1 - سموئيل 23
23
1۽ هنن دائود کي خبر ڏني تہ ڏس، فلستي قعيلہ سان ٿا وڙهن، ۽ اَن ڳاهڻ جي پِڙن تي ڦرلٽ ٿا ڪن. 2تنهنڪري دائود خداوند کان پڇيو تہ آءٌ وڃي انهن فلستين کي ماريان يا نہ؟ ۽ خداوند دائود کي چيو تہ وڃ ۽ وڃي فلستين کي مار، ۽ قعيلہ کي بچاءِ 3۽ دائود جي ماڻهن کيس چيو تہ ڏس، اسين هت يهوداہ ۾ ڊنا ويٺا آهيون: سو جيڪڏهن فلستين سان وڙهڻ جي لاءِ قعيلہ ڏي وينداسين تہ اسان کي ڪيترو نہ وڌيڪ ڊپ ٿيندو؟ 4تڏهن دائود وري خداوند کان پڇيو، ۽ خداوند کيس جواب ڏنو تہ اُٿ، قعيلہ ڏي لهي وڃ؛ ڇالاءِ جو آءٌ فلستي تنهنجي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. 5۽ دائود ۽ سندس ماڻهو قعيلہ ڏي وڃي فلستين سان وڙهيا، ۽ انهن جو چوپايو مال آندائون، ۽ اُنهن ۾ ڏاڍو ڪوس وڌائون. انهي طرح دائود قعيلہ جي ماڻهن کي بچايو.
6۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ابي ياتر بن اخيملڪ قعيلہ ڏي دائود ڏانهن ڀڳو هو، تڏهن هو پاڻ سان هڪڙو افود کڻي آيو هو. 7۽ سائول کي خبر ملي تہ دائود قعيلہ ۾ آيو آهي. ۽ سائول چيو تہ خدا هن کي منهنجي چنبي ۾ آڻي وڌو آهي؛ ڇالاءِ جو هو اهڙي شهر ۾ اچي گهڙيو آهي جنهن کي دروازا ۽ گز آهن، تنهنڪري هو هاڻ بند ۾ آهي. 8۽ سائول سڀني ماڻهن کي جنگ لاءِ سڏيو تہ قعيلہ ڏي لهي دائود ۽ سندس ماڻهن کي گهيرو ڪن. 9۽ دائود کي خبر پيئي تہ سائول کيس نقصان پهچائڻ جي رٿ پيو ڪري: ۽ هن ابي ياتر ڪاهن کي چيو تہ افود کڻي اچ. 10تڏهن دائود چيو تہ اي خداوند، اسرائيل جا خدا، تنهنجي ٻانهي پڪ ٻڌو آهي تہ سائول منهنجي ڪري قعيلہ کي چٽ ڪرڻ جي لاءِ هيڏي اچڻ ٿو گهري. 11قعيلہ جا ماڻهو مون کي هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا ڇا؟ جيئن اُنهن جي ٻانهي ٻڌو آهي تيئن سائول هيڏي ايندو ڇا؟ اي خداوند اسرائيل جا خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي ٻانهي کي اها خبر ڏي: ۽ خداوند فرمايو تہ هو ايندو. 12تڏهن دائود چيو تہ قعيلہ جا ماڻهو مون کي، ۽ منهنجي ماڻهن کي سائول جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا ڇا؟ ۽ خداوند فرمايو تہ هو توکي هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندا. 13تڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو، جي اٽڪل ڇهہ سؤ هئا، سي اُٿيا ۽ قعيلہ مان نڪتا ۽ جيڏي وڃي سگهيا اوڏي ويا. ۽ سائول کي خبر پيئي تہ دائود قعيلہ مان ڀڄي ويو، تڏهن هو اُتي ڪونہ ويو.
14۽ دائود بيابان ۾ مضبوط قلعن ۾ رهڻ لڳو ۽ زيف جي بيابان واري ڪوهستان ۾ رهي پيو. ۽ سائول ڏهاڙي هن جي ڳولا پئي ڪئي، پر خدا کيس سندس هٿن ۾ نہ ڏنو. 15۽ دائود ڏٺو تہ سائول سندس جان جي پٺيان آهي: ۽ دائود زيف جي بيابان ۾ ٻيلي منجهہ هو. 16۽ سائول جو پٽ يونتن اُٿيو، ۽ ٻيلي ۾ دائود وٽ ويو، ۽ خدا ۾ سندس هٿ مضبوط ڪيائين. 17۽ هن کي چيائين تہ ڊڄ نہ: ڇالاءِ تہ منهنجي پيءُ سائول جو هٿ توکي نہ لهندو، ۽ تون اسرائيل جو بادشاهہ ٿيندين، ۽ توکان پوءِ منهنجو درجو ٿيندو؛ ۽ انهي جي بہ منهنجي پيءُ کي خبر آهي. 18۽ انهن ٻنهي خداوند جي اڳيان پاڻ ۾ عهد اقرار ڪيو: ۽ دائود ٻيلي ۾ رهجي پيو، ۽ يونتن پنهنجي گهر هليو ويو. 19تنهن کان پوءِ زيف جا ماڻهو جبعہ ۾ سائول وٽ آيا ۽ چيائونس، تہ حڪيلہ جو ٽڪر، جو بيابان جي ڏکڻ ۾ آهي، تنهن جي ٻيلي وارن مضبوط قلعن ۾ دائود پاڻ کي نٿو لڪائي ڇا؟ 20تنهنڪري اي بادشاهہ، هاڻي پنهنجي دل جي پوري خواهش موجب لهي اچ؛ ۽ اهو اسان جو ذمو آهي تہ اسين هن کي بادشاهہ جي هٿن ۾ آڻي وجهنداسين. 21۽ سائول چيو تہ شل خداوند جي برڪت اوهان تي هجي: ڇالاءِ جو اوهان مون تي رحم ڪيو آهي. 22ڀلائي ڪري وڃو ۽ وڃي زيادہ پڪ ڪريو، ۽ جتي هو اڪثر رهي ٿو، اُهو هنڌ ڏسو، ۽ خبر رکو تہ ڪنهن هن کي اُتي ڏٺو آهي: ڇالاءِ جو مون کي ٻڌايو اٿن تہ هو ڏاڍي پڪائي سان ٿو هلي. 23تنهنڪري ڏسو ۽ هن جي لڪڻ جون سڀ جايون معلوم ڪريو، ۽ وري اچي مون کي پڪ ڏيو، تہ پوءِ آءٌ اوهان سان گڏجي هلندس: ۽ هيئن ٿيندو تہ جي هو انهي ملڪ ۾ هوندو، تہ يهوداہ جي سڀني هزارن مان بہ آءٌ هن کي ڳولي ڪڍندس. 24۽ هو اُٿيا ۽ زيف ڏانهن سائول کان پهرين ويا: پر دائود ۽ سندس ماڻهو معون جي بيابان ۾ هئا، جو ڏکڻ جي ميدان ۾ آهي. 25۽ سائول ۽ سندس ماڻهو هن کي ڳولڻ ويا. ۽ اُنهن دائود کي ٻڌايو: جنهنڪري هو اُنهي ٽڪر وٽ آيو، ۽ معون جي بيابان ۾ رهڻ لڳو: ۽ جڏهن سائول اهو ٻڌو تڏهن هو معون جي بيابان ۾ دائود جي پٺيان پيو 26۽ سائول جبل جي هڪڙي پاسي هليو ويو، ۽ دائود پنهنجن ماڻهن سميت جبل جي ٻئي پاسي هليو ويو: ۽ دائود سائول جي ڊپ کان تڪڙو تڪڙو هلڻ لڳو؛ ڇالاءِ جو سائول ۽ سندس ماڻهن، دائود ۽ سندس ماڻهن کي پڪڙڻ جي لاءِ اچي هنن کي چوڌاري وڪوڙيو هو. 27پر سائول وٽ هڪڙو قاصد آيو، جنهن اچي چيس تہ جلدي ڪري هل؛ ڇالاءِ جو فلستين ملڪ تي ڪاهہ ڪئي آهي. 28تنهنڪري سائول دائود جي پٺيان پوڻ کان موٽي فلستين تي ڪاهي ويو: انهي سبب هنن انهي هنڌ جو نالو سلع همخلقوت (بچي نڪرڻ جو ٽڪر) رکيو. 29پوءِ دائود اُتان چڙهي ويو ۽ عين جديءَ جي مضبوط قلعن ۾ وڃي رهڻ لڳو.
Currently Selected:
1 - سموئيل 23: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.