YouVersion Logo
Search Icon

1 - سموئيل 20

20
1۽ دائود رامہ واري نيوت مان ڀڄي نڪتو ۽ يونتن وٽ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ مون ڇا ڪيو آهي؟ منهنجو ڪهڙو ڏوهہ آهي؟ ۽ تنهنجي پيءُ جي نظر ۾ منهنجو ڪهڙو گناهہ آهي جو هو مون کي مارڻ ٿو چاهي؟ 2۽ هن چيس تہ خدا پناهہ رکي؛ تون ڪين مرندين: ڏس، منهنجو پيءُ ڪوبہ اهڙو وڏو يا ننڍو ڪم نہ ڪندو آهي، جو مون کي نہ ٻڌائيندو آهي: ۽ منهنجو پيءُ مون کان اها ڳالهہ ڇو لڪائيندو؟ ائين ڪين آهي. 3تڏهن وري دائود قسم کڻي چيو تہ تنهنجي پيءُ کي پڪ خبر آهي تہ تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر آهي؛ ۽ هو چوي ٿو تہ يونتن کي انهي جي خبر نہ پوي تہ چڱو، تہ ڏک نہ ٿئيس: پر خداوند جيئري جو قسم، ۽ تنهنجي جان جو قسم، تہ يقيناً منهنجي ۽ موت جي وچ ۾ فقط هڪڙو قدم آهي: 4تڏهن يونتن دائود کي چيو تہ جيئن تنهنجي دل چوندي تيئن آءٌ تنهنجي لاءِ ڪندس. 5۽ دائود يونتن کي چيو تہ ڏس، سڀاڻي نئون چنڊ آهي، ۽ ضرور آهي تہ آءٌ بادشاهہ سان گڏجي ماني کاوان: پر مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ۽ ٽئين ڏينهن جي شام تائين پاڻ کي جهنگ ۾ وڃي لڪايان. 6جيڪڏهن تنهنجو پيءُ منهنجي پڇاڳاڇا ڪري، تہ تون چئج تہ دائود ڏاڍي زور سان پنهنجي شهر بيت لحم ڏي وڃڻ جي موڪل گهري: ڇالاءِ جو اُتي سندس خاندان جي لاءِ سالياني قرباني ٿيڻي آهي. 7جيڪڏهن هو چوندو تہ چڱو، تہ پوءِ تنهنجو ٻانهو صحيح سلامت رهندو: پر جي هو ڪاوڙيو، تہ پوءِ ڄاڻج تہ هن ڪنهن خرابي ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي. 8تنهنڪري پنهنجي ٻانهي سان مهرباني جي رستي هل؛ ڇالاءِ جو تو پنهنجي ٻانهي سان خداوند جي اڳيان عهد اقرار ڪيو آهي: پر جي مون ۾ گناهہ هجي تہ مون کي ڀلي قتل ڪري ڇڏ؛ پر ڇالاءِ تون مون کي پنهنجي پيءُ وٽ وٺي ٿو هلين؟ 9تڏهن يونتن چيس تہ اها ڳالهہ شل توکان پري رهي، ڇالاءِ جو جيڪڏهن مون کي خبر هجي تہ منهنجي پيءُ جي مرضي توکي خرابي پهچائڻ جي آهي، تہ جيڪر آءٌ توکي نہ ٻڌايان ڇا؟ 10تڏهن دائود يونتن کي چيو تہ جي تنهنجو پيءُ توکي سخت جواب ڏئي تہ مون کي ڪير اچي ٻڌائيندو؟ 11يونتن دائود کي چيو تہ ٻنيءَ ڏي هلون. پوءِ هو ٻئي ٻنيءَ ڏي نڪري ويا.
12۽ يونتن دائود کي چيو تہ خداوند، اسرائيل جو خدا شاهد آهي؛ جڏهن سڀاڻي يا پرينهن هن وقت پنهنجي پيءُ جو سماءُ وٺي رهندس تڏهن جي تنهنجي حق ۾ ڪا چڱائي هوندي، تہ توکي ماڻهو موڪلي اُها خبر ظاهر ڪري نہ ٻڌائيندس ڇا؟ 13خداوند يونتن سان شل ائين ئي ڪري، بلڪ انهي کان بہ وڌيڪ ڪري، بشرطيڪ منهنجي پيءُ جي توسان برائي ڪرڻ جي مرضي هوندي ۽ آءٌ اُها توکي ظاهر ڪري نہ ٻڌائيندس، ۽ توکي روانو نہ ڪري ڇڏيندس تہ صحيح سلامت هليو وڃين: ۽ خداوند توسان هجي، جيئن ڪ هو منهنجي پيءُ ساڻ رهيو آهي. 14۽ جيستائين آءٌ جيئرو رهندس نہ رڳو تيستائين تون خداوند جي مهرباني مون کي ڏيکارج، تہ آءٌ مري نہ وڃان: 15پر تون منهنجي گهر تان بہ ڪڏهن پنهنجي مهرباني لاهي نہ ڇڏج، بلڪ ڪڏهن بہ نہ، جيسين ڪ خداوند دائود جي سڀني دشمنن کي ساريءَ زمين تان وڍي ڇڏي. 16انهي طرح يونتن دائود جي گهراڻي سان عهد اقرار ڪيو، ۽ چيائين تہ خداوند دائود جي دشمنن کان انهي جو بدلو وٺندو. 17۽ يونتن دائود کان انهي محبت خاطر جا هن سان هيس وري بہ قسم کڻايو: ڇالاءِ جو هو انهي کي پنهنجي ساهہ جهڙو پيار ڪندو هو. 18تڏهن يونتن چيس تہ سڀاڻي نئون چنڊ آهي، ۽ تنهنجي پڇا ٿيندي، ڇالاءِ جو تنهنجي جاءِ خالي هوندي. 19۽ ٽن ڏينهن کان پوءِ جلد روانو ٿجانءِ، ۽ اُنهيءَ هنڌ اچجانءِ جتي تو پاڻ کي انهي ڏينهن وڃي لڪايو هو، جنهن ڏينهن ڪم هٿ ۾ هو، ۽ ازيل پٿر جي ڀر ۾ ترسجانءِ. 20۽ آءٌ انهي پاسي ٽي تير هڻندس، ڄڻ تہ نشان ٿي چُٽيم. 21۽ ڏس آءٌ ڇوڪر کي موڪليندس ۽ چوندوسانس تہ وڃي تير ڳولي هٿ ڪر. جيڪڏهن آءٌ ڇوڪر کي چوان تہ ڏس، تير تنهنجي هن پاسي آهن: تہ پوءِ تون اُهي کڻي اچج: ڇالاءِ جو خداوند جيئري جو قسم تہ تنهنجي لاءِ سلامتي آهي ۽ ڪوبہ نقصان ڪونهي. 22پر جيڪڏهن آءٌ ڇوڪر کي چوان تہ ڏس، تير تنهنجي پريان آهن: پوءِ تون پنهنجو رستو وٺي هليو وڃج؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي روانو ڪري ڇڏيو آهي. 23باقي جنهن ڳالهہ بابت تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ذڪر هليو آهي، تنهن جي لاءِ خداوند هميشہ واسطي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ آهي.
24اُن موجب دائود پاڻ کي وڃي ٻنيءَ ۾ لڪايو: ۽ جڏهن نئون چنڊ آيو تڏهن بادشاهہ ماني کائڻ ويٺو. 25۽ بادشاهہ پنهنجي دستور موجب ڪرسيءَ تي ويٺو، يعني اُنهي ڪرسيءَ تي جا ڀت جي پاسي ۾ هوندي هئي؛ ۽ يونتن بيهي رهيو، ابنير سائول جي ڀرسان ويهي رهيو: پر دائود جي جاءِ خالي هئي. 26انهي هوندي بہ سائول انهي ڏينهن ڪي ڪين ڪُڇيو: ڇالاءِ جو هن ڀانئيو تہ هن سان ڪو اتفاق ٿيو آهي، شايد هو ناپاڪ ٿي پيو آهي؛ پڪ آهي تہ هو ناپاڪ آهي. 27۽ نئين چنڊ کان پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو بہ دائود جي جاءِ خالي هئي: تڏهن سائول پنهنجي پٽ يونتن کي چيو تہ ڪهڙي سبب يسيءَ جو پٽ نہ ڪالهہ ماني کائڻ آيو نہ اڄ؟ 28۽ يونتن سائول کي ورندي ڏيئي چيو تہ دائود ڏاڍي نيزاري سان مون کان بيت لحم ڏي وڃڻ جي موڪل گهري هئي: 29۽ هن چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي وڃڻ ڏي؛ ڇالاءِ جو اسان جي گهراڻي کي شهر ۾ هڪڙي قرباني ڪرڻي آهي؛ ۽ منهنجي ڀاءُ مون کي اُتي حاضر رهڻ جو حڪم ڏنو آهي: ۽ هاڻي جيڪڏهن تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر ٿئي تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان ۽ پنهنجن ڀائرن کي ڏسان. تنهنڪري هو بادشاهہ جي ميز تي نہ آيو آهي. 30تڏهن سائول جي ڪاوڙ يونتن تي ڀڙڪڻ لڳي، ۽ هن کي چوڻ لڳو تہ اي ضدي ۽ باغي زال جا پٽ، مون کي اها خبر ناهي ڇا تہ تو انهي يسيءَ جي پٽ کي پنهنجي شرمندگي، ۽ پنهنجي ماءُ جي شرمندگيءَ جي ڪري پسند ڪيو آهي؟ 31ڇالاءِ جو جيسين يسي جو پٽ زمين تي جيئرو رهندو تيسين نڪي تون پاڻ، نڪي تنهنجي حڪومت قائم رهندي. تنهنڪري هاڻي جلد هن کي گهرائي مون تائين آڻ، ڇاڪاڻ تہ هن جو مرڻ ضرور آهي. 32۽ يونتن پنهنجي پيءُ سائول کي ورندي ڏيئي چيو تہ ڇو هن کي قتل ڪرڻ گهرجي؟ هن ڇا ڪيو آهي؟ 33تڏهن سائول هن کي مارڻ لاءِ پنهنجو نيزو اُڇلائي هنيو: انهي مان يونتن سمجهيو تہ پڻس دائود کي مارڻ جو پڪو ارادو ڪيو آهي. 34پوءِ يونتن ڏاڍو ڪاوڙجي ميز تان اُٿيو، ۽ مهيني جي انهي ٻئي ڏينهن ماني ڪانہ کاڌائين: ڇالاءِ جو هن کي دائود جي ڳڻتي جي لاءِ ڏک هو، جو پڻس هن کي شرمندو ڪيو هو.
35۽ صبح جو هيئن ٿيو تہ دائود سان ٺهرايل وقت تي يونتن هڪڙو ننڍو ڇوڪر پاڻ سان وٺي ٻنيءَ ڏي نڪري ويو. 36۽ هن انهي ڇوڪر کي چيو تہ جيڪي تير آءٌ هڻان ٿو سي ڊوڙي وڃي کڻي اچ، ۽ جيئن هو ڇوڪر ڊوڙڻ لڳو، تڏهن هن کانئس اڳي تير اُڇلايو. 37۽ جڏهن اُهو ڇوڪر اُنهي هنڌ آيو، جتي يونتن تير اُڇلايو هو، تڏهن يونتن اُنهي ڇوڪر کي سڏ ڪري چيو تہ اهو تير تنهنجي پريان نہ پيو آهي ڇا؟ 38۽ يونتن ڇوڪر کي وڏي سڏ چيو تہ جلدي ڪر، تڪڙو ٿي ترس نہ. ۽ يونتن جو ڇوڪر تير گڏ ڪري پنهنجي ڌڻيءَ وٽ هليو آيو. 39پر ڇوڪر کي ٻي وچ جي ڳالهہ جي خبر ڪانہ هئي: رڳو يونتن ۽ دائود کي اها خبر هئي. 40۽ يونتن پنهنجا هٿيار انهي ڇوڪر کي ڏنا ۽ چيائينس تہ اهي شهر ڏي کڻي وڃ. 41جڏهن ڇوڪر هليو ويو تڏهن دائود ڏکڻ واري هنڌان اُٿيو، ۽ ٽي ڀيرا زمين تي منهن رکي سجدو ڪيائين: پوءِ هنن هڪٻئي کي چُميو، ۽ هڪٻئي سان رُنو، پر دائود حد ڪري چڪو. 42۽ يونتن دائود کي چيو تہ خير سان روانو ٿي، ڇالاءِ جو اسان ٻنهي خداوند جي نالي جو قسم کنيو آهي، ۽ چيو اٿئون تہ خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ منهنجي اولاد ۽ تنهنجي اولاد جي وچ ۾، هميشہ لاءِ رهندو. پوءِ هو اُٿي روانو ٿيو: ۽ يونتن شهر ڏي ويو.

Currently Selected:

1 - سموئيل 20: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in