1 - سموئيل 28
28
1۽ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو تہ فلستين اسرائيل سان وڙهڻ جي لاءِ پنهنجا لشڪر گڏ ڪيا. ۽ اڪيس دائود کي چيو تہ توکي ۽ تنهنجن ماڻهن کي ضرور مون سان گڏجي لشڪر ۾ هلڻو پوندو. 2۽ دائود اڪيس کي چيو تہ پوءِ توکي معلوم ٿيندو تہ تنهنجو ٻانهو ڇا ڪندو. ۽ اڪيس دائود کي چيو تہ انهي ڪري آءٌ توکي هميشہ جي لاءِ پنهنجي جان جو سنڀاليندڙ ڪندس.
3هاڻي سموئيل مري ويو هو، ۽ سڀني اسرائيلين سندس لاءِ ماتم ڪري کيس سندس شهر رامہ ۾ دفن ڪيو هو. ۽ سائول انهن سڀني ڀوپن، ۽ جادوگرن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو هو. 4۽ فلستي گڏ ٿيا ۽ شونيم ۾ تنبو هنيائون: ۽ سائول سڀ اسرائيلي گڏ ڪيا، ۽ اُنهن جلبوعہ ۾ تنبو هنيا. 5۽ جڏهن سائول فلستين جو لشڪر ڏٺو تڏهن ڊنو، ۽ سندس دل تمام گهڻو ڏڪڻ لڳي. 6۽ جڏهن سائول خداوند کي سوال ڪيو تڏهن خداوند هن کي ڪوبہ جواب ڪونہ ڏنو، نہ خوابن جي رستي، نہ اوريم سان، نہ نبين جي وسيلي. 7تڏهن سائول پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ مون کي ڪا اهڙي ڀوپڻ ڳولي ڏيو، تہ آءٌ وٽس وڃي سوال ڪريان. ۽ هن جي نوڪر چيو تہ ڏس، عين دور ۾ هڪڙي ڀوپڻ آهي. 8پوءِ سائول ويس بدلائي ٻيا ڪپڙا ڍڪيا، ۽ ٻہ ماڻهو پاڻ سان وٺي رات جو انهي زال وٽ آيو: ۽ چيائينس تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ تون جنات جي وسيلي مون کي غيب جي خبر ڏي، ۽ جنهن جو نالو آءٌ وٺان تنهن کي مون وٽ مٿي آڻ. 9تڏهن انهي زال چيس تہ ڏس، توکي خبر آهي تہ سائول ڇا ڪيو آهي جو ڀوپن ۽ جادوگرن کي هن ملڪ مان وڍي ڪڍي ڇڏيو آهي: تڏهن ڇو منهنجي مارڻ لاءِ تون هيءَ ڦاهي ٿو وجهين؟ 10۽ سائول خداوند جو قسم کڻي هن کي چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ انهي ڪم جي ڪري توکي ڪابہ سزا نہ ملندي. 11تڏهن انهي زال چيو تہ ڪنهن کي تو وٽ مٿي آڻيان؟ ۽ هن چيو تہ سموئيل کي مون وٽ آڻ. 12۽ جڏهن انهي زال سموئيل کي ڏٺو تڏهن وڏي آواز سان رڙ ڪيائين: ۽ انهي زال سائول کي چيو تہ تو مون سان ڇو ٺڳي ڪئي آهي؟ ڇالاءِ جو تون سائول آهين. 13۽ بادشاهہ هن کي چيو تہ ڊڄ نہ: پر ٻڌاءِ تہ تون ڇا ٿي ڏسين؟ تڏهن زال سائول کي چيو تہ آءٌ هڪڙي معبود کي زمين مان نڪري ايندو ٿي ڏسان. 14۽ هن چيس تہ اُهو ڪهڙي شڪل جو آهي؟ زال چيو تہ هڪڙو ٻڍو ماڻهو چڙهندو ٿو اچي؛ ۽ ان کي هڪڙو چوغو پيل آهي. ۽ سائول سهي ڪيو تہ اهو سموئيل آهي، تڏهن هن پنهنجو منهن جهڪائي زمين تي رکيو، ۽ تعظيم ڏنائينس. 15۽ سموئيل سائول کي چيو تہ تو ڇو منهنجو آرام ڦٽايو آهي، جو مون کي مٿي آندو اٿيئي؟ ۽ سائول ورندي ڏني تہ آءٌ ڏاڍو تنگ آيو آهيان؛ ڇالاءِ جو فلستي مون سان جنگ ٿا ڪن، ۽ خدا مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ مون کي ڪابہ ورندي نٿو ڏئي، نہ نبين جي وسيلي، ۽ نہ خوابن جي رستي: تنهنڪري مون توکي سڏيو آهي تہ مون کي ٻڌاءِ تہ آءٌ ڇا ڪريان. 16۽ سموئيل چيو تہ تڏهن ڇالاءِ تون مون کان پڇين ٿو، جڏهن ڄاڻين ٿو تہ خداوند توکي ڇڏي ڏنو آهي، تنهنجو دشمن ٿيو آهي؟ 17۽ خداوند پنهنجي طرفان ائين ئي ڪيو آهي جيئن هن منهنجي معرفت چيو: ۽ خداوند تنهنجي هٿان بادشاهي کسي تنهنجي پاڙيسريءَ کي، يعني دائود کي ڏئي ڇڏي آهي. 18ڇالاءِ جو تو خداوند جو حڪم نہ مڃيو، ۽ عماليقين سان هن جي سخت ڪاوڙ موافق تو هلت نہ ڪئي، تنهنڪري خداوند اڄ تو سان ائين ئي ڪيو آهي. 19تنهن کان سواءِ، خداوند توکي ۽ اسرائيل کي فلستين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندو: ۽ سڀاڻي تون ۽ تنهنجا پٽ مون سان هوندا: خداوند اسرائيل جو لشڪر بہ فلستين جي هٿن ۾ ڏيندو. 20تڏهن سائول هڪدم زمين تي ڊگهو ٿي ڪري پيو، ۽ سموئيل جي ڳالهين کان ڏاڍو ڊنو: ۽ منجهس ڪابہ طاقت ڪانہ رهي؛ ڇالاءِ جو هن سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات ماني اصل نہ کاڌي. 21پوءِ اُها زال سائول وٽ آئي، ۽ هن کي ڏاڍو پريشان ڏسي چيائينس تہ ڏس، تنهنجي ٻانهيءَ تنهنجي ڳالهہ مڃي آهي، ۽ مون پنهنجو ساهہ تريءَ تي رکي جيڪي تو مون کي چيو سو مون مڃيو آهي. 22تنهنڪري هاڻي آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ تون بہ پنهنجي ٻانهيءَ جي ڳالهہ مڃ، ۽ موڪل ڏي تہ مانيءَ جو هڪڙو گرهہ تنهنجي اڳيان رکان؛ ۽ ڪجهہ کاءُ، تہ واٽ جي لاءِ توکي ڪا طاقت ملي. 23پر هن انڪار ڪري چيو تہ آءٌ ڪين کائيندس. پر هن جي نوڪرن انهي زال سان گڏجي کيس گهڻو زور ڪيو؛ تڏهن هن انهن جي ڳالهہ مڃي ۽ هو زمين تان اُٿي کٽ تي ويٺو. 24۽ انهي زال وٽ هڪڙو ٿلهو گابو گهر ۾ موجود هو؛ جنهن کي هن جهٽ ۾ ڪُهي وڌو؛ ۽ اٽو ڳوهي انهي مان بي خميري مانيون پچايائين: 25پوءِ اُهي هن کڻي آڻي سائول ۽ سندس نوڪرن جي اڳيان رکيون؛ ۽ هنن کاڌو. پوءِ هو اُٿيا، ۽ اُنهي رات پنهنجو رستو وٺي هليا ويا.
Currently Selected:
1 - سموئيل 28: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.