1 - بادشاهہ 4
4
1۽ بادشاهہ سليمان ساري اسرائيل تي بادشاهہ هو. 2۽ هن وٽ هي امير هوندا هئا؛ عزرياہ بن صدوق، ڪاهن؛ 3سيسہ جا پٽ اليحورف ۽ احياہ جي منشي هئا؛ يهوسفط بن اخيلود، دفتردار؛ 4۽ بناياہ بن يهويدع، لشڪر جي مٿان هو؛ ۽ صدوق ۽ ابياتر ڪاهن هئا؛ 5۽ عزرياہ بن ناتن عملدارن جي مٿان هو؛ ۽ زبود بن ناتن ڪاهن هو ۽ بادشاهہ جو دوست هو؛ 6۽ اخيسر گهر جي ڪم ڪار جي مٿان هو؛ ۽ ادونرام بن عبدا ڀرتي ڪيل ماڻهن جي مٿان هو. 7۽ سليمان جا ٻارهن عملدار ساري اسرائيل جي مٿان هوندا هئا، جي بادشاهہ ۽ سندس گهراڻي لاءِ سرسات موجود ڪري ڏيندا هئا: هرهڪ سال ۾ هڪ مهيني جي لاءِ سامان موجود ڪري ڏيندو هو. 8۽ انهن جا نالا هي آهن: بن حور، افرائيم جي ڪوهستان ۾: 9بن دقر، مقاض ۾، ۽ سعلبيم ۾، ۽ بيت شمس ۾، ۽ ايلون ۾، ۽ بيت حنان ۾: 10بن حصد، اربوت ۾؛ شوڪ ۽ حفر جو سارو ملڪ هن جي علائقي ۾ هو: 11بن ابينداب، دور جي ساري مٿانهين ملڪ ۾؛ سليمان جي ڌيءَ طافت انهيءَ جي زال هئي: 12بعنہ بن اخيلود، تعناڪ ۽ مجدو ۾، ۽ سارو بيت شان، جو ضرتان جي پاسي ۾، يزرعيل جي هيٺان، بيت شان کان وٺي ابيل محولہ تائين، بلڪ يقمعام کان بہ پرتي ٿو وڃي، تنهن ۾: 13بن جبر، رامات جلعاد ۾؛ جنهن جي علائقي ۾ يائير بن منسيءَ جا شهر هئا، جي جلعاد ۾ آهن؛ ۽ انهيءَ جي هٿ ۾ ارجوب جو حصو هو، جو بسن ۾ آهي، ۽ اُتي سٺ وڏا شهر ڀتين سان ۽ پتل جي گزن سان هئا: 14اخينداب بن عدو، محنايم ۾: 15اخيمعض، نفتالي ۾؛ هن بہ سليمان جي ڌيءَ بسمت سان شادي ڪئي: 16بعنہ بن حوسي، آشر ۽ علوت ۾: 17يهوسفط بن فروح، اشڪار ۾: 18سمعي بن ايلا، بنيمين ۾: 19جبر بن اُوري، جلعاد جي زمين ۾، ۽ امورين جي بادشاهہ سيحون، ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جي ملڪ ۾؛ انهيءَ ملڪ ۾ اهو ئي هڪڙو عملدار هو. 20يهوداہ ۽ اسرائيل جي قوم ايتري گهڻي هئي جيتري سمنڊ جي ڪناري جي واري، ۽ اُهي ماڻهو کائيندا پيئندا ۽ مزا ماڻيندا ٿي وتيا.
21۽ فرات نديءَ کان وٺي فلستين جي زمين تائين، ۽ مصر جي سرحد تائين جيڪي بادشاهتون هيون تن سڀني تي سليمان حڪم هلائيندو هو؛ اُهي نذرانا آڻيندا هئا، ۽ سندس ساري حياتيءَ جا ڏينهن سليمان جي خدمت چاڪري ڪندا رهيا. 22۽ سليمان جي هڪڙي ڏينهن جي سرسات ٽيهہ ماڻ ميدي جا، ۽ سٺ ماڻ اٽي جا؛ 23ڏهہ پاليل ٿلها ڏاند، ۽ ويهہ ٻاهر جهنگ ۾ چرندڙ ڏاند، ۽ هڪ سؤ رڍون، تنهن کان سواءِ ڄانگها، ۽ هرڻ، ۽ چڪارا، ۽ پاليل ٿلها پکي. 24ڇالاءِ جو فرات نديءَ جي هن ڀر تفسح کان وٺي غزہ تائين جيڪو ملڪ هو تنهن تي، ۽ فرات نديءَ جي هن ڀر جيڪي بادشاهہ هئا تن تي، هن جو حڪم هلندو هو: ۽ هن جي آس پاس سڀني پاسن ڏانهن صلح هو. 25۽ يهوداہ ۽ اسرائيل جا سڀ ماڻهو سليمان جي ساري حياتيءَ جي ڏينهن ۾، دان کان وٺي بيرسبع تائين، پنهنجي پنهنجي ڊاک جي منهہ، ۽ انجير جي وڻ هيٺ صحيح سلامت رهندا آيا. 26۽ سليمان وٽ سندس گاڏين جي لاءِ گهوڙن جون چاليهہ هزار ڪڙهيون هيون، ۽ ٻارهن هزار گهوڙي سوار هئا. 27۽ انهن عملدارن مان هرهڪ پنهنجي مهيني ۾ سليمان بادشاهہ جي لاءِ، ۽ جيڪي سليمان بادشاهہ جي دسترخاني تي ايندا هئا تن سڀني جي لاءِ، کاڌو موجود ٿي ڪيو: هنن ڪنهن بہ شيءِ جي گهٽتائي نہ ٿي ڪئي. 28انهن مان هرهڪ پنهنجي مليل حڪم موجب گهوڙن ۽ تکن وهٽن جي لاءِ، جَوَ ۽ گاهہ بہ، انهيءَ هنڌ ٿي آندو، جتي اُهي هوندا هئا.
29۽ خدا سليمان کي سياڻپ ۽ سمجهہ تمام گهڻي ڏني، ۽ سندس دل جي ڪشادگي اهڙي هئي جهڙي واري، جا سمنڊ جي ڪناري تي هوندي آهي. 30۽ سليمان جي سياڻپ اُڀرندي جي سڀني ماڻهن جي سياڻپ کان، ۽ مصر جي ساري سياڻپ کان وڌيڪ هئي. 31ڇالاءِ جو هو سڀني ماڻهن کان ڏاهو هو؛ ايتان ازراخي، ۽ هيمان، ۽ ڪل ڪول، ۽ دردع کان بہ، جي محول جا پٽ هئا؛ ۽ هن جي ناموس آس پاس وارين سڀني قومن ۾ هئي. 32۽ هن ٽي هزار مثل چيا: ۽ هن جا گيت هڪ هزار ۽ پنج هئا. 33۽ هن وڻن جو بيان ڏنو: ديودار، جو لبنان ۾ ٿئي ٿو تنهن کان وٺي زوفا، جو ڀتين مان ٿو اُڀري تنهن تائين: هن جانورن بابت، ۽ پکين بابت، ۽ سُرندڙن شين بابت، ۽ مڇين بابت بہ بيان ڏنو. 34۽ سڀني قومن، ۽ زمين جي بادشاهن جن سليمان جي ڏاهپ جو ٻڌو هو، سي هن جي ڏاهپ ٻڌڻ لاءِ ايندا هئا.
Currently Selected:
1 - بادشاهہ 4: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.