1 - بادشاهہ 7
7
1۽ سليمان پنهنجو گهر تيرهن ورهيہ پئي جوڙيو، نيٺ هن پنهنجو سڄو گهر پورو ڪيو. 2ڇالاءِ جو هن لبنان جي ٻيلي وارو گهر جوڙيو؛ اُنهيءَ جي ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ، ويڪر پنجاهہ هٿ ۽ اوچائي ٽيهہ هٿ هئي، ۽ اُهو ديودار جي پيلپاون جي چئن قطارن تي بيٺل هو، ۽ پيلپاون جي مٿان ديودار جا شهتير رکيل هئا. 3۽ جيڪي پنجيتاليهہ شهتير انهن پيلپاون تي رکيل هئا تن جي مٿان اُهو ديودار جي تختن سان ڍڪيل هو؛ پندرهن پندرهن هرهڪ قطار ۾ هئا. 4۽ درين جون ٽي قطارون هيون، ۽ ٽن صفن ۾ دريون هڪ ٻئي جي سامهون هيون. 5۽ سڀ در ۽ چونڪ ڏسڻ ۾ چورس هئا: دريون هڪ ٻئي جي سامهون ٽن صفن ۾ هيون. 6۽ هن پيلپاون جو هڪڙو ورانڊو جوڙيو، جنهن جي ڊيگهہ پنجاهہ هٿ، ۽ ويڪر ٽيهہ هٿ هئي؛ ۽ هڪڙو ورانڊو انهن جي اڳيان هو؛ ۽ پيلپاوا ۽ ٿلها شهتير انهن جي اڳيان هئا. 7۽ هن هڪڙو تخت جو ورانڊو جوڙيو، يعني عدالت جو ورانڊو، انهيءَ لاءِ تہ اتي ويهي عدالت ڪري: ۽ اُهو فرش کان ڇت تائين ديودار جي تختن سان ڍڪيل هو. 8۽ سندس رهڻ جو گهر، جو انهيءَ ورانڊي جي ٻئي ايوان ۾ هو، تنهن تي بہ ساڳئي قسم جو ڪم ٿيل هو. هن فرعون جي ڌيءَ لاءِ (يعني سليمان جي زال لاءِ) بہ انهيءَ ورانڊي جهڙو گهر جوڙيو. 9اهي سڀ قيمتي پٿرن جا هئا، يعني ٽُڪيل پٿرن جا، جي ماپ موجب اندران ۽ ٻاهران ڪاراين سان چيريل هئا، ۽ بنياد کان وٺي ڀتين جي چوٽيءَ تائين هئا، ۽ انهيءَ طرح ٻاهران وڏي ايوان تائين هليا ويا. 10۽ بنياد قيمتي پٿرن جو هو، يعني وڏن پٿرن جو، ڏهن هٿن وارن ۽ اٺن هٿن وارن پٿرن جو. 11۽ مٿان بہ قيمتي پٿر هئا يعني ٽُڪيل پٿر ماپ موجب، ۽ ديودار جو ڪاٺ. 12۽ چوڌاري وڏي ايوان کي ٽُڪيل پٿرن جون ٽي قطارون هيون، ۽ هڪڙي قطار ديودار جي ڪامن جي هئي؛ جيئن ڪ خداوند جي گهر جو اندريون ايوان ۽ انهيءَ گهر جو ورانڊو هو.
13۽ بادشاهہ سليمان حيرام کي صور مان گهرائي ورتو. 14هو نفتالي جي فرقي جي هڪڙيءَ رن زال جو پٽ هو، ۽ هن جو پيءُ صور جو هڪڙو رهاڪو هو، ۽ پتل جو ڪم ڪندڙ هو؛ ۽ هو پتل جي هر قسم جي ڪم ۾ سياڻپ ۽ سمجهہ، ۽ هنرمنديءَ ۾ ماهر هو. ۽ هو سليمان وٽ آيو ۽ سندس سڀ ڪم ڪيائين. 15ڇالاءِ جو هن پتل جا ٻہ پيلپاوا جوڙيا، جنهن مان هرهڪ ارڙهن هٿ اوچو هو: ۽ ٻارهن هٿن جو هڪڙو پٽو هرهڪ جي چوڌاري ويڙهيل هو. 16۽ هن پلٽيل پتل جا ٻہ ڇٽ انهن پيلپاون جي چوٽين تي رکڻ لاءِ جوڙيا: هڪڙي ڇٽ جي اوچائي پنج هٿ هئي، ۽ ٻئي ڇٽ جي اوچائي بہ پنج هٿ هئي. 17اُهي جيڪي ڇٽ پيلپاون جي چوٽين تي هئا تن جي لاءِ شبڪدار ڄاريون ۽ حلقيدار هار هئا؛ ست هڪڙي ڇٽ لاءِ ۽ ست ٻئي ڇٽ لاءِ. 18انهيءَ طرح هن پيلپاوا جوڙيا؛ ۽ پيلپاون جي چوٽيءَ وارن ڇٽن ڍڪڻ لاءِ هڪڙي شبڪدار ڄاريءَ جي مٿان چوڌاري ٻہ قطارون هيون؛ ٻئي ڇٽ لاءِ بہ اهڙيون ساڳيون هن جوڙيون. 19۽ ورانڊي وارن پيلپاون جي چوٽيءَ تي جي ڇٽ هئا تن تي سوسن جو ڪم چئن هٿن جيترو هو. 20انهيءَ شبڪدار ڄاريءَ جي پاسي ۾، پيٽ جي ويجهو، ٻن پيلپاون جي مٿان بہ ڇٽ هئا: ۽ انهيءَ ٻئي ڇٽ جي چوڌاري قطارن ۾ ٻہ سؤ ڏاڙهون هئا. 21۽ هيڪل جي ورانڊي وٽ بہ هن پيلپاوا کڙا ڪيا: ۽ سڄي هٿ وارو پيلپائو کڙو ڪري انهيءَ جو نالو ياڪن رکيائين: ۽ کٻي هٿ وارو پيلپائو کڙو ڪري انهيءَ جو نالو بوعز رکيائين. 22۽ پيلپاون جي چوٽيءَ تي سوسن جو ڪم ٿيل هو: انهيءَ طرح پيلپاون جو ڪم پورو ٿيو. 23۽ هن هڪڙو پلٽيل سمنڊ جوڙيو، جو هڪڙي ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين چوڌاري گولائيءَ ۾ ڏهہ هٿ هو، ۽ انهيءَ جي اوچائي پنج هٿ هئي. ۽ انهيءَ جي چوڌاري ٽيهن هٿن جو هڪڙو پٽو هو. 24۽ انهيءَ جي ڪناري تي هيٺان چوڌاري ڏهن هٿن تائين لاٽون هئا، جي انهيءَ سمنڊ جي چوڌاري نڪتل هئا: اُهي ڇڳا ٻن قطارن ۾ هئا، جي پلٽجڻ وقت پلٽيا ويا هئا. 25اهو سمنڊ ٻارهن ڏاندن تي بيٺل هو، ٽن جو رخ اُتر ڏي هو، ۽ ٽن جو الهندي، ۽ ٽن جو ڏکڻ، ۽ ٽن جو اُڀرندي ڏي هو: ۽ سمنڊ اُنهن جي مٿان رکيل هو، ۽ اُنهن جا پٺيان حصا اندر تي هئا. 26۽ اُهو ماڻهوءَ جي هٿ جيترو ٿلهو هو؛ ۽ انهيءَ جو ڪنارو اهڙو جڙيل هو جهڙو ڪنهن پيالي جو ڪَنو، يا سوسن جو گل ٿيندو آهي: جنهن ۾ ٻہ هزار بٿ ٿي ماپيا. 27۽ هن پتل جون ڏهہ گاڏيون جوڙيون؛ هر ڪنهن گاڏيءَ جي ڊيگهہ ۽ ويڪر چار هٿ، ۽ اوچائي ٽي هٿ هئي. 28۽ انهن گاڏين تي هن طرح جو ڪم ٿيل هو: انهن کي ڪنارا هئا؛ ۽ ڪنارا پٽڙين جي وچ ۾ هئا: 29۽ اُنهن پٽڙين جي وچ وارن ڪنارن تي شينهن، ۽ ڏاند، ۽ ڪروبي هئا؛ ۽ پٽڙين جي مٿان هڪڙو پائو هو: ۽ شينهن ۽ ڏاندن جي هيٺان هٿ جا جوڙيل هار پئي لڙڪيا. 30۽ هرهڪ گاڏيءَ کي چار پتل جا ڦيٿا ۽ چار پتل جون سيخون هيون: ۽ انهيءَ جي چئن پيرن هيٺ ٽيڪون هيون: انهيءَ چلمچيءَ هيٺ پلٽيل ٽيڪون هيون، جن مان هرهڪ جي پاسي تي هار هئا. 31۽ اُنهيءَ جو ڪنارو ڇٽ جي اندر ۽ مٿي هڪڙو هٿ هو: ۽ انهيءَ جو منهن گول هو، ۽ ڏيڍ هٿ هو، ۽ انهيءَ تي پائي جهڙو ڪم ٿيل هو: ۽ انهيءَ جي منهن تي بہ اُڪريل ڪم هو، ۽ انهن جا ڪنارا چورس هئا، گول نہ هئا. 32۽ چار ڦيٿا انهن ڪنارن جي هيٺان هئا؛ ۽ اُنهن ڦيٿن جون ڌريون گاڏيءَ ۾ هيون: ۽ هرهڪ ڦيٿي جي اوچائي ڏيڍ هٿ هئي. 33۽ اُنهن ڦيٿن تي اهڙو ڪم ٿيل هو جهڙو ڪنهن رٿ جي ڦيٿن تي ٿيندو آهي: انهن جون ڌريون، ۽ چڪرن جا ٽڪر، ۽ انهن جا آرا، ۽ انهن جا وچ جا ٽڪر، سڀ پلٽيل هئا. 34۽ هرهڪ گاڏيءَ جي چئن ڪنڊن هيٺ ٽيڪون هيون: اهي ٽيڪون خود گاڏيءَ جون هيون. 35۽ گاڏيءَ جي چوٽيءَ ۾ هڪڙو گول پٽو اڌ هٿ اوچو هو: ۽ گاڏيءَ جي چوٽيءَ تي انهيءَ جون ٽيڪون هيون، جنهن جا ڪنارا انهن منجهان نڪتل هئا. 36۽ انهن جي ٽيڪن جي تختين تي، ۽ انهن جي ڪنارن تي هن ڪروبي، ۽ شينهن، ۽ کجيءَ جا وڻ، هرهڪ جي وٿيءَ آهر اُڪري ڪڍيا؛ ۽ انهن جي چوڌاري هار هئا. 37انهيءَ طرح هن ڏهہ گاڏيون جوڙيون: سڀني جو هڪڙو سانچو، هڪڙي ماپ، ۽ هڪڙي شڪل هئي. 38۽ هن ڏهہ چلمچيون پتل جون جوڙيون: هڪڙي هڪڙي چلمچيءَ ۾ چاليهہ بٿ ٿي ماپيا: ۽ هڪڙي هڪڙي چلمچي چار هٿ هئي: ۽ انهن ڏهن گاڏين مان هرهڪ جي مٿان هڪڙي چلمچي. 39۽ هن پنج گاڏيون گهر جي سڄي هٿ پاسي رکيون، ۽ پنج گاڏيون گهر جي کٻي هٿ پاسي: ۽ هن اُهو سمنڊ گهر جي سڄي هٿ پاسي، اُڀرندي ڏي، ڏکڻ ڏانهن رکيو. 40۽ حيرام چلمچيون، ۽ بيلچا، ۽ ٿالهہ جوڙيا. انهيءَ طرح خداوند جي گهر ۾ بادشاهہ سليمان جي لاءِ جيڪو ڪم ڪرڻو هو سو سڀ هن ڪري پورو ڪيو. 41ٻہ پيلپاوا ڇٽن جا ۽ ٻہ پيالا، جي انهن پيلپاون جي مٿان هئا؛ ۽ پيلپاون جي چوٽيءَ تي جي ڇٽ هئا تن جي ٻن پيالن ڍڪڻ لاءِ ٻہ شبڪدار ڄاريون؛ 42۽ ٻن شبڪدار ڄارين لاءِ چار سؤ ڏاڙهون؛ هرهڪ شبڪدار ڄاريءَ لاءِ ٻہ ڏاڙهن جون قطارون پيلپاون جي ڇٽن جي ٻن پيالن ڍڪڻ لاءِ؛ 43۽ ڏهہ گاڏيون ۽ گاڏين تي ڏهہ چلمچيون؛ 44۽ هڪڙو سمنڊ ۽ ٻارهن ڏاند سمنڊ هيٺ؛ 45۽ باسڻ، ۽ بيلچا، ۽ ٿالهہ: يعني اهي سڀ باسڻ جي حيرام سليمان بادشاهہ جي لاءِ خداوند جي گهر ۾ جوڙيا، سي چمڪندڙ پتل جا هئا. 46يردن جي ميدان ۾، سڪات ۽ ضرتان جي وچ ۾ بادشاهہ چيڪي مٽيءَ واريءَ زمين ۾ انهن کي پلٽايو. 47۽ سليمان انهن سڀني باسڻن جي تور نہ ڪرائي، ڇالاءِ جو اُهي نهايت گهڻا هئا؛ پتل جي وزن جي پوري خبر پئجي نہ سگهي. 48۽ خداوند جي گهر ۾ جيڪي بہ باسڻ هئا، سي سڀ سليمان جوڙايا: سوني قربانگاهہ، ۽ سون جي ميز، جنهن تي نذر جي پاڪ ماني رکبي آهي؛ 49۽ الهامگاهہ جي اڳيان پنج شمعدان خالص سون جا سڄي پاسي، ۽ پنج کٻي پاسي؛ ۽ گل، ۽ ڏيئا، ۽ چمٽا، سون جا؛ 50۽ پيالا، ۽ ڦل وڍڻ جون ڪينچيون، ۽ رڪابيون، ۽ چمچا، ۽ باهہ کڻڻ جون ٿالهيون، نج سون جون؛ ۽ نرماد اندرئين گهر جي درن لاءِ، يعني پاڪ ترين جاءِ لاءِ، ۽ گهر جي درن لاءِ، يعني هيڪل جي لاءِ، سون جا. 51انهيءَ طرح خداوند جي گهر ۾ جيڪو ڪم سليمان ڪرايو سو پورو ٿيو. ۽ سليمان اُهي شيون کڻي آيو جي سندس پيءُ دائود مخصوص ڪيون هيون، يعني چاندي، ۽ سون، ۽ باسڻ، اُهي هن خداوند جي گهر جي خزانن ۾ رکيا.
Currently Selected:
1 - بادشاهہ 7: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.