YouVersion Logo
Search Icon

1 - بادشاهہ 5

5
1۽، صور جي بادشاهہ حيرام پنهنجا نوڪر سليمان ڏي موڪليا، ڇالاءِ جو هن ٻڌو تہ هن کي سندس پيءُ جي جاءِ تي مسح ڪري بادشاهہ ڪيو هئائون: جو حيرام هميشہ دائود کي پيار ڪندو هو. 2۽ سليمان حيرام کي چوائي موڪليو تہ 3توکي خبر آهي تہ هر طرف جنگين هئڻ سبب منهنجو پيءُ دائود خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي گهر جوڙائي نہ سگهيو، جيسين ڪ خداوند اُهي سندس پيرن جي ترين هيٺ ڪيا. 4پر هاڻي خداوند منهنجي خدا مون کي هر ڪنهن پاسي کان آرام ڏنو آهي؛ ۽ نہ ڪو مخالف آهي ۽ نہ ڪا خرابي آهي. 5۽ ڏس، منهنجو ارادو آهي تہ جيئن خداوند منهنجي پيءُ دائود کي چيو هو تہ تنهنجو پٽ جنهن کي آءٌ تنهنجي بجاءِ تخت تي ويهاريندس، سو منهنجي نالي تي گهر جوڙيندو، تيئن آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي نالي تي هڪڙو گهر جوڙيان. 6تنهنڪري هاڻي حڪم جاري ڪر تہ لبنان مان منهنجي لاءِ ديودار جا وڻ وڍيا وڃن، ۽ منهنجا نوڪر تنهنجن نوڪرن سان همراهہ ٿيندا؛ ۽ آءٌ تنهنجن نوڪرن جو اُجورو، جيترو تون چوندين اوترو ڏيندس: ڇالاءِ جو توکي خبر آهي تہ اسان ۾ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو ڪاٺ وڍڻ جي هنر ۾ صيدونين جهڙو هجي. 7۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن حيرام سليمان جون اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ چوڻ لڳو تہ اڄوڪي ڏينهن خداوند برڪت وارو هجي جنهن دائود کي هن وڏيءَ قوم لاءِ هڪڙو ڏاهو پٽ ڏنو آهي. 8۽ حيرام سليمان ڏي چوائي موڪليو تہ جيڪو پيغام تو مون ڏي موڪليو آهي سو مون ٻڌو آهي: ديودار جي ڪاٺ ۽ صنوبر جي ڪاٺ جي نسبت ۾ جيئن تنهنجي مرضي آهي تيئن آءٌ ڪندس. 9منهنجا نوڪر، اُهي لبنان کان هيٺ سمنڊ تائين آڻيندا: ۽ آءٌ انهن کي ڳنڍي ٻيڙين وانگر سمنڊ جي رستي انهيءَ هنڌ آڻيندس جو تون مقرر ڪندين، ۽ پوءِ آءٌ اُهي توکي کولائي ڏيندس ۽ تون انهن کي وٺج: ۽ تون منهنجي گهر جي لاءِ کاڌو موجود ڪري منهنجي مرضي پوري ڪج. 10انهيءَ طرح حيرام سليمان کي سندس خواهش موجب ديودار جو ڪاٺ ۽ صنوبر جو ڪاٺ پهچائي ڏنو. 11۽ سليمان حيرام کي سندس گهر جي کاڌي لاءِ ويهہ هزار ماڻ ڪڻڪ جا، ۽ ويهہ ماڻ نج تيل جا ڏنا: انهيءَ طرح سال بسال سليمان حيرام کي ڏيندو رهيو. 12۽ خداوند سليمان کي سياڻپ ڏني، جيئن ڪ هن سان انجام ڪيو هئائين؛ ۽ حيرام ۽ سليمان جي وچ ۾ صلح قائم رهيو؛ ۽ هنن ٻنهي پاڻ ۾ هڪڙو عهد ڪيو.
13۽ بادشاهہ سليمان ساريءَ اسرائيل قوم مان ماڻهو زوريءَ ڀرتي ڪرڻ لڳو؛ ۽ اهي گڏ ڪيل ماڻهو ٽيهہ هزار ٿيا. 14۽ هن انهن کي لبنان ڏي ڏياري موڪليو، ۽ واري واري سان هر مهيني ڏهہ هزار موڪليائين: هڪ مهينو هو لبنان ۾ رهندا هئا ۽ ٻہ مهينا گهر ۾: ۽ ادونيرام اُنهن گڏ ڪيل ماڻهن جي مٿان هو. 15۽ سليمان وٽ ستر هزار ماڻهو بار کڻڻ وارا هئا، ۽ اسي هزار ماڻهو جبلن ۾ پٿرن ٽُڪڻ وارا هئا؛ 16انهيءَ ڪم تي جيڪي سليمان جا مکيہ عملدار هئا، تن کان سواءِ ٽي هزار ۽ ٽي سؤ اُهي هئا جي انهيءَ ڪم ڪرڻ وارن جي مٿان حڪم هلائيندا هئا. 17۽ بادشاهہ حڪم ڏنو ۽ هنن وڏا وڏا پٿر ۽ قيمتي پٿر ٽُڪي ڪڍيا، انهيءَ لاءِ تہ ڇليل پٿرن سان عمارت جو بنياد وجهڻ ۾ اچي. 18۽ سليمان جا رازا، ۽ حيرام جا رازا، ۽ جبلي انهن کي ڇلڻ لڳا، ۽ ڪاٺ، ۽ پٿر گهر جوڙڻ لاءِ تيار ڪرڻ لڳا.

Currently Selected:

1 - بادشاهہ 5: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in