1 - بادشاهہ 6
6
1بني اسرائيل مصر جي زمين مان نڪتا تنهن کان چار سؤ اسي ورهيہ پوءِ، ۽ اسرائيل تي سليمان جي بادشاهيءَ جي چوٿين ورهيہ ۾، زيو جي مهيني ۾، جو ٻيو مهينو آهي، هيئن ٿيو جو هن خداوند جو گهر جوڙڻ شروع ڪيو. 2۽ جيڪو گهر بادشاهہ سليمان خداوند جي لاءِ جوڙيو تنهن جي ڊيگهہ سٺ هٿ هئي، ۽ ان جي ويڪر ويهہ هٿ هئي، ۽ اوچائي ٽيهہ هٿ هئي. 3۽ گهر جي پاڪ جاءِ جي اڳيان جيڪو ورانڊو هو، تنهن جي ڊيگهہ گهر جي ويڪر جيتري ويهہ هٿ هئي، ۽ انهي ورانڊي جي ويڪر گهر جي اڳيان ڏهہ هٿ هئي. 4۽ گهر جي لاءِ هن پڪيون جعفري واريون دريون جوڙايون. 5۽ گهر جي ڀت تي هن چوڌاري، يعني گهر جي ڀتين تي، جهڙو پاڪ جاءِ جي، تهڙو الهامگاهہ جي چوڌاري، طبقا جوڙايائين: ۽ هن چوڌاري پاسي واريون ڪوٺيون بہ جوڙايون: 6سڀ کان هيٺيون طبقو پنج هٿ ويڪرو هو، ۽ وچون ڇهہ هٿ ويڪرو هو، ۽ ٽيون ست هٿ ويڪرو هو: ڇالاءِ جو ٻاهران گهر جي چوڌاري ڀت ۾ هن ٽيڪون جوڙايون، انهيءَ لاءِ تہ ڪامون گهر جي ڀتين ۾ کپُ نہ ڪن. 7۽ جڏهن گهر جڙڻ لڳو، تڏهن کاڻ وٽ تيار ڪيل پٿرن سان اُهو جوڙيو ويو: ۽ نہ مُترڪي، نہ ڪهاڙي ۽ نہ ٻئي ڪنهن لوهہ جي اوزار جو آواز، گهر جوڙيندي گهر منجهہ ٻڌڻ ۾ آيو. 8وچين پاسي وارين ڪوٺين جو در گهر جي سڄي هٿ واري پاسي هو: ۽ ماڻهو گول ڏاڪڻ جي رستي وچين ڪوٺين ۾ ٿي ويا، ۽ وچين مان وري ٽئين طبقي وارين ڪوٺين ۾. 9انهيءَ طرح هن گهر جوڙي پورو ڪيو؛ ۽ هن گهر تي ديودار جون ڪامون ۽ تختا رکي انهيءَ کي ڍڪيو. 10۽ هن ساري گهر جي مٿان طبقا جوڙايا، هرهڪ پنج هٿ مٿي هو: ۽ اُهي ديودار جي ڪاٺ تي گهر جي مٿان بيٺل هئا.
11۽ خداوند جو ڪلام سليمان وٽ آيو، تہ 12هي جيڪو گهر تون جوڙين ٿو، تنهن جي نسبت ۾ جيڪڏهن تون منهنجن قانونن تي هلندين، ۽ منهنجن فيصلن جي تعميل ڪندين، ۽ منهنجا سڀ حڪم بجا آڻي انهن تي هلندين؛ تہ جيڪي ڳالهيون مون تنهنجي پيءُ دائود سان ڪيون آهن سي قائم رکندس. 13۽ آءٌ بني اسرائيل منجهہ رهندس ۽ پنهنجيءَ قوم اسرائيل کي ڇڏي نہ ڏيندس.
14۽ نيٺ سليمان گهر جوڙائي پورو ڪيو. 15۽ هن گهر جون ڀتيون اندران ديودار جي تختن سان جوڙايون؛ گهر جي فرش کان وٺي ڇت جي ڀتين تائين هن اُنهن کي اندران تختن سان ڍڪيو: ۽ گهر جي فرش کي هن صنوبر جي تختن سان ڍڪيو. 16۽ گهر جي پٺئين پاسي، فرش کان وٺي ڀتين تائين هن ويهہ هٿ ديودار جي تختن سان اڏايا: بلڪ انهيءَ جي اندران بہ الهامگاهہ لاءِ، يعني پاڪ ترين جاءِ لاءِ، هن اُهي اڏايا. 17۽ اهو گهر، يعني الهامگاهہ جي اڳ واري پاڪ جاءِ، چاليهہ هٿ ڊگهي هئي. 18۽ اندران گهر تي جيڪو ديودار جو ڪاٺ هو، تنهن تي لاٽون ۽ کليل گل اُڪريل هئا: سمورو ديودار جو ڪاٺ هو؛ پٿر اصل ڏسڻ ۾ نٿي آيو. 19۽ اندران گهر جي وچ ۾ هن هڪڙو الهامگاهہ تيار ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اُنهيءَ ۾ خداوند جي عهدنامي واري صندوق رکي. 20۽ الهامگاهہ جي اندر جيڪا جاءِ ٿي آئي سا ويهہ هٿ ڊگهي، ۽ ويهہ هٿ ويڪري، ۽ ويهہ هٿ اوچي هئي؛ ۽ هن انهيءَ تي نج سون لڳايو: ۽ قربانگاهہ کي ديودار جي ڪاٺ سان ڍڪي ڇڏيائين. 21انهيءَ طرح سليمان گهر کي اندران نج سون لڳايو: ۽ سون جا زنجير الهامگاهہ جي اڳيان ٻڌي ڇڏيائين؛ ۽ اُنهيءَ تي هن سون چاڙهيو. 22۽ ساري گهر تي هن سون مڙهيو، ۽ سارو گهر جُڙي تيار ٿيو: الهامگاهہ جي قربانگاهہ تي بہ هن سون مڙهيو. 23۽ الهامگاهہ ۾ هن زيتون جي ڪاٺ جا ٻہ ڪروبي جوڙايا، جي ڏهہ ڏهہ هٿ اوچا هئا. 24۽ ڪروبي جو هڪڙو پر بہ پنج هٿ هو ۽ ٻيو پر بہ پنج هٿ هو: هڪڙي پر جي چهنبڙيءَ کان وٺي ٻئي پر جي چهنبڙيءَ تائين ڏهہ هٿ هئا. 25۽ ٻيو ڪروبي بہ ڏهہ هٿ هو: ٻئي ڪروبي هڪڙيءَ ماپ ۽ هڪڙيءَ شڪل جا هئا. 26هڪڙي ڪروبيءَ جي اوچائي ڏهہ هٿ هئي ۽ ٻئي جي بہ اوتري هئي. 27۽ هن اُهي ڪروبي اندرئين گهر منجهہ رکيا: ۽ ڪروبين جا پر کنڊريل هئا، اهڙيءَ طرح جو هڪڙي جو پر هڪڙيءَ ڀت کي ٿي لڳو، ۽ ٻئي ڪروبيءَ جو پر ٻيءَ ڀت کي ٿي لڳو؛ ۽ هنن جا پر گهر جي وچ ۾ هڪ ٻئي سان لڳل هئا، 28۽ هن ڪروبين تي بہ سون لڳايو. 29۽ هن گهر جي چوڌاري سڀني ڀتين تي ڪروبين، ۽ کجيءَ جي وڻن، ۽ ٽڙيل گلن جون شڪليون اندران ٻاهران اُڪرائي ڇڏيون. 30۽ گهر جي فرش تي بہ اندران ٻاهران هن سون مڙهايو. 31۽ الهامگاهہ ۾ گهڙڻ جي لاءِ هن زيتون جي ڪاٺ جا دروازا جوڙايا: ۽ سردر ۽ درن جا چونڪ ڀت تي پنجين حصي جيترا هئا. 32انهيءَ طرح هن زيتون جي ڪاٺ جا ٻہ در جوڙايا؛ ۽ هن انهن تي ڪروبين ۽ کجيءَ جي وڻن، ۽ ٽڙيل گلن جون اُڪريل شڪليون ڪڍائي ڇڏيون، ۽ انهن تي سون لڳايائين؛ ۽ هن ڪروبين تي، ۽ کجيءَ جي وڻن تي بہ سون پکيڙائي ڇڏيو. 33ساڳيءَ طرح هن ڀت جي چوٿين حصي ۾ پاڪ جاءِ ۾ گهڙڻ لاءِ زيتون جي ڪاٺ مان درن جا چونڪ ٺهرايا؛ 34۽ صنوبر جا ٻہ در جوڙايائين؛ هڪڙي در جا ٻہ طاق هڪ ٻئي اندر پوندا هئا، ۽ ٻئي در جا ٻہ طاق بہ هڪ ٻئي اندر پوندا هئا. 35۽ اُنهن تي هن ڪروبي، ۽ کجين جا وڻ ۽ ٽڙيل گل اُڪرايا: ۽ اُنهن تي هن سون چاڙهيو جو اُڪريل ڪم تي مڙهيل هو. 36۽ هن اندريون ايوان ڇليل پٿرن جي ٽن قطارن سان، ۽ ديودار جي ڪامن جي هڪڙي قطار سان جوڙايو. 37چوٿين سال، زيو جي مهيني ۾، خداوند جي گهر جو بنياد وڌو ويو. 38۽ يارهين سال، بول جي مهيني ۾، جو اٺون مهينو آهي، سڀني پاسن کان، ۽ هر طرح جي ٺهرايل دستور موجب، گهر جُڙي تيار ٿيو. انهيءَ طرح هن ست ورهيہ اُهو پئي جوڙايو.
Currently Selected:
1 - بادشاهہ 6: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.