1 - سموئيل 25
25
1۽ سموئيل وفات ڪئي، ۽ سڀ اسرائيلي اچي گڏ ٿيا، ۽ هن لاءِ ماتم ڪرڻ لڳا، ۽ هن کي رامہ ۾ سندس گهر ۾ دفن ڪيائون. ۽ دائود اُٿيو ۽ فاران جي بيابان ڏي ويو.
2۽ معون ۾ هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جي ڪرمل ۾ گهڻي ملڪيت هئي؛ ۽ هو وڏو ماڻهو هو، ۽ ٽي هزار رڍون، ۽ هڪ هزار ٻڪريون هيس: ۽ انهيءَ ڪرمل ۾ پنهنجين رڍن جي اُن پئي ڪتري. 3هاڻي اُنهيءَ ماڻهو جو نالو نابال هو ۽ انهي جي زال جو نالو ابيجيل هو: ۽ اُها زال چڱي سمجهہ واري ۽ خوبصورت هئي، پر اُهو ماڻهو ڄٽ، ۽ بد افعالو هو؛ ۽ اُهو ڪالب جي گهراڻي جو هو. 4۽ دائود بيابان ۾ ٻڌو تہ نابال پنهنجين رڍن جي اُن ٿو ڪتري 5۽ دائود ڏهہ جوان ماڻهو موڪليا، ۽ دائود انهن جوان ماڻهن کي چيو تہ اوهين ڪرمل ڏي چڙهي وڃو، ۽ نابال کي وڃي منهنجي پاران کيڪاريو؛ 6۽ اهو جيڪو سک ۾ ٿو گذاري، تنهن کي چئو، تہ اوهين ٻئي، ۽ اوهان جو گهراڻو، ۽ جيڪي اوهان وٽ آهي، سو سڀ شل سلامت هجي. 7۽ هاڻي مون ٻڌو آهي تہ تو وٽ اُن ڪترڻ وارا آهن: اوهان جا ڌنار هاڻي اسان وٽ رهيا آهن، ۽ اسان اُنهن کي ايذاءُ ڪونہ رسايو، ۽ جيترو وقت هو ڪرمل ۾ هئا اوترو وقت اُنهن جي ڪابہ شيءِ گم نہ ٿي: 8جي تون پنهنجن جوان ماڻهن کان پڇندين تہ اُهي توکي ٻڌائيندا: تنهنڪري ڀلي تہ اُهي جوان ماڻهو تنهنجي نظر ۾ مان لهن؛ ڇالاءِ جو اسين چڱي ڏينهن آيا آهيون: آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي تنهنجي هٿ ۾ اچي سو پنهنجن ٻانهن کي، ۽ پنهنجي پٽ دائود کي ڏيئي ڇڏ. 9۽ جڏهن دائود جا جوان ماڻهو آيا تڏهن انهن دائود جي پاران سندس چيل سڀ ڳالهيون نابال کي ٻڌايون، ۽ پوءِ بس ڪيائون. 10۽ نابال ورندي ڏئي دائود جي نوڪرن کي چيو، تہ دائود ڪير آهي؟ ۽ يسيءَ جو پٽ ڪير آهي؟ اڄ ڪلهہ ڪيترائي اهڙا نوڪر آهن جي پنهنجي پنهنجي ڌڻيءَ کان ڇڄي ڌار ٿا ٿين. 11تڏهن آءٌ پنهنجي ماني، ۽ پنهنجو پاڻي، ۽ پنهنجو گوشت جو مون پنهنجن اُن ڪترڻ وارن جي لاءِ ڪٺو ڪيو آهي سو کڻي انهن کي ڏيئي ڇڏيان ڇا، جن جي مون کي ڪابہ خبر ڪانهي تہ ڪٿان جا آهن؟ 12تنهن تي دائود جا جوان ماڻهو پنهنجو رستو وٺي موٽي هليا ويا، ۽ اچي اهي سڀ ڳالهيون هن کي ٻڌايائون. 13۽ دائود پنهنجن ماڻهن کي چيو تہ هرڪو ماڻهو پنهنجي ترار ٻڌي. ۽ هنن پنهنجي پنهنجي ترار ٻڌي، ۽ دائود بہ پنهنجي ترار کنئي: ۽ اٽڪل چار سو ماڻهو دائود جي پٺيان لڳا؛ ۽ ٻہ سؤ سامان وٽ رهجي ويا. 14۽ انهن جوان ماڻهن مان هڪڙي نابال جي زال ابيجيل کي چيو تہ ڏس، دائود بيابان مان تنهنجي ڌڻيءَ جي کيڪارڻ لاءِ قاصد موڪليا؛ ۽ هو انهن تي ڪاهي آيو. 15پر اُهي ماڻهو اسان سان چڱيءَ طرح هليا، ۽ اسان کي ڪو ايذاءُ ڪونہ رسيو، ۽ جڏهن اسين ميدانن ۾ هئاسين، ۽ جيستائين اسان جو هنن سان گڏ گذران هو تيستائين اسان جي ڪابہ شيءِ نہ ويئي: 16جيترو عرصو اسين رڍون وٺيو اُنهن سان گڏ رهيا پيا هئاسين، اوتري عرصي ۾ هو رات توڙي ڏينهن اسان جي لاءِ هڪڙي ڀت هئا. 17تنهنڪري هاڻي ڄاڻ ۽ ويچار ڪر، تہ ڇا ڪرڻو اٿيئي؛ ڇالاءِ جو اسان جي ڌڻي ۽ سندس ساري گهراڻي لاءِ خرابي رٿي ويئي آهي: هن ڪري جو هو اهڙو بڇڙو آهي جو ڪوبہ هن سان ڳالهائي نٿو سگهي. 18تڏهن ابيجيل تڪڙي ٿي ٻہ سؤ مانيون، ۽ ٻہ شراب جون سانداريون، ۽ پنج رڍون پڪل ۽ تيار ٿيل، ۽ پنج ڀُڳل اَن جا ماڻ، ۽ هڪ سؤ ڪشمش جا ڇڳا، ۽ ٻہ سؤ انجيرن جون ٽڪيون کڻي گڏهن تي رکيون. 19۽ هن پنهنجن جوان ماڻهن کي چيو تہ اوهين منهنجي اڳيان هلو؛ ڏسو، آءٌ اوهان جي پٺيان ٿي اچان. پر اها ڳالهہ هن پنهنجي مڙس نابال سان نہ ڪئي. 20۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هوءَ پنهنجي گڏهہ تي چڙهي ۽ جبل جي اوٽ ۾ لهي آئي، تڏهن ڏسي تہ دائود ۽ سندس ماڻهو سامهون پيا اچن؛ ۽ هوءَ انهن کي گڏي. 21هاڻي دائود چيو هو تہ يقيناً جيڪي هن ڪمبخت وٽ بيابان ۾ آهي سو اجايو مون پئي سنڀاليو آهي جو هن جي ملڪيت مان ڪي بہ گم نہ ٿيو آهي: ۽ هن چڱائيءَ جي عيوض مون سان برائي ڪئي آهي. 22سو جيڪڏهن آءٌ صبح جي سوجهري کان اڳي جيڪي هن وٽ آهن تن مان هڪڙو ڇوڪرو ئي کڻي ڇڏيان، تہ شل خدا دائود جي دشمنن سان ائين ڪري بلڪ زيادہ. 23۽ جڏهن ابيجيل دائود کي ڏٺو تڏهن جهٽ ڪري گڏهہ تان لهي اچي دائود جي اڳيان منهن ڀر ڪري ۽ سجدو ڪرڻ لڳي. 24پوءِ هن کي پيرين پئي چوڻ لڳي تہ منهنجا سائين، اهو گناهہ مون تي هجي، مون تي هجي: آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ پنهنجي ٻانهيءَ کي موڪل ڏي تہ تنهنجي ڪن ۾ ڪي چوي، ۽ تون پنهنجي ٻانهيءَ جي ڳالهہ ٻڌ. 25آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ منهنجو ڌڻي هن خبيث، يعني نابال ڏي خيال نہ ڏئي: ڇالاءِ جو جهڙو سندس نالو آهي، تهڙو پاڻ آهي، هن جو نالو نابال آهي، ۽ بي عقلي هن سان آهي: پر مون تنهنجي ٻانهيءَ پنهنجي ڌڻيءَ جا جوان ماڻهو نہ ڏٺا، جن کي تو موڪليو هو، 26تنهنڪري، اي منهنجا ڌڻي، خداوند جيئري جو قسم آهي، ۽ تنهنجي جان جو قسم آهي، تہ جڏهن خداوند توکي خون جهڙي گناهہ ڪرڻ کان، ۽ پنهنجن هٿن سان وير وٺڻ کان روڪيو آهي، تڏهن هاڻي ڀلي تہ تنهنجا دشمن، ۽ جيڪي منهنجي ڌڻيءَ جي خرابي ٿا ڳولين، سي نابال جهڙا ٿين. 27۽ هاڻي هي نذرانو، جو تنهنجي ٻانهيءَ پنهنجي ڌڻيءَ لاءِ آندو آهي، سو ڀلي تہ انهن جوان ماڻهن کي ڏنو وڃي، جي منهنجي ڌڻيءَ جي پٺيان ٿا هلن. 28آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ پنهنجي ٻانهيءَ جو گناهہ معاف ڪر: ڇالاءِ جو پڪ آهي تہ خداوند منهنجي ڌڻيءَ جي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندو؛ ڇالاءِ جو منهنجو ڌڻي خداوند جون جنگيون ٿو ڪري؛ ۽ تنهنجي ساري ڄمار جي ڏينهن ۾ توکي ڪابہ خرابي نہ رسندي. 29۽ جيتوڻيڪ ڪو شخص اُتي تنهنجي پٺيان کڻي پوي، ۽ تنهنجي ساهہ جو ڳولائو ٿئي، تہ بہ منهنجي ڌڻيءَ جو روح خداوند تنهنجي خدا سان حياتيءَ جي ڳنڍ ۾ ٻڌل رهندو؛ ۽ تنهنجن دشمنن جا روح پري اُڇلايا ويندا، ڄڻ تہ کانڀاڻيءَ جي پيچ مان اُڇلايا ويا آهن. 30۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند منهنجي ڌڻيءَ کي اُها چڱائي ڏيندو، جا هن تنهنجي نسبت ۾ ٻڌائي ڇڏي آهي، ۽ توکي اسرائيل جي مٿان بادشاهہ مقرر ڪندو؛ 31تڏهن اها ڳالهہ تنهنجي لاءِ ڏک جو سبب نہ ٿيندي، ۽ نہ منهنجي ڌڻيءَ جي دل کي رنج ڪندي، تہ تو بي سبب رت وهايو آهي، يا منهنجي ڌڻيءَ پنهنجو وير ورتو آهي: ۽ جڏهن خداوند منهنجي ڌڻيءَ تي مهرباني ڪري تڏهن پنهنجي ٻانهيءَ کي ياد ڪج. 32۽ دائود ابيجيل کي چيو تہ خداوند اسرائيل جو خدا شل برڪت وارو هجي، جنهن توکي اڄ مون سان گڏجڻ لاءِ موڪليو آهي: 33۽ تنهنجي سياڻپ بہ برڪت واري هجي، ۽ تون پاڻ بہ برڪت واري هجين، جنهن مون کي اڄ خون جهڙي ڏوهہ کان، ۽ پنهنجن هٿن سان وير وٺڻ کان بچايو آهي. 34ڇالاءِ جو يقيناً خداوند، اسرائيل جي زندہ خدا جو قسم آهي، جنهن مون کي توکي ايذاءُ رسائڻ کان روڪيو آهي، جي تون تڪڙ ڪري مون کي نہ اچي گڏجين ها تہ ضرور نابال وٽ صبح جي سوجهري ٿيڻ ڌاري هڪڙو ڇوڪر بہ نہ بچي ها. 35پوءِ جيڪي هن آندو هو سو دائود هن جي هٿان ورتو: ۽ چيائينس تہ صحيح سلامت پنهنجي گهر هلي وڃ؛ ڏس مون تنهنجي ڳالهہ مڃي آهي، ۽ توکي قبول ڪيو اٿم. 36پوءِ ابيجيل نابال وٽ آئي؛ ۽ ڏس هن پنهنجي گهر ۾ شاهاڻي مجلس جهڙي هڪڙي مجلس ڪئي؛ ۽ نابال جي دل ۾ خوشي هئي، ڇالاءِ جو هو ڏاڍي نشي ۾ هو: تنهنڪري صبح جي سوجهري ٿيڻ تائين سندس زال کيس نڪي گهٽ نڪي وڌ چيو. 37۽ صبح جو هيئن ٿيو تہ جڏهن نابال جو نشو لٿو، تڏهن کيس سندس زال اُهي ڳالهيون ٻڌايون، ۽ هن جي دل اندر ئي اندر مري ويئي، ۽ هو پهڻ جهڙو ٿي پيو. 38۽ انهي کان اٽڪل ڏهہ ڏينهن پوءِ، هيئن ٿيو تہ خداوند نابال کي ڌڪ هنيو، ۽ هو مري ويو. 39۽ جڏهن دائود ٻڌو تہ نابال مري ويو آهي تڏهن چوڻ لڳو تہ خداوند برڪت وارو هجي جنهن نابال جي هٿان منهنجي پاران منهنجي حقارت جو بدلو ورتو آهي، ۽ پنهنجي ٻانهي کي خرابي ڪرڻ کان بچايو اٿس: ۽ نابال جي شرارت موٽائي خود سندس گردن تي وڌي اٿس؛ ۽ دائود ماڻهو موڪلي ابيجيل جي نالي چوائي موڪليو تہ آءٌ هن کي پنهنجي زال ڪرڻ ٿو گهران. 40۽ جڏهن دائود جا نوڪر ڪرمل ۾ ابيجيل وٽ آيا، تڏهن انهن هن کي چيو تہ دائود اسان کي تو ڏي موڪليو آهي تہ توکي وٺي هلون تہ هلي هن جي زال ٿين. 41تڏهن هوءَ اُٿي، ۽ منهن زمين تي رکي سجدو ڪيائين ۽ چيائين تہ ڏس، تنهنجي ٻانهي پنهنجي ڌڻيءَ جي نوڪرن جي پيرن ڌوئڻ واري پورهيت آهي. 42۽ ابيجيل تڪڙي ٿي اُٿي، ۽ گڏهہ تي چڙهي، ۽ انهي سان گڏ پنج ٻانهيون سندس پٺيان هليون؛ ۽ هوءَ دائود جي قاصدن جي پٺيان ويئي، ۽ دائود جي زال ٿي. 43دائود يزرعيل واري اخي نوعم بہ ورتي: ۽ اُهي ٻئي سندس زالون ٿيون. 44هاڻي سائول پنهنجي ڌيءَ ميڪل، دائود جي زال، ليس جي پٽ فلطيءَ کي ڏني، جو جليم جو ويٺل هو.
Currently Selected:
1 - سموئيل 25: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.