YouVersion Logo
Search Icon

1 - بادشاهہ 9

9
1۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سليمان خدا جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر جوڙائي پورو ڪيو ۽ جيڪي سليمان ڪرڻ ٿي گهريو سو سندس مراد موجب پورو ٿيو، 2تڏهن خداوند ٻيو ڀيرو سليمان کي ڏيکاري ڏني، جيئن اڳي جبعون ۾ هن کي ڏيکاري ڏني هئائين. 3۽ خداوند هن کي چيو تہ جيڪا دعا تو منهنجي اڳيان گهري، ۽ جيڪو سوال تو ڪيو آهي سو مون ٻڌو آهي: هيءُ گهر جو تو انهيءَ لاءِ جوڙايو آهي تہ منهنجو نالو هميشہ تائين اُتي رهي، تنهن کي مون پاڪ ڪيو آهي؛ ۽ منهنجيون اکيون ۽ منهنجي دل سدائين اتي رهندي. 4باقي تون، سو جيڪڏهن تون پنهنجي سڄي ۽ سچيءَ دل سان منهنجي اڳيان هلندين، جيئن تنهنجو پيءُ دائود ٿي هليو، ۽ جيڪي حڪم مون توکي ڏنا آهن انهن سڀني موجب تون هر طرح ڪندين، ۽ منهنجن قانونن ۽ منهنجن فيصلن جي سنڀالي تعميل ڪندين؛ 5تہ آءٌ اسرائيل تي تنهنجي بادشاهيءَ جو تخت هميشہ لاءِ قائم ڪندس؛ جيئن ڪ مون تنهنجي پيءُ دائود سان عهد اقرار ڪيو هو، ۽ چيو هومانس تہ تو وٽ اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهوءَ جي ڪمي نہ ٿيندي. 6پر جيڪڏهن اوهين منهنجي پيروي ڪرڻ کان مڙندا، اوهين توڙي اوهان جو اولاد، ۽ جيڪي حڪم ۽ قاعدا مون اوهان جي اڳيان رکيا آهن تن جي سنڀال نہ ڪندا، پر اُٽلندو وڃي ٻين معبودن جي عبادت ڪندا ۽ انهن کي سجدو ڪندا: 7تہ آءٌ اسرائيل کي اُنهيءَ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس جو مون هنن کي ڏنو آهي؛ ۽ هيءُ گهر، جنهن کي مون پنهنجي نالي لاءِ پاڪ ڪيو آهي، سو پنهنجي نظر مان ڪڍي ڇڏيندس؛ ۽ اسرائيل سڀني قومن ۾ هڪڙو مثل ۽ پهاڪو ٿي ويندو: 8۽ جيتوڻيڪ هيءُ گهر تمام مٿانهون آهي، تہ بہ جيڪو اُنهيءَ وٽان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ شوڪارا ڀريندو؛ ۽ چوندو تہ ڇالاءِ خداوند هن ملڪ سان، ۽ هن گهر سان هيئن ڪيو آهي؟ 9۽ هو ورندي ڏيندا تہ هن ڪري جو هنن خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو، جنهن هنن جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ ٻيا معبود رکي انهن کي سجدو ڏنائون، ۽ انهن جي خدمت چاڪري ڪيائون: تنهنڪري خداوند هيءَ سڀ خرابي هنن تي آندي آهي.
10۽ ويهن ورهين جو عرصو، جنهن ۾ سليمان اهي ٻہ گهر جوڙايا، هڪڙو خداوند جو گهر ۽ ٻيو بادشاهہ جو گهر، 11(هاڻي صور جي بادشاهہ حيرام سليمان کي ديودار جو ڪاٺ ۽ صنوبر جو ڪاٺ ۽ سون، هن جي خواهش موجب موجود ڪري ڏنو،) تنهن عرصي جي گذرڻ کان پوءِ، هيئن ٿيو تہ سليمان حيرام کي گليل جي ملڪ ۾ ويهہ شهر ڏنا. 12۽ حيرام انهن شهرن جي ڏسڻ لاءِ نڪري آيو، جي سليمان ڏنا هئس؛ پر اُهي هن کي نہ وڻيا. 13۽ هن چيو تہ اي منهنجا ڀاءُ اهي شهر ڪهڙا آهن جي تو مون کي ڏنا آهن؟ ۽ هن انهن جو نالو اڄ ڏينهن تائين ڪبول جو ملڪ رکيو. 14۽ حيرام بادشاهہ ڏي هڪ سؤ ويهہ سون جا قنطار موڪليا.
15۽ جيڪا زور جي ڀرتي سليمان بادشاهہ گڏ ڪئي، تنهن جو سبب هيءُ هو؛ تہ خداوند جو گهر، ۽ خود پنهنجو گهر، ۽ ملو، ۽ يروشلم جي ڀت، ۽ حصور، ۽ مجدو، ۽ جزر اڏائي. 16مصر جي بادشاهہ فرعون چڙهي وڃي جزر ورتو هو، ۽ انهيءَ کي باهہ سان ساڙي، جيڪي ڪنعاني انهيءَ شهر ۾ هئا تن کي قتل ڪيائين، ۽ پوءِ اُهو پنهنجي ڌيءَ سليمان جي زال کي ڏاج ۾ ڏيئي ڇڏيو هئائين. 17۽ سليمان جزر ۽ هيٺيون بيت حورون اڏايو. 18۽ بعلات، ۽ تمر انهيءَ ملڪ جي بيابان ۾، 19۽ سڀ گدام جا شهر، جي سليمان جا هئا، ۽ پنهنجي رٿن، ۽ گهوڙي سوارن لاءِ شهر، ۽ ٻيو بہ جيڪي سليمان يروشلم ۾، ۽ لبنان ۾، ۽ پنهنجي بادشاهيءَ جي ساري ملڪ ۾ ٺاهڻ گهريو، سو بہ جوڙايائين. 20باقي امورين، حتين، فرزين، حوين ۽ يبوسين مان جيڪي ماڻهو بچيا هئا، جي بني اسرائيل مان نہ هئا: 21اُنهن جو اولاد، جو کانئن پوءِ اُنهيءَ زمين ۾ رهجي ويو هو، ۽ جن کي بني اسرائيل اصل چٽ ڪري نہ سگهيا هئا، تن مان سليمان زوريءَ ڀرتي ڪري ٻانها بنايا، جي اڄ ڏينهن تائين هليا اچن. 22پر بني اسرائيل مان سليمان ٻانها نہ بنايا: بلڪ اُهي جنگي ماڻهو، ۽ سندس نوڪر، ۽ امير، ۽ سردار، ۽ سندس رٿن ۽ گهوڙي سوارن جا عملدار هئا. 23اِهي پنج سؤ پنجاهہ مکيہ عملدار هئا، جي سليمان جي ڪم جي نظرداري ڪندا هئا، ۽ ڪم ڪندڙن ماڻهن تي حڪم هلائيندا هئا. 24پر فرعون جي ڌيءَ دائود جي شهر مان نڪري انهيءَ پنهنجي گهر ۾ اچي رهي جو سليمان سندس لاءِ جوڙايو هو: تڏهن هن ملو ٺهرايو. 25۽ سال ۾ ٽي ڀيرا سليمان سوختني قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون اُنهيءَ قربانگاهہ تي چاڙهيندو هو، جا هن خداوند جي لاءِ جوڙائي، ۽ اُنهن سان گڏ قربانگاهہ تي لوبان بہ ساڙيندو هو، جا خداوند جي اڳيان هئي. انهيءَ طرح هن اُهو گهر اڏائي پورو ڪيو.
26۽ بادشاهہ سليمان، عصيون جابر، جو ايلوت جي پاسي ۾، ڳاڙهي سمنڊ جي ڪناري تي، ادوم جي ملڪ ۾ آهي، تنهن ۾ جهازن جو ميڙ جوڙايو. 27۽ حيرام انهيءَ جهازن جي ميڙ ۾ پنهنجا نوڪر، جي خلاصي ۽ سمنڊ جي ڪم مان واقف هئا، سي سليمان جي نوڪرن سان گڏي موڪليا. 28۽ اُهي اوفير ۾ آيا، ۽ اُتان چئن سوَن ۽ ويهن قنطارن جيترو سون کڻي بادشاهہ سليمان وٽ آندائون.

Currently Selected:

1 - بادشاهہ 9: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in