1 - سموئيل 26
26
1۽ زيفي سائول وٽ جبعہ ۾ آيا، ۽ چوڻ لڳا تہ حڪيلہ جو ٽڪر جو بيابان جي اڳيان آهي تنهن ۾ دائود پاڻ کي لڪايو نہ ويٺو آهي ڇا؟ 2تڏهن سائول اُٿيو ۽ پاڻ سان اسرائيل جا ٽي هزار چونڊيل ماڻهو وٺي زيف جي بيابان ڏي ويو، انهي لاءِ تہ زيف جي بيابان ۾ دائود کي ڳولي. 3۽ سائول حڪيلہ جي ٽڪر تي وڃي تنبو هنيا، جو رستي سان بيابان جي اڳيان آهي: پر دائود بيابان ۾ رهيو پيو هو، ۽ جڏهن ڏٺائين تہ سائول سندس پٺيان بيابان ۾ آيو آهي، 4تڏهن دائود جاسوس موڪلي خاطري ڪئي تہ سائول برابر آيو آهي يا نہ. 5۽ دائود اُٿيو، ۽ اُنهي هنڌ آيو جتي سائول جا تنبو لڳل هئا، ۽ دائود اُها جاءِ ڏٺي جتي سائول، ۽ سندس سپهہ سالار ابنير بن نير لٿل هئا: ۽ سائول گاڏين جي حد اندر سمهيو پيو هو، ۽ ماڻهو سندس چوڌاري تنبو هڻي لٿا پيا هئا. 6تڏهن دائود اخيملڪ حتيءَ ۽ يوآب جي ڀاءُ، ضروياہ جي پٽ ابيشيءَ کي چيو، تہ مون سان ڪير گڏجي سائول وٽ لشڪرگاهہ ۾ لهي هلندو؟ تڏهن ابيشيءَ چيو تہ آءٌ توسان گڏجي هلندس. 7پوءِ دائود ۽ ابيشيءَ رات جو اُنهن ماڻهن ۾ آيا: ۽ ڏسو، اُنهي مهل سائول گاڏين جي حد اندر ستو پيو هو، ۽ سندس نيزو سندس سيرانديءَ کان زمين ۾ کُتو پيو هو: ۽ ابنير ۽ لشڪر سندس چوڌاري ستو پيو هو. 8تڏهن ابيشيءَ دائود کي چيو تہ خدا اڄ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، تنهنڪري هاڻي ڀلائي ڪري مون کي ڇڏ تہ آءٌ هن کي نيزي جي هڪڙي ئي ڌڪ سان ماري زمين ۾ ونڌي وجهان، ۽ ٻيو ڀيرو ڌڪ نہ هڻندوسانس. 9۽ دائود ابيشيءَ کي چيو تہ هن کي نہ مار: ڇالاءِ جو ڪير پنهنجو هٿ خداوند جي مسح ٿيل تي ڊگهيريندو ۽ بي گناهہ رهندو؟ 10۽ دائود چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، تہ خداوند پاڻ انهي کي ماري وجهندو؛ يا هن جي مرڻ جو ڏينهن اچي پهچندو؛ يا هو جنگ تي نڪرندو، ۽ مارجي ويندو. 11خداوند ائين نہ ڪري تہ آءٌ خداوند جي مسح ٿيل تي پنهنجو هٿ ڊگهيريان: پر هاڻي آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪو نيزو سندس سيرانديءَ کان کُتل آهي سو، ۽ پاڻي جي صراحي کڻي اچ تہ هليا هلون. 12پوءِ دائود اهو نيزو ۽ اُها پاڻي جي صراحي سائول جي سيرانديءَ کان کڻي ورتي؛ ۽ هو هليا ويا، ۽ کين ڪنهن بہ ڪونہ ڏٺو، نڪا ڪنهن کي خبر پيئي، نڪو ڪو جاڳيو: ڇالاءِ جو سڀ سُتا پيا هئا؛ جو خداوند وٽان گهري ننڊ اچي هنن تي پيئي هئي. 13تڏهن دائود پرين پاسي لنگهي ويو، ۽ جبل جي چوٽيءَ تي وڃي بيٺو؛ سندن وچ ۾ گهڻو ويڇو هو: 14۽ دائود ماڻهن کي، ۽ ابنير بن نير کي، وڏي سڏ چيو تہ اي ابنير، تون جواب نٿو ڏين ڇا؟ تڏهن ابنير ورندي ڏيئي چيو تہ تون ڪير آهين جو بادشاهہ کي ٿو سڏين؟ 15۽ دائود ابنير کي چيو تہ تون بهادر مرد نہ آهين ڇا؟ اسرائيل ۾ تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ تڏهن ڇالاءِ تو پنهنجي ڌڻي بادشاهہ تي برابر پهرو نہ ڏنو آهي؟ ڇالاءِ جو ماڻهن مان هڪڙو تنهنجي ڌڻي بادشاهہ کي مارڻ لاءِ گهڙي آيو. 16تو اهو ڪم چڱو نہ ڪيو آهي. خداوند جيئري جو قسم آهي تہ اوهين مرڻ جي لائق آهيو، ڇالاءِ جو اوهان پنهنجي ڌڻيءَ، خداوند جي مسح ٿيل جي نگهباني نہ ڪئي آهي. ۽ هاڻي ڏسو، بادشاهہ جو نيزو توڙي پاڻيءَ جي صراحي ڪٿي آهي جا سندس سيرانديءَ کان رکي هئي؟ 17۽ سائول دائود جو آواز سڃاتو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي منهنجا پٽ دائود، اهو تنهنجو آواز آهي ڇا؟ ۽ دائود چيو تہ اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ اهو منهنجو آواز آهي. 18تڏهن هن چيو تہ ڇالاءِ منهنجو ڌڻي پنهنجي ٻانهي جي پٺيان ٿو پوي؟ مون ڇا ڪيو آهي؟ يا منهنجي هٿ ۾ ڪهڙي خرابي آهي؟ 19تنهنڪري هاڻي آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو ڌڻي بادشاهہ پنهنجي ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌي. جيڪڏهن خداوند توکي چوري منهنجي برخلاف ڪيو آهي، تہ هڪڙو نذرانو قبول ڪر: پر جي اُهو انسان جو ڪم هجي تہ شل اُهي خداوند جي اڳيان لعنتي ٿين: ڇالاءِ جو اُنهن اڄ مون کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو آهي، انهي لاءِ تہ منهنجو خداوند جي ميراث ۾ ڪو حصو نہ رهي، ۽ مون کي چون ٿا تہ وڃ وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪر. 20تنهنڪري هاڻي ائين نہ ٿئي تہ منهنجو رت خداوند جي حضور کان پري زمين تي ڪري: ڇالاءِ جو اسرائيل جو بادشاهہ هڪڙي ڪارڙي جي ڳولا ۾ نڪتو آهي، ۽ ڄڻ تہ ڪو ماڻهو هڪڙي تتر جي شڪار لاءِ جبل تي آيو آهي. 21تڏهن سائول چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: اي منهنجا پٽ دائود، تون موٽي اچ: ڇالاءِ جو آءٌ توکي اڳتي نقصان ڪونہ رسائيندس، جو اڄ منهنجي حياتي تنهنجي نظر ۾ قيمتي هئي: ڏس، مون بيوَقوفي ڪئي آهي، ۽ ڏاڍي غلطي ڪئي اٿم. 22۽ دائود ورندي ڏيئي چيو تہ اي بادشاهہ، هي نيزو ڏس، جوان ماڻهن مان هڪڙي کي موڪل تہ کڻي وڃي. 23۽ خداوند پاڻهي ئي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي سچائي ۽ ايمانداريءَ جو بدلو ڏيندو: ڇالاءِ جو خداوند اڄ توکي منهنجن هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هو، پر مون خداوند جي مسح ڪيل تي پنهنجو هٿ ڊگهو ڪرڻ نہ گهريو. 24ڏس، جيئن اڄ تنهنجي حياتي منهنجي نظر ۾ قيمتي هئي، تيئن ڀلي منهنجي حياتي بہ خداوند جي نظر ۾ قيمتي هجي، ۽ اُهو مون کي سڀني تڪليفن کان بچائي. 25تڏهن سائول دائود کي چيو تہ اي منهنجا پٽ دائود، شل تون برڪت وارو هجين: تون وڏا وڏا ڪم ڪندين، ۽ ضرور فتحياب ٿيندين. پوءِ دائود پنهنجو رستو ڏيئي هليو ويو، ۽ سائول موٽي پنهنجي جاءِ ڏي ويو.
Currently Selected:
1 - سموئيل 26: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.