تڏهن سائول پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ مون کي ڪا اهڙي ڀوپڻ ڳولي ڏيو، تہ آءٌ وٽس وڃي سوال ڪريان. ۽ هن جي نوڪر چيو تہ ڏس، عين دور ۾ هڪڙي ڀوپڻ آهي. پوءِ سائول ويس بدلائي ٻيا ڪپڙا ڍڪيا، ۽ ٻہ ماڻهو پاڻ سان وٺي رات جو انهي زال وٽ آيو: ۽ چيائينس تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ تون جنات جي وسيلي مون کي غيب جي خبر ڏي، ۽ جنهن جو نالو آءٌ وٺان تنهن کي مون وٽ مٿي آڻ.