YouVersion Logo
Search Icon

1 - سموئيل 22

22
1تنهنڪري دائود اتان روانو ٿيو ۽ عدلام جي غار ڏي ڀڄي ويو: ۽ جڏهن هن جي ڀائرن ۽ سندس پيءُ جي سڄي گهراڻي اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اُهي اُتي وٽس آيا. 2۽ جيڪو ڪنهن تنگيءَ ۾ هو؛ ۽ جيڪو قرضي هو، ۽ جيڪو ڏکويل هو، سي سڀ اچي وٽس گڏ ٿيا؛ ۽ هو انهن جو سردار ٿيو: انهي طرح اٽڪل چار سؤ ماڻهو ساڻس شامل ٿيا.
3پوءِ دائود اُتان موآب جي مصفاہ ڏي ويو: ۽ موآب جي بادشاهہ کي چيائين تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي موڪل ڏي تہ نڪري اچي تو وٽ رهن، جيسين ڪ مون کي خبر پوي تہ خدا منهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري. 4۽ هو اُنهن کي موآب جي بادشاهہ وٽ وٺي آيو: ۽ جيسين دائود ڳڙهہ ۾ لڪل هو تيسين اُهي هن وٽ رهيا پيا هئا. 5۽ جاد نبيءَ دائود کي چيو تہ انهي ڳڙهہ ۾ نہ رهہ؛ هتان نڪري يهوداہ جي ملڪ ۾ وڃ. تڏهن دائود نڪري ويو، ۽ حارت جي ٻيلي ۾ آيو.
6۽ سائول ٻڌو تہ دائود ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن جو پتو پيو آهي: هاڻي سائول رامہ ۾ لئيءَ جي وڻ هيٺ جبعہ ۾ ويٺو هو، ۽ نيزو هٿ ۾ هوس، ۽ سندس سڀ نوڪر آس پاس بيٺا هئا. 7۽ سائول اُنهن پنهنجي نوڪرن کي چيو، تہ اي بنيمينيو، هاڻي ٻڌو، يسيءَ جو پٽ اوهان سڀني کي ٻنيون ۽ ڊاک جا باغ ڏيندو ڇا، يا هو اوهان سڀني کي هزارن جا سردار، ۽ سوَن جا سردار ڪندو ڇا؟ 8جو اوهان سڀني منهنجي برخلاف منصوبو ڪيو آهي، ۽ جڏهن منهنجو پٽ يسيءَ جي پٽ سان ٻڌي ٿو ڪري تڏهن ڪوبہ مون کي اها ڳالهہ ظاهر ڪري نٿو ٻڌائي، ۽ ڪنهن جو بہ هڏ منهنجي لاءِ نٿو ڏکي، ۽ نڪو مون کي ٻڌائي ٿو تہ منهنجي پٽ منهنجي نوڪرن کي چوري منهنجي برخلاف کڙو ڪيو آهي، ۽ وجهہ لاءِ لڪي ويٺو آهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن حال آهي. 9تڏهن دوئيگ ادوميءَ جو سائول جي نوڪرن وٽ بيٺو هو، ورندي ڏيئي چيو تہ مون يسيءَ جي پٽ کي نوب ۾ اخيملڪ پٽ اخيطوب وٽ ايندو ڏٺو. 10۽ هن انهي جي لاءِ خداوند کان سوال گهريو، ۽ هن کي ماني ڏنائين، ۽ جالوت فلستيءَ جي ترار بہ ڏنائينس. 11تڏهن بادشاهہ اخيملڪ ڪاهن، اخيطوب جي پٽ کي، ۽ هن جي پيءُ جي گهراڻي وارن سڀني ڪاهنن کي گهرايو، جي نوب ۾ هئا، ۽ اُهي سڀ بادشاهہ وٽ آيا. 12۽ سائول چيو تہ اي اخيطوب جا پٽ، هاڻي ٻڌ. ۽ هن ورندي ڏني تہ اِجهو منهنجا سائين آءٌ حاضر آهيان. 13۽ سائول هن کي چيو تہ تو، ۽ يسيءَ جي پٽ، اوهان ٻنهي ڇو منهنجي برخلاف ٻڌي ڪئي آهي، جو تو هن کي ماني ۽ ترار ڏني، ۽ هن جي لاءِ خدا کان سوال گهريو تہ هو منهنجي برخلاف کڙو ٿئي، ۽ لڪي ويهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي. 14تڏهن اخيملڪ بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ تنهنجن سڀني نوڪرن مان دائود جهڙو ايماندار ڪير آهي، جو بادشاهہ جو ناٺي آهي، ۽ تنهنجي درٻار ۾ شامل آهي، ۽ تنهنجي گهر ۾ عزت وارو آهي؟ 15آءٌ اڄ ئي هن جي لاءِ خدا کان دعا گهرڻ لڳو آهيان ڇا؟ شل اهڙو ڪم مون کان پري هجي: بادشاهہ پنهنجي ٻانهي تي، يا منهنجي پيءُ جي ساري گهر تي، ڪوبہ الزام نہ آڻي: ڇالاءِ جو تنهنجي ٻانهي کي انهي بابت ڪابہ خبر ڪانهي، نہ ٿوري نہ گهڻي. 16۽ بادشاهہ چيو تہ اي اخيملڪ، تون ۽ تنهنجي پيءُ جي گهر وارا سڀ ضرور مرندا. 17۽ بادشاهہ پنهنجي آس پاس بيٺل پهري وارن کي چيو تہ ڦرو ۽ خداوند جي ڪاهنن کي قتل ڪريو؛ ڇالاءِ جو هنن جو هٿ بہ دائود سان آهي، ۽ ڇالاءِ تہ هنن کي خبر هئي تہ هو ڀڳل آهي پر هنن اها ڳالهہ مون کي ظاهر ڪري نہ ٻڌائي. پر بادشاهہ جي نوڪرن خداوند جي ڪاهنن تي پنهنجو هٿ ڊگهو ڪرڻ نہ گهريو. 18۽ بادشاهہ دوئيگ کي چيو تہ تون ڦر، ۽ ڪاهنن تي حملو ڪر، تڏهن دوئيگ ادومي ڦري ڪاهنن تي حملو ڪيو، ۽ انهي ڏينهن هن پنجاسي ماڻهو ماريا، جن کي سڻيءَ جي ڪپڙي جو افود پيل هو. 19۽ ڪاهنن جي شهر نوب جي مردن توڙي زالن کي، ٻارن توڙي کير پياڪ معصومن کي، ۽ ڏاندن، ۽ گڏهن، ۽ رڍن کي هن ترار جي ڌار سان قتل ڪيو. 20۽ اخيملڪ بن اخيطوب جي پٽن مان هڪڙو، جنهن جو نالو ابي ياتر هو سو ڀڄي نڪتو، ۽ دائود وٽ ڀڄي ويو. 21۽ ابي ياتر دائود کي چيو تہ سائول خداوند جي ڪاهنن کي مارائي ڇڏيو آهي. 22۽ دائود ابي ياتر کي چيو تہ مون کي انهيءَ ڏينهن خبر هئي، جنهن ڏينهن دوئيگ ادومي اُتي هو، تہ هو ضرور سائول کي وڃي ٻڌائيندو: تنهنجي پيءُ جي گهر جي سڀني ماڻهن جي مارجڻ جو آءٌ ئي سبب ٿيو آهيان. 23تون مون سان رهہ، ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو جيڪو منهنجي حياتيءَ جي پٺيان آهي سو تنهنجي حياتيءَ جي بہ پٺيان آهي: ڇالاءِ جو مون سان گڏ تون صحيح سلامت رهندين.

Currently Selected:

1 - سموئيل 22: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in