YouVersion Logo
Search Icon

1 - بادشاهہ 3

3
1۽ سليمان مصر جي بادشاهہ فرعون سان مائٽي ڳنڍي، ۽ فرعون جي ڌيءَ سان شادي ڪري انهيءَ کي دائود جي شهر ۾ وٺي آيو، جيسين ڪ پنهنجو گهر، ۽ خداوند جو گهر، ۽ يروشلم جي چوڌاري ڀت جوڙائي پوري ڪيائين. 2ماڻهو فقط مٿانهن هنڌن تي قربانيون چاڙهيندا هئا، ڇالاءِ جو انهن ڏينهن تائين خداوند جي نالي تي ڪوبہ گهر جڙيل نہ هو. 3۽ سليمان خداوند سان محبت رکي پنهنجي پيءُ دائود جي قانونن تي هليو: رڳو مٿانهن هنڌن تي قربانيون ڪندو هو ۽ لوبان ساڙيندو هو.
4۽ بادشاهہ قرباني ڪرڻ لاءِ جبعون ڏي ويو؛ ڇالاءِ جو اهو ئي خاص مٿانهون هنڌ هو: انهيءَ قربانگاهہ تي سليمان هڪ هزار سوختني قربانيون چاڙهيون. 5جبعون ۾ خداوند سليمان کي رات جو خواب ۾ ڏيکاري ڏني: ۽ خدا چيو تہ ٻڌاءِ تہ آءٌ توکي ڇا ڏيان؟ 6تڏهن سليمان چيو تہ تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود کي گهڻي مهرباني ڏيکاري آهي، جو هو تنهنجي اڳيان سچائي، ۽ راستبازي، ۽ دل جي صداقت سان تو سان هلندو هو؛ ۽ تو هن واسطي اها وڏي مهرباني قائم رکي آهي جو سندس تخت تي ويهڻ لاءِ کيس هڪڙو پٽ ڏنو اٿيئي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي. 7۽ هاڻي، اي خداوند منهنجا خدا، تو پنهنجي ٻانهي کي، منهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو آهي: ۽ آءٌ رڳو هڪڙو ننڍڙو ٻار آهيان؛ مون کي اها خبر نہ آهي تہ ڪيئن ٻاهر وڃان يا اندر اچان. 8۽ تنهنجو ٻانهو تنهنجي انهيءَ قوم جي وچ ۾ آهي، جا تو پسند ڪئي آهي، ۽ اهڙي وڏي قوم آهي جا ڪثرت جي ڪري ڳڻي يا شمار ڪري نہ ٿي سگهجي. 9تنهنڪري پنهنجي ٻانهي کي اهڙي سمجهہ ڀري دل ڏي تہ تنهنجي قوم جي عدالت ڪري، جنهنڪري آءٌ چڱي ۽ بڇڙي جي وچ ۾ تميز ڪري سگهان؛ ڇالاءِ جو ڪير هن تنهنجي وڏيءَ قوم جي عدالت ڪري سگهندو؟ 10۽ انهيءَ ڳالهہ ڪري خداوند خوش ٿيو جو سليمان اها شيءِ گهري هئي. 11۽ خداوند هن کي چيو تہ تو اها شيءِ گهري آهي، ۽ پنهنجي لاءِ وڏي حياتي نہ گهري آهي؛ نڪي پنهنجي لاءِ دولت گهري اٿيئي، ۽ نہ پنهنجي دشمنن جو ساهہ گهريو اٿيئي؛ پر پنهنجي لاءِ پوري عدالت ڪرڻ لاءِ سمجهہ گهري اٿيئي، 12تنهنڪري ڏس، جيئن تو چيو آهي تيئن مون ڪيو آهي: ڏس مون توکي عقل ۽ سمجهہ واري دل ڏني آهي؛ جنهنڪري تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ماڻهو توکان اڳي نہ ٿيو، ۽ نہ توکان پوءِ ڪو ٻيو تو جهڙو پيدا ٿيندو. 13۽ مون توکي اهو بہ ڏنو آهي جو تو نہ گهريو آهي، يعني دولت، ۽ عزت، جنهنڪري تنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ بادشاهن مان ڪوبہ تو جهڙو نہ ٿيندو. 14۽ جيڪڏهن منهنجن قانونن ۽ حڪمن جي تعميل ڪرڻ لاءِ تون منهنجن رستن تي هلندين، جيئن ڪ تنهنجو پيءُ دائود هلندو هو، تہ پوءِ آءٌ تنهنجي عمر وڏي ڪندس. 15۽ سليمان جاڳيو، ۽ ڏٺائين تہ اهو هڪڙو خواب آهي: ۽ هو يروشلم ۾ آيو ۽ خداوند جي عهدنامي واري صندوق جي اڳيان بيٺو، ۽ سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيائين، ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن جي مهماني ڪيائين.
16تنهن کان پوءِ ڪي ٻہ زالون، جي ڪسبياڻيون هيون، سي بادشاهہ وٽ آيون ۽ اچي سندس اڳيان بيٺيون. 17۽ هڪڙيءَ زال چيو تہ اي منهنجا ڌڻي آءٌ ۽ هيءَ زال ٻئي هڪڙي گهر ۾ ٿيون رهون؛ ۽ مون کي هڪڙو ٻار ڄائو، ۽ انهيءَ مهل هيءَ بہ گهر ۾ هئي. 18۽ منهنجي ٻار ڄڻڻ کان پوءِ ٽئين ڏينهن هيئن ٿيو تہ هن زال بہ ٻار ڄڻيو؛ ۽ اسين گڏ هيون سين؛ ۽ گهر ۾ اسان ٻن کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڌاريو ماڻهو ڪونہ هو. 19۽ هن زال جو ٻار رات جو مري ويو؛ ڇالاءِ جو هن انهيءَ جي مٿان سمهي اُن کي چپي ڇڏيو. 20۽ هن اڌ رات جو اُٿي منهنجو پٽ منهنجي پاسي مان کنيو ۽ انهيءَ مهل تنهنجي ٻانهي سُتي پيئي هئي، ۽ انهيءَ کي کڻي پنهنجي ڇاتيءَ سان لاتائين، ۽ پنهنجو مئل ٻار منهنجي بغل ۾ سمهاري ويئي. 21۽ جڏهن آءٌ صبح جو پنهنجي ٻار کي کير پيارڻ لاءِ اُٿيس تڏهن ڏسان تہ اُهو مئو پيو آهي: پر جڏهن صبح جو مون ڌيان ڏيئي نهاريو، تڏهن ڏٺم تہ اُهو منهنجو ڄڻيل پٽ نہ آهي. 22۽ هن ٻيءَ زال چيو تہ ائين نہ آهي؛ پر هي جيئرو منهنجو پٽ آهي، ۽ هو مئل تنهنجو پٽ آهي. ۽ هن زال چيو تہ ائين نہ آهي؛ پر هي مئل تنهنجو پٽ آهي، ۽ هو جيئرو منهنجو پٽ آهي. انهيءَ طرح هنن بادشاهہ جي اڳيان پنهنجي پنهنجي ڳالهہ ڪئي. 23تڏهن بادشاهہ چيو تہ هڪڙي ٿي چوي تہ هي جيئرو منهنجو پٽ آهي، ۽ هو مئل تنهنجو پٽ آهي: ۽ ٻي ٿي چوي تہ نہ، مئل پٽ تنهنجو آهي، ۽ جيئرو منهنجو پٽ آهي. 24۽ بادشاهہ چيو تہ مون کي ترار آڻي ڏيو. ۽ هڪڙي ترار آڻي بادشاهہ جي اڳيان رکيائون. 25۽ بادشاهہ چيو تہ هن جيئري ٻار کي ورهائي ٻہ ٽڪر ڪريو، ۽ اڌ هڪڙيءَ کي ڏيو، ۽ اڌ ٻيءَ کي. 26تڏهن جنهن زال جو اهو جيئرو ٻار هو تنهن جي آنڊن ٻار لاءِ ڇڪي کاڌي، ۽ انهيءَ بادشاهہ کي چيو تہ اي منهنجا ڌڻي، اهو جيئرو ٻار هن کي ڏيئي ڇڏيو، ۽ ڪنهن بہ طرح انهيءَ کي قتل نہ ڪريو. پر ٻيءَ چيو تہ ڀلي اهو نہ منهنجو ٿئي نہ تنهنجو؛ انهيءَ کي وڍي ٻہ ٽڪر ڪريو. 27تڏهن بادشاهہ ورندي ڏيئي چيو تہ انهيءَ زال کي اهو جيئرو ٻار ڏيئي ڇڏيو، ۽ ڪنهن بہ طرح انهيءَ کي قتل نہ ڪريو؛ اها ئي انهيءَ جي ماءُ آهي. 28۽ اها جيڪا عدالت بادشاهہ ڪئي سا سڄي اسرائيل قوم ٻڌي؛ ۽ هو بادشاهہ کان ڊڄڻ لڳا: ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ عدالت ڪرڻ لاءِ هن ۾ خدا جي ڏاهپ آهي.

Currently Selected:

1 - بادشاهہ 3: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in