1 - بادشاهہ 8
8
1پوءِ سليمان، اسرائيل جا بزرگ، ۽ فرقن جا سڀ رئيس، ۽ بني اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جا سردار يروشلم ۾ پاڻ وٽ گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق دائود جي شهر مان، يعني صيئون مان ڪڍي آڻين. 2۽ ايتانيم جي مهيني ۾، جو ستون مهينو آهي، اسرائيل جا سڀ ماڻهو بادشاهہ سليمان وٽ عيد وقت اچي گڏ ٿيا. 3۽ اسرائيل جا سڀ بزرگ آيا، ۽ ڪاهنن اچي صندوق کنئي. 4۽ هنن خداوند جي صندوق، ۽ جماعت وارو تنبو، ۽ سڀ پاڪ باسڻ، جي اُنهيءَ تنبوءَ ۾ هئا، سي آندا؛ اهي بہ ڪاهنن ۽ لاوين آندا. 5۽ بادشاهہ سليمان سان اسرائيل جي ساري جماعت، جا وٽس گڏ ٿي هئي، سا صندوق جي اڳيان گڏ ٿي؛ ۽ رڍون، ۽ ڏاند ايترا قرباني ڪيائون، جو گهڻائيءَ جي ڪري اُهي شمار ڪرڻ کان ٻاهر هئا. 6۽ ڪاهنن خداوند جي صندوق کڻي پنهنجي مقرر جاءِ تي آندي، يعني گهر جي الهامگاهہ ۾، پاڪ ترين جاءِ تي، اصل ڪروبين جي پرن هيٺ. 7ڇالاءِ جو ڪروبي صندوق جي جاءِ جي مٿان پنهنجا پر پکيڙيو بيٺا هئا، ۽ ڪروبي صندوق، ۽ اُن جي مٿان ٽيڪ وارين لٺين کي ڍڪيو بيٺا هئا. 8۽ اهي لٺيون اهڙيون ڊگهيون هيون جو اُنهن جون چوٽيون پاڪ جاءِ تان الهامگاهہ جي اڳيان پيون ڏسڻ ۾ اينديون هيون؛ پر ٻاهران ڏسڻ ۾ نہ ٿي آيون: ۽ اڄ ڏينهن تائين اُهي اُتي آهن. 9صندوق ۾ ٻيو ڪي ڪين هو، سواءِ اُنهن ٻن پٿر جي تختين جي، جي موسيٰ حورب ۾ اُتي رکيون هيون جڏهن خداوند بني اسرائيل سان، سندن مصر جي ملڪ مان نڪرڻ مهل عهد اقرار ڪيو هو. 10۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ڪاهن پاڪ جاءِ مان نڪري آيا تڏهن خداوند جو گهر ڪڪر سان ڀرجي ويو، 11جنهنڪري ڪاهن ڪڪر جي سبب خدمت ڪري نہ سگهيا: ڇالاءِ جو خداوند جي جلال خداوند جي گهر کي ڀري ڇڏيو هو.
12تڏهن سليمان چيو تہ خداوند فرمايو آهي تہ آءٌ گهاٽي اونداهيءَ ۾ رهندس. 13يقيناً مون تنهنجي رهڻ جي لاءِ گهر جوڙيو آهي، اهڙي جاءِ جنهن ۾ تون هميشہ لاءِ رهين. 14پوءِ بادشاهہ پنهنجو منهن هيڏي هوڏي ڦيرائي اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي دعا ڪئي: ۽ اسرائيل جي ساري جماعت اُنهيءَ مهل اُٿي بيهي رهي. 15۽ هو چوڻ لڳو تہ، خداوند اسرائيل جو خدا شل برڪت وارو هجي، جنهن پنهنجي وات سان منهنجي پيءُ دائود سان ڳالهايو، ۽ پنهنجي هٿ سان اُهو پورو ڪري ڏيکاريائين، ۽ چيائين تہ 16جنهن ڏينهن مون پنهنجي قوم اسرائيل کي مصر مان ڪڍي آندو، اُنهيءَ ڏينهن کان وٺي اسرائيل جي سڀني فرقن مان مون ڪوبہ اهڙو شهر چونڊي نہ ڪڍيو جنهن ۾ ڪو گهر جوڙيان تہ منهنجو نالو اُتي رهي؛ پر مون دائود کي چونڊي ڪڍيو تہ منهنجي قوم اسرائيل تي رهي. 17هاڻي منهنجي پيءُ دائود جي دل ۾ هو تہ خداوند اسرائيل جي خدا جي نالي تي هڪڙو گهر جوڙي. 18پر خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو تہ جڏهن تنهنجي دل ۾ هو تہ منهنجي نالي تي هڪڙو گهر جوڙين تڏهن اهو چڱو ٿيو جو اها ڳالهہ تنهنجي دل ۾ هئي: 19انهيءَ هوندي بہ تون اهو گهر نہ جوڙيندين: پر تنهنجو پٽ، جو تنهنجي پٺ مان پيدا ٿيندو سو منهنجي نالي تي گهر جوڙيندو. 20۽ خداوند جيڪا ڳالهہ ڪئي سا ثابت ڪري ڏيکاري؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي اُٿيو آهيان، ۽ اسرائيل جي تخت تي ويٺو آهيان، جيئن ڪ خداوند واعدو ڪيو هو، ۽ خداوند اسرائيل جي خدا جي نالي تي گهر جوڙيو اٿم. 21۽ اُتي صندوق جي لاءِ جاءِ مقرر ڪئي اٿم، جنهن ۾ خداوند جو عهدنامو آهي، جو هن اسان جي ابن ڏاڏن سان تڏهن ڪيو هو، جڏهن انهن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو هئائين.
22۽ سليمان اسرائيل جي ساريءَ جماعت جي روبرو خداوند جي قربانگاهہ جي اڳيان بيٺو، ۽ آسمان ڏانهن پنهنجا هٿ کنيائين: 23۽ چيائين تہ اي خداوند، اي اسرائيل جا خدا، مٿي آسمان ۾ ۽ هيٺ زمين تي تو جهڙو ٻيو ڪو خدا ڪونهي، تون پنهنجن انهن ٻانهن سان عهد اقرار ۽ رحم قائم رکين ٿو، جي پنهنجي ساريءَ دل سان تنهنجي اڳيان هلن ٿا: 24تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان جيڪو انجام ڪيو سو پورو ڪيو اٿيئي: هائو، تو پنهنجي وات سان ڳالهايو، ۽ پنهنجي هٿ سان اُهو پورو ڪيو، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي. 25تنهنڪري هاڻي، اي خداوند، اسرائيل جا خدا، تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان جيڪو واعدو ڪيو آهي سو پورو ڪر: جو چيو اٿيئي تہ منهنجي نظر هيٺ تو وٽ اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهوءَ جي ڪمي نہ ٿيندي؛ بشرطيڪ تنهنجو اولاد پنهنجي رستي جي سنڀال ڪري منهنجي اڳيان اهڙيءَ طرح هلندو جهڙيءَ طرح تون منهنجي اڳيان هليو آهين. 26تنهنڪري هاڻي، اي اسرائيل جا خدا، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ ڀلي تنهنجو ڪلام، جو تو منهنجي پيءُ، پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو هو، سو پورو ٿئي. 27پر خدا سچ پچ زمين تي رهندو ڇا؟ ڏس، تون، آسمان ۾، بلڪ آسمانن جي آسمان ۾ ماپي نٿو سگهين؛ تڏهن هيءُ گهر جو مون جوڙيو آهي تنهن ۾ ڀلا ڪيئن ماپي سگهندين! 28انهيءَ هوندي بہ، اي خداوند منهنجا خدا، تون پنهنجي ٻانهي جي عرض ۽ منٿ تي نظر ڪر، ۽ جيڪا دانهن اڄ تنهنجي اڳيان تنهنجو ٻانهو ڪري ٿو، ۽ جيڪا دعا گهري ٿو سا قبول ڪر: 29تہ تنهنجيون اکيون رات ۽ ڏينهن هن گهر ڏي کليل رهن، يعني انهيءَ جاءِ ڏي جنهن جي نسبت ۾ تو فرمايو آهي تہ تنهنجو نالو اتي رهندو: انهيءَ لاءِ تہ جيڪو سوال تنهنجو ٻانهو هن هنڌ ڏانهن ڪندو سو تون ٻڌندين. 30۽ تون پنهنجي ٻانهي جو، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو سوال، جڏهن هو هن هنڌ ڏانهن ڪن تڏهن اُهو ٻڌج: هائو، تون آسمان ۾ ٻڌج، جو تنهنجي رهڻ جي جاءِ آهي؛ ۽ جڏهن تون ٻڌين تڏهن معافي ڏج. 31جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ جو ڪو گناهہ ڪري، ۽ انهيءَ تي قسم جو بار رکيو وڃي، ۽ هو هن گهر ۾ تنهنجي قربانگاهہ اڳيان اچي قسم کڻي: 32تہ تون آسمان ۾ ٻڌج، ۽ پنهنجن ٻانهن جي عدالت ڪج، ۽ شرير کي ڏوهاري ٺهرائج، سندس رستو سندس سر تي آڻج؛ ۽ سچار جي سچائي ظاهر ڪري اُنهيءَ کي سندس سچائيءَ موجب بدلو ڏج. 33جڏهن تنهنجي قوم اسرائيل، تنهنجي گناهہ ڪرڻ ڪري پنهنجي دشمنن جي اڳيان شڪست کائي؛ تڏهن جي هو تو ڏي موٽن ۽ تنهنجو نالو مڃين، ۽ هن گهر ۾ توکان دعا گهرن ۽ سوال ڪن: 34تہ تون آسمان ۾ ٻڌج ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو گناهہ معاف ڪج، ۽ جيڪا زمين تو هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن ۾ هن کي وري آڻج. 35جڏهن تنهنجي گناهہ ڪرڻ ڪري آسمان بند ٿئي ۽ مينهن ڪونہ پوي؛ تڏهن جي هو هن هنڌ ڏانهن دعا گهرن، ۽ تنهنجو نالو مڃين، ۽ جيڪي مصيبتون تون هنن تي وجهين تن جي ڪري هو پنهنجي گناهہ کان ڦرن: 36تہ تون آسمان ۾ ٻڌج، ۽ پنهنجن ٻانهن جو، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جو گناهہ معاف ڪج، جو تون انهيءَ وقت هنن کي سيکارين ٿو تہ ڪيئن چڱي رستي تي هلن؛ ۽ جيڪا زمين تو پنهنجي قوم کي ورثو ڪري ڏني آهي تنهن تي مينهن موڪلج. 37جيڪڏهن زمين تي ڏڪار پوي، يا وبا پوي، يا جهولو لڳي يا رتي، يا مڪڙ يا سوٻٽ لڳن؛ جيڪڏهن هنن جا دشمن سندن شهرن جي زمين ۾ کين گهيرو ڪن؛ ڪهڙي بہ آفت هجي، ڪهڙي بہ بيماري هجي؛ 38ڪهڙي بہ دعا، ۽ ڪهڙو بہ سوال ڪو هڪڙو ماڻهو، يا تنهنجي ساري اسرائيل جي قوم ڪري، جنهن ۾ سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي دل جي مرض جو قبولدار ٿئي، ۽ پنهنجا هٿ تنهنجي گهر ڏي کڻي: 39تہ تون پنهنجي رهڻ جي هنڌ آسمان ۾ اُهو ٻڌج، ۽ معافي ڏج، ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس سڀني رستن موجب بدلو ڏج، جو توکي اُنهن جي دل جي خبر آهي؛ (ڇالاءِ جو فقط تون ئي ساري بني آدم جي دلين کي ڄاڻين ٿو؛) 40انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ تو اسان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي تنهن ۾ هو جيترا ڏينهن رهندا اچن، اوترن ۾ توکان ڊڄندا رهن. 41تنهن کان سواءِ جيڪو پرديسي، تنهنجي قوم اسرائيل جو نہ هجي، سو جڏهن ڪنهن پرانهين ملڪ مان نڪري تنهنجي نالي جي واسطي اچي؛ 42(ڇالاءِ جو هو تنهنجي وڏي نالي جو، ۽ تنهنجي قدرت واري هٿ، ۽ تنهنجي ڊگهيريل ٻانهن جو ٻڌندا؛) ۽ جڏهن اُهو اچي هن گهر ڏانهن دعا گهري؛ 43تڏهن تون پنهنجي رهڻ جي هنڌ آسمان ۾ ٻڌج، ۽ جيئن هو پرديسي توکي سڏي عرض ڪري تيئن تون ڪج؛ تہ زمين جون سڀ قومون تنهنجو نالو سڃاڻن، ۽ توکان ڊڄن، جهڙيءَ طرح تنهنجي قوم اسرائيل ٿي ڪري، ۽ هو ڄاڻن تہ هيءُ گهر جو مون جوڙيو آهي، سو تنهنجي نالي سان سڏبو آهي. 44جيڪڏهن تنهنجي قوم، جهڙي رستي کان تون هنن کي موڪلين، پنهنجي دشمن سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃن، ۽ هو انهيءَ شهر ڏانهن خداوند کان دعا گهرن جو تو پسند ڪيو آهي، ۽ انهيءَ گهر ڏانهن جو مون تنهنجي نالي تي جوڙيو آهي: 45تہ تون آسمان ۾ اُنهن جي دعا ۽ اُنهن جو سوال ٻڌج، ۽ هنن جي مدد ڪج. 46جيڪڏهن هو تنهنجو گناهہ ڪن، (ڇالاءِ جو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي جو گناهہ نٿو ڪري) ۽ تون اُنهن تي ڪاوڙجين، ۽ اُنهن کي دشمنن جي حوالي ڪرين، جنهنڪري هو اُنهن کي قيد ڪري پري يا ويجهو دشمن جي ملڪ ۾ وٺي وڃن؛ 47اُنهيءَ هوندي بہ جنهن ملڪ ۾ هو قيد ٿي وڃن، اتي جيڪڏهن هو پشيمان ٿين، ۽ باز اچن، ۽ جنهن ملڪ ۾ هو قيد ٿي ويا هجن انهيءَ ۾ توکي عرض ڪن، ۽ چون تہ اسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ ڏنگا ڪم ڪيا آهن، ۽ شرارت جي هلت ڪئي آهي؛ 48جيڪڏهن هو پنهنجي سڄي ساري دل سان، ۽ سڄي ساري جان سان، جنهن دشمن جي ملڪ ۾ قيد ٿي کڄي ويا هجن اُنهيءَ ۾ تو ڏانهن موٽن، ۽ جو ملڪ تو هنن جي ابن ڏاڏن کي ڏنو هو، ۽ جو شهر تو پسند ڪيو آهي، ۽ جو گهر مون تنهنجي نالي تي جوڙيو آهي، تنهن ڏانهن توکان دعا گهرن: 49تہ تون انهن جي دعا ۽ اُنهن جو سوال پنهنجي رهڻ جي هنڌ آسمان ۾ ٻڌج، ۽ انهن جي مدد ڪج؛ 50۽ تنهنجي قوم جنهن تنهنجو گناهہ ڪيو آهي، ۽ ٻيا جيڪي ڏوهہ هنن تنهنجي برخلاف ڪيا هجن، تن جي لاءِ اُنهن کي معافي ڏج؛ ۽ جن هنن کي قيد ڪري ورتو هجي، تن جي اڳيان اُنهن تي رحم ڪج، تہ هو بہ هنن تي رحم ڪن: 51ڇالاءِ جو هو تنهنجي قوم آهن، ۽ تنهنجي ميراث آهن، جنهن کي تو مصر مان، لوهہ جي کوري جي وچان ڪڍي آندو: 52۽ تنهنجيون اکيون تنهنجي ٻانهي جي سوال ڏانهن، ۽ تنهنجي قوم اسرائيل جي سوال ڏانهن کليل رهن، تہ جڏهن بہ هو توکي دانهن ڪن تڏهن تون اُها ٻڌين. 53ڇالاءِ جو تو هنن کي زمين جي سڀني قومن مان ڌار ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي ميراث ٿين. جيئن تو پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي معرفت فرمايو، جڏهن، اي خداوند خدا، تو اسان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ٻاهر ڪڍي آندو.
54۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سليمان هيءَ ساري دعا، ۽ هيءُ سارو سوال خداوند جي حضور ۾ ڪري چڪو، تڏهن هو خداوند جي قربانگاهہ جي اڳيان، جتي گوڏا کوڙيو، ۽ هٿ آسمان ڏانهن کنيو ويٺو هو، اُٿيو. 55۽ اُٿي بيهي وڏي آواز سان اسرائيل جي ساري جماعت کي دعا ڪرڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو تہ 56شل خداوند برڪت وارو هجي جنهن پنهنجي قوم اسرائيل کي پنهنجي ڪيل انجام موجب آرام ڏنو آهي: جيڪو جيڪو چڱو واعدو هن پنهنجي ٻانهي موسيٰ جي هٿان ڪيو تنهن مان هڪڙو لفظ بہ نہ گُٿو آهي. 57شل خداوند اسان جو خدا اسان ساڻ بہ ائين هجي، جيئن اسان جي ابن ڏاڏن سان هو: شل هو اسان کي نہ ڇڏي، ۽ نہ ترڪ ڪري: 58۽ هو اسانجين دلين کي پاڻ ڏي مائل ڪري، جنهن ڪري اسين هن جي سڀني رستن تي هلون، ۽ هن جي اُنهن حڪمن، ۽ قاعدن، ۽ فيصلن جي تعميل ڪريون، جي هن اسان جي ابن ڏاڏن کي ڏنا. 59۽ هي لفظ، جن سان مون خداوند جي اڳيان سوال ڪيو آهي، سي شل رات ڏينهن خداوند اسان جي خدا جي ويجهو هجن، تہ هو پنهنجي ٻانهي جي ۽ پنهنجي قوم اسرائيل جي مدد ڪري، جيئن ڏهاڙي ضرورت پوي: 60تہ زمين جون سڀ قومون ڄاڻن تہ خداوند ئي خدا آهي، ۽ ٻيو ڪوبہ ڪونهي. 61تنهنڪري اوهان جي دل خداوند اسان جي خدا سان سالم رهي، تہ هن جي قاعدن تي هلو، ۽ هن جا حڪم بجا آڻيو، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي. 62۽ بادشاهہ ۽ ساڻس گڏ ساري اسرائيل جي قوم خداوند جي اڳيان قرباني چاڙهي. 63۽ جيڪي سلامتيءَ جون قربانيون سليمان خداوند جي اڳيان چاڙهيون، تن جي لاءِ هن ٻاويهہ هزار ڏاند، ۽ هڪ لک ويهہ هزار رڍون پيش ڪيون. انهيءَ طرح بادشاهہ ۽ ساري اسرائيل خداوند جو گهر مخصوص ڪيو. 64انهيءَ ساڳئي ڏينهن جيڪو ايوان خداوند جي گهر جي اڳيان هو تنهن جو وچ بادشاهہ پاڪ ڪيو؛ ڇالاءِ جو هن انهيءَ هنڌ سوختني قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني چاڙهي، ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي پيش ڪئي: ڇالاءِ جو پتل جي قربانگاهہ، جا خداوند جي اڳيان هئي، سا سوختني قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني، ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي رکڻ لاءِ تمام ننڍي هئي. 65انهيءَ طرح اُنهيءَ وقت سليمان، ۽ ساڻس گڏ سڀني اسرائيلين وڏي جماعت ڪري، حمات جي گهڙڻ واريءَ جاءِ کان وٺي مصر جي نهر تائين، خداوند اسان جي خدا جي اڳيان ست ڏينهن هڪڙا، ۽ ست ڏينهن ٻيا، يعني ڪل چوڏهن ڏينهن، عيد ڪئي. 66۽ اٺين ڏينهن هن ماڻهن کي موڪلي ڏنو، ۽ اُهي بادشاهہ کي دعائون ڪندا پنهنجن پنهنجن تنبن ڏانهن ويا، ۽ جيڪا ڀلائي خداوند پنهنجي ٻانهي دائود، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل کي ڏيکاري هئي، تنهن جي ڪري هو دل ۾ خوش ۽ سرها هئا.
Currently Selected:
1 - بادشاهہ 8: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.