1 - سموئيل 24
24
1۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سائول فلستين جي پٺيان پوڻ کان بس ڪري موٽيو، تڏهن ماڻهن هن کي چيو تہ ڏس، دائود عين جديءَ جي بيابان ۾ آهي. 2تڏهن سائول ٽي هزار ماڻهو ساري اسرائيل مان چونڊي، دائود ۽ سندس ماڻهن جي ڳولا ۾، جهنگلي ٻڪرين جي ٽڪر تي ويو. 3۽ رستي ۾ رڍن جي واڙن ۾ آيو، جتي هڪڙو غار هو؛ ۽ سائول پنهنجن پيرن ڍڪڻ لاءِ اُنهي ۾ گهڙي ويو. هاڻي دائود ۽ سندس ماڻهو انهي غار جي اندرين حصي ۾ رهيا پيا هئا. 4۽ دائود جي ماڻهن کيس چيو تہ ڏس، جنهن ڏينهن بابت خداوند توکي فرمايو هو، تہ آءٌ تنهنجو دشمن تنهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، پوءِ توکي جيئن مناسب نظر اچي تيئن ساڻس ڪجانءِ، اهو ڏينهن اڄوڪو آهي. سو دائود اُٿيو ۽ چوريءَ سائول جي چوغي جو دامن ڪپي کڻي ويو. 5۽ پوءِ هيئن ٿيو تہ دائود جي دل هن کي چڪ هڻڻ لڳي، ڇاڪاڻ تہ هن سائول جي چوغي جي دامن ڪپي ڇڏي هئي. 6۽ هن پنهنجن ماڻهن کي چيو تہ خداوند شل ائين نہ ڪري تہ آءٌ پنهنجي ڌڻي، خداوند جي مسح ڪيل سان ائين ڪريان، ۽ جيڪو خداوند جو مسح ڪيل آهي تنهن جي برخلاف آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيريان. 7تڏهن دائود پنهنجن ماڻهن کي ائين چئي روڪيو، ۽ سائول تي ڪاهي وڃڻ نہ ڏنو. ۽ سائول غار مان نڪري پنهنجي واٽ وٺي هليو ويو. 8تنهن کان پوءِ دائود بہ اُٿيو ۽ غار مان نڪري سائول کي سڏي چيائين تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، ۽ جڏهن سائول منهن ورائي ڏٺو تڏهن دائود منهن زمين تي رکي هن کي تعظيم ڏني. 9۽ دائود سائول کي چيو تہ ڇالاءِ تون ماڻهن جون ڳالهيون ٿو ٻڌين، جي چون ٿا تہ ڏس، دائود توکي ايذاءُ پهچائڻ ٿو گهري؟ 10ڏس، تو پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو آهي تہ خداوند توکي اڄ هن غار ۾ منهنجن هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو هو: ۽ ڪنهن مون کي ائين بہ چيو هو تہ توکي ماريان: پر منهنجي اک توکي ڇڏي ڏنو: ۽ مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڌڻيءَ جي برخلاف هٿ نہ ڊگهيريندس؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جو مسح ڪيل آهي. 11۽ اي منهنجا پيءُ، ڏس، هائو ڏس، تہ تنهنجي قبا جي دامن منهنجي هٿ ۾ آهي: ڇالاءِ جو جڏهن مون تنهنجي قبا جي دامن وڍي، ۽ توکي ماريم ڪين، تڏهن تون ڄاڻ ۽ ڏس تہ منهنجي هٿ ۾ بدي يا برائي ڪانهي، ۽ مون تنهنجي حق ۾ گناهہ ڪونہ ڪيو، جيتوڻيڪ تون منهنجي جان وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيو هئين. 12خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ انصاف ڪري، ۽ خداوند منهنجو توکان وير وٺي: پر منهنجو هٿ توتي نہ پوندو. 13جيئن اڳين زماني جي ماڻهن جو پهاڪو آهي، شريرن مان شرارت پيدا ٿي ٿئي: پر منهنجو هٿ توتي نہ پوندو. 14اسرائيل جو بادشاهہ ڪنهن جي پٺيان نڪري آيو آهي؟ تون ڪنهن جي پٺيان پيو آهين؟ هڪڙي مئل ڪتي جي پٺيان؛ هڪڙي ڪارڙي جي پٺيان؟ 15تنهنڪري ڀلي تہ خداوند منصف ٿئي، ۽ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ فيصلو ڪري ۽ ڏسي، ۽ منهنجي طرفان بچاءُ ڏئي، ۽ مون کي تنهنجي هٿان ڇڏائي. 16۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود سائول کي ايترو چئي بس ڪيو، تڏهن سائول چيو تہ اي منهنجا پٽ دائود، اهو آواز تنهنجو آهي ڇا؟ پوءِ سائول رڙيون ڪري روئڻ لڳو. 17۽ هن دائود کي چيو تہ تون مون کان وڌيڪ راستباز آهين: ڇالاءِ جو تو مون سان چڱائي ڪئي آهي، پر مون توسان برائي ڪئي آهي. 18۽ تو اڄ ظاهر ڪري ڏيکاريو آهي تہ ڪيئن تو مون سان چڱو سلوڪ ڪيو آهي، ڇالاءِ جو جڏهن خداوند مون کي تنهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، تڏهن تو مون کي ماري نہ وڌو. 19ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو دشمن هٿ اچي تہ جيڪر اهو هن کي سلامت ڇڏي ڏئي ڇا؟ تنهنڪري شل خداوند توکي انهي چڱائي جو چڱو عيوض ڏئي، جا تو اڄوڪي ڏينهن مون سان ڪئي آهي. 20۽ هاڻي ڏس، مون کي خبر آهي تہ ضرور تون بادشاهہ ٿيندين، ۽ اسرائيل جي حڪومت تنهنجي هٿ ۾ قائم ٿيندي. 21تنهنڪري هاڻي مون سان خداوند جو قسم کڻ تہ مون کان پوءِ تون منهنجو نسل وڍي نہ ڇڏيندين، ۽ منهنجي پيءُ جي گهر مان منهنجو نالو اصل مٽائي نہ ڇڏيندين. 22تڏهن دائود سائول سان قسم کنيو. ۽ سائول گهر هليو ويو؛ پر دائود پنهنجي ماڻهن سميت چڙهي انهي قلعي ۾ وڃي رهڻ لڳو.
Currently Selected:
1 - سموئيل 24: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.