تڏهن سائول پنهنجي زرهہ بردار کي چيو، تہ پنهنجي ترار ڪڍ، ۽ منهنجي آرپار لنگهائي ڏي؛ تہ متان هي اڻطهريل اچن، ۽ مون کي ونڌي ڇڏين، ۽ مون کي بي عزت ڪن. پر هن جي زرهہ بردار ائين ڪرڻ نہ گهريو؛ ڇالاءِ جو هو ڏاڍو ڊنو، تنهنڪري سائول پاڻ پنهنجي ترار کنئي ۽ انهي تي ڪري پيو. ۽ جڏهن هن جي زرهہ بردار ڏٺو تہ سائول مري ويو آهي، تڏهن هو پاڻ بہ پنهنجي ترار تي ڪري پيو، ۽ انهي سان گڏ مئو.