي ڏنو آهي تنهن جي نسبت ۾ اوهين ائين متان ڪريو. 24۽ اوهان جي اها ڳالهہ ڪير ٻڌندو؟ ڇالاءِ جو جيڪو جنگ تي وڃي ٿو تنهن کي بہ اهڙو ئي حصو ملندو جهڙو انهي کي جو سامان وٽ ترسي ويهي رهي ٿو: ٻنهين کي هڪجهڙو حصو ملڻ گهرجي. 25۽ هيئن ٿيو تہ انهي ڏينهن کان وٺي اهو هڪڙو قاعدو ۽ دستور ڪري ڇڏيو ويو، جو اسرائيل ۾ اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.
26۽ جڏهن دائود صقلاج ۾ آيو، تڏهن هن لٽ جي مال مان ڪجهہ يهوداہ جي بزرگن ڏانهن، بلڪ پنهنجن دوستن ڏانهن بہ موڪليو، ۽ چوائي مُڪائين تہ ڏسو، خداوند جي دشمنن جي لٽ جي مال مان اُها اوهان جي لاءِ سوکڙي آهي؛ 27يعني اُنهن ڏي جي بيت ايل ۾، ۽ ڏکڻ واري رامات ۾، ۽ يتير ۾؛ 28۽ عروعير ۾، ۽ سفموت ۾، ۽ استموع ۾؛ 29۽ رڪل ۾، ۽ يرحمئيلين جي شهرن ۾، ۽ قينين جي شهرن ۾، 30۽ حرمہ ۾، ۽ ڪورعاسان ۾، ۽ عتاڪ ۾؛ 31۽ جبرون ۾، ۽ اُنهن سڀني جاين ڏي جتي دائود پاڻ ۽ سندس ماڻهو اڪثر گهمندا ڦرندا هئا.

Currently Selected:

1 - سموئيل 30: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in