YouVersion Logo
Search Icon

1 - سموئيل 21

21
1پوءِ دائود نوب ۾ اخيملڪ ڪاهن وٽ آيو: ۽ اخيملڪ ڏڪندو دائود کي گڏجڻ آيو، ۽ انهي کي چوڻ لڳو تہ ڇو تون اڪيلو آهين ۽ ٻيو ڪو ماڻهو تو وٽ ڪونهي؟ 2تڏهن دائود اخيملڪ ڪاهن کي چيو تہ بادشاهہ مون تي هڪڙو ڪم رکيو آهي ۽ مون کي چيو اٿس تہ جنهن ڪم جي پٺيان آءٌ توکي موڪليان ٿو، ۽ جيڪو حڪم مون توکي ڏنو آهي، سو ٻئي ڪنهن کي متان ٻڌائين: ۽ جوان ماڻهن کي مون ٻئي پاسي مقرر ڪري ويهاريو آهي. 3تنهنڪري هاڻي تنهنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟ پنج مانيون يا ٻيو جيڪي تو وٽ حاضر هجي سو منهنجي هٿ ۾ ڏي. 4تڏهن ڪاهن دائود کي ورندي ڏيئي چيو تہ ٻي رواجي ماني مون وٽ ڪانهي، رڳو پاڪ ماني حاضر آهي؛ بشرطيڪ انهن جوان ماڻهن پاڻ کي زالن کان پري رکيو هجي. 5۽ دائود ڪاهن کي ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ سچ ٿو چوان تہ هي گذريا ٽي ڏينهن زالون اسان کان پري رهيون آهن؛ جڏهن آءٌ ٻاهر آيس تڏهن انهن جوان ماڻهن جا باسڻ پاڪ هئا، جيتوڻيڪ اهو فقط رواجي پنڌ هو؛ تڏهن اڄ هنن جا ٿانوَ ڪيترو نہ وڌيڪ پاڪ هوندا؟ 6تنهنڪري ڪاهن هن کي اُها پاڪ ماني ڏني: ڇالاءِ جو اُنهي نذر جي مانيءَ کان سواءِ ٻي ڪابہ ماني ڪانہ هئي، ۽ اُها خداوند جي حضور مان کنئي ويئي هئي، انهي لاءِ تہ گرم ماني رکي وڃي. 7هاڻي انهي ڏينهن سائول جي نوڪرن مان هڪڙو خداوند جي اڳيان رهجي ويو هو؛ ۽ سندس نالو دوئيگ ادومي هو، جو سائول جي ڌنارن مان مکيہ ماڻهو هو. 8۽ دائود اخيملڪ کي چيو تہ هتي تو وٽ ڪو ڀالو يا ڪا ترار آهي؟ ڇالاءِ جو مون پاڻ سان پنهنجي ترار يا ڪي ٻيا هٿيار نہ آندا آهن، ڇو جو بادشاهہ جي ڪم جي تڪڙ هئي. 9۽ ڪاهن چيو تہ جالوت فلستي، جنهن کي تو ايلاہ جي واديءَ ۾ قتل ڪيو هو، تنهن جي ترار هتي آهي، اِجهو اُها افود جي پٺيان ڪپڙي ۾ ويڙهي رکي آهي: جيڪڏهن تون اُها وٺڻ گهرين تہ وٺ: ڇالاءِ جو انهي کان سواءِ ٻي ترار هتي ڪانهي؛ تڏهن دائود چيو تہ انهي جهڙي ٻي ڪابہ ڪانهي، اُها مون کي ڏي.
10پوءِ دائود اُٿيو ۽ انهي ڏينهن سائول جي ڊپ کان ڀڄي جات جي بادشاهہ اڪيس وٽ ويو. 11۽ اڪيس جي نوڪرن هن کي چيو تہ هي ملڪ جو بادشاهہ دائود ناهي ڇا؟ جنهن جي بابت نچندي هنن هڪٻئي کي ٿي چيو تہ سائول هزارن کي ماريو آهي ۽ دائود لکن کي؟ 12۽ دائود کي اهي لفظ دل سان لڳا، ۽ جات جي بادشاهہ اڪيس کان ڏاڍو ڊنو. 13تڏهن هن اُنهن جي اڳيان پنهنجي هلت چلت ڦيرائي ڇڏي، ۽ اُنهن جي هٿن ۾ ڪوڙ ڪري ديوانو ٿيو، ۽ دروازي جي طاقن تي ليڪا ڪڍڻ لڳو، ۽ پنهنجي ڏاڙهيءَ تي ڦيڻ واهڻ لڳو. 14تڏهن اڪيس پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ اوهين ڏسو ٿا تہ هي ماڻهو چريو آهي: پوءِ ڇالاءِ اوهان هن کي مون وٽ آندو آهي؟ 15مون وٽ ڪي چريا ماڻهو گهٽ آهن ڇا جو اوهان هن ماڻهو کي منهنجي اڳيان آندو آهي، تہ چريائيءَ جا ڪم ڏيکاري؟ هيءُ ڪو منهنجي گهر ۾ اچي رهندو ڇا؟

Currently Selected:

1 - سموئيل 21: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in