YouVersion Logo
Search Icon

1 - سموئيل 29

29
1هاڻي فلستين پنهنجا سڀ لشڪر افيق ۾ آڻي گڏ ڪيا: ۽ اسرائيلين يزرعيل ۾ جيڪو چشمو آهي تنهن جي پاسي ۾ آڻي تنبو هنيا. 2۽ فلستين جا سردار سوَن ۽ هزارن سان لنگهي اڳتي ويا: ۽ دائود پنهنجن ماڻهن سميت اڪيس سان گڏ انهن جي پٺيان هليو. 3تڏهن فلستين جي سردارن چيو تہ هي عبراني هتي ڇا پيا ڪن؟ ۽ اڪيس فلستين جي سردارن کي چيو تہ اهو دائود اسرائيل جي بادشاهہ سائول جو خادم نہ آهي ڇا؟ جو مون سان هيترا ڏينهن ۽ هيترا ورهيہ رهيو آهي، ۽ جڏهن کان هو مون وٽ ڀڄي آيو آهي تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون هن ۾ ڪوبہ عيب ڪونہ ڏٺو آهي؛ 4پر فلستين جا سردار هن تي ڪاوڙيا؛ ۽ فلستين جي سردارن هن کي چيو تہ انهي ماڻهو کي موٽائي، تہ هو وري اُنهي هنڌ وڃي جتي تو هن کي مقرر ڪيو آهي، ۽ هو اسان سان جنگ تي نہ هلي، متان جنگ هلندي هو ڦري اسان جو دشمن ٿي پوي: ڇالاءِ جو ڪهڙيءَ طرح هي شخص پنهنجي ڌڻي سان ٺاهہ ڪندو؟ هنن ماڻهن جي سسين سان تہ نہ ڪندو؟ 5هي اُهو دائود ناهي ڇا، جنهن جي نسبت ۾ هو ناچن وقت هڪٻئي کي ڳائي چوندا هئا تہ سائول هزار ماريا آهن، ۽ دائود لک ماريا آهن؟ 6تڏهن اڪيس دائود کي سڏي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ تون سچو رهيو آهين، ۽ مون سان گڏ تنهنجو لشڪر سان ٻاهر وڃڻ ۽ اندر اچڻ منهنجي نظر ۾ چڱو آهي: ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن تون مون وٽ آيو آهين، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون تو ۾ ڪابہ خرابي ڪانہ ڏٺي آهي: انهي هوندي بہ سردار تو مان راضي نہ آهن. 7تنهنڪري هاڻي صحيح سلامت موٽي هليو وڃ، متان تون فلستين جي سردارن کي رنج ڪرين. 8تڏهن دائود اڪيس کي چيو تہ مون ڇا ڪيو آهي؟ ۽ جيترو وقت آءٌ تو وٽ رهيو آهيان، اوتري وقت ۾ اڄ ڏينهن تائين تو پنهنجي ٻانهي ۾ ڇا ڏٺو آهي، جنهنڪري آءٌ پنهنجي ڌڻي بادشاهہ جي دشمنن سان نہ وڃي وڙهان؟ 9۽ اڪيس دائود کي ورندي ڏيئي چيو تہ مون کي خبر آهي تہ تون منهنجي نظر ۾ خدا جي هڪڙي فرشتي جهڙو چڱو آهين: انهي هوندي بہ فلستين جي سردارن چيو آهي تہ هو اسان سان جنگ تي نہ هلي. 10تنهنڪري هاڻي صبح جو سوير، پنهنجي ڌڻيءَ جي نوڪرن سان اُٿي، سوجهرو ٿيڻ مهل روانو ٿج. 11ان موجب دائود پنهنجن ماڻهن سميت صبح جو سوير اُٿيو، انهي لاءِ تہ فلستين جي ملڪ ڏي موٽي وڃي. ۽ فلستي چڙهي يزرعيل ڏي ويا.

Currently Selected:

1 - سموئيل 29: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in