YouVersion Logo
Search Icon

1 - بادشاهہ 2

2
1هاڻي دائود جي مرڻ جا ڏينهن اچي ويجها ٿيا؛ ۽ هن پنهنجي پٽ سليمان کي وصيت ڪئي ۽ چيائينس، تہ 2آءٌ جهان وارو رستو وٺيو ٿو وڃان: تنهنڪري تون مضبوط ٿيءُ ۽ مڙس ماڻهو ٿي هل؛ 3۽ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي سنڀال ڪج، ۽ انهيءَ جي رستن تي هلج، ۽ سندس قانونن، ۽ سندس حڪمن، ۽ سندس فيصلن، ۽ سندس شاهدين تي سنڀالي عمل ڪج، جيئن ڪ موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، تہ پوءِ جيڪي بہ تون ڪرين تنهن ۾، ۽ جيڏانهن بہ تون مهاڙ ڪرين تيڏانهن ڪاميابي حاصل ڪرين: 4۽ خداوند منهنجي نسبت ۾ جيڪو ڪلام ڪيو آهي سو قائم ڪري، جو چيو اٿس تہ جيڪڏهن تنهنجو اولاد پنهنجي رستي جي سنڀال ڪري پنهنجي ساريءَ دل ۽ پنهنجي ساري روح سان سچ جي رستي منهنجي اڳيان هلندو، تہ ڪڏهن بہ تو وٽ اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهو جي ڪمي نہ ٿيندي. 5تنهن کان سواءِ تون اهو بہ ڄاڻين ٿو تہ يوآب بن ضروياہ مون سان ڇا ڪيو، يعني اسرائيل جي لشڪرن جي ٻن سردارن ابنير بن نير، ۽ عماسا بن يتر سان ڇا ڪيائين؛ جن کي هن ڪُٺو، ۽ صلح جي وقت جنگ وارو رت وهايائين، ۽ جنگ وارو رت پنهنجي چيلهہ تي ٻڌل ڪمربند تي، ۽ پنهنجن پيرن ۾ پيل جُتيءَ تي وڌائين. 6تنهنڪري پنهنجي سمجهہ موجب عمل ڪج، ۽ هن جي اڇي مٿي کي صلح سلامتيءَ سان قبر ۾ وڃڻ نہ ڏج. 7پر برزلي جلعاديءَ جي پٽن کي مهرباني ڏيکارج، ۽ هو انهن ۾ شامل ٿين جي تنهنجي دسترخاني تي ماني کائيندا: ڇالاءِ جو جڏهن آءٌ تنهنجي ڀاءُ ابي سلوم کان ڀڳو هوس تڏهن هو بہ مون سان ائين ئي ڪرڻ لاءِ آيا هئا. 8۽ ڏس، توسان سمعي بن جيرا، جو بحوريم جو رهندڙ بنيميني آهي؛ انهيءَ مون تي محنايم ۾ وڃڻ واري ڏينهن سخت لعنت وڌي هئي: پر هو يردن وٽ منهنجي استقبال لاءِ لهي آيو، ۽ مون خداوند جو قسم کڻي هن کي چيو تہ آءٌ کيس ترار سان قتل نہ ڪندس. 9تنهنڪري هاڻي هن کي بيگناهہ نہ ڄاڻج، ڇالاءِ جو تون ڏاهو ماڻهو آهين؛ ۽ تون پاڻيهي ڄاڻندين تہ هن سان ڇا ڪرڻ گهرجي، ۽ تون هن جو اڇو مٿو رت سان ڀري قبر ۾ وجهج. 10پوءِ دائود وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان سُتو، ۽ دائود جي شهر ۾ دفن ڪيو ويو. 11۽ دائود چاليهہ ورهيہ اسرائيل تي بادشاهي ڪئي: ست ورهيہ هن حبرون ۾ بادشاهي ڪئي، ۽ ٽيٽيهہ ورهيہ يروشلم ۾.
12۽ سليمان پنهنجي پيءُ دائود جي تخت تي ويٺو: ۽ هن جي بادشاهت گهڻي مضبوط ٿي. 13تنهن کان پوءِ ادونياہ بن حجيت سليمان جي ماءُ بت سبع وٽ آيو. ۽ هن چيس تہ تون خير مان ٿو اچين؟ ۽ هن چيو تہ خير مان. 14هن وڌيڪ هي بہ چيس تہ مون کي ڪجهہ توکي چوڻو آهي. تڏهن هن چيس تہ ڀلي چئُہ. 15۽ هو چوڻ لڳو تہ تون ڄاڻين ٿي تہ بادشاهت منهنجي هئي، ۽ ساري اسرائيل قوم پنهنجا منهن مون ڏي ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ بادشاهي ڪريان: پر بادشاهي ڦري منهنجي ڀاءُ جي ٿي پيئي: ڇالاءِ جو اُها خداوند جي طرفان انهيءَ جي هئي. 16۽ هاڻي آءٌ توکي هڪڙو سوال ٿو ڪريان، اُهو رد نہ ڪج. ۽ هن چيس تہ بيشڪ چئُہ. 17تڏهن هن چيو تہ ڀلائي ڪري سليمان بادشاهہ کي چئُہ (ڇالاءِ جو هو توکي انڪار نہ ڪندو) تہ هو مون کي ابي شاگ شونميت پرڻائي ڏئي. 18۽ بت سبع چيو تہ چڱو؛ آءٌ تنهنجي لاءِ بادشاهہ کي چونديس. 19تنهنڪري بت سبع بادشاهہ سليمان وٽ ادونياہ جي لاءِ ڳالهہ ڪرڻ ويئي. ۽ بادشاهہ هن جي استقبال لاءِ سندس اڳيان اُٿي بيٺو، ۽ ڪنڌ جهڪايائين، پوءِ پنهنجي تخت تي ويٺو، ۽ بادشاهہ پنهنجي ماءُ جي لاءِ ٻيو هڪڙو تخت رکايو؛ ۽ هوءَ سندس سڄي هٿ پاسي ويٺي. 20پوءِ هوءَ چوڻ لڳي تہ آءٌ توکي هڪڙو خسيس سوال ٿي ڪريان؛ اهو تون رد نہ ڪج. ۽ بادشاهہ هن کي چيو تہ امان ڀلي ڪر: آءٌ تنهنجي ڳالهہ رد نہ ڪندس. 21تڏهن هن چيو تہ تون ابي شاگ شونميت پنهنجي ڀاءُ ادونياہ کي پرڻائي ڏي. 22۽ بادشاهہ سليمان پنهنجي ماءُ کي ورندي ڏيئي چيو تہ تون ابي شاگ شونميت ادونياہ جي لاءِ ڇو ٿي گهرين؟ هن جي لاءِ بادشاهي بہ گهر؛ ڇالاءِ جو هو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي؛ بلڪ هن جي لاءِ، ۽ ابياتر ڪاهن جي لاءِ، ۽ يوآب بن ضروياہ جي لاءِ بہ. 23پوءِ بادشاهہ سليمان خداوند جو قسم کڻي چيو تہ جيڪڏهن ادونياہ اها ڳالهہ خود پنهنجي جان جي برخلاف نہ ڪئي هجي تہ خدا مون سان بہ ائين ڪري بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ. 24تنهنڪري هاڻي خدا جيئري جو قسم آهي جنهن مون کي قائم ڪيو آهي، ۽ منهنجي پيءُ دائود جي تخت تي مون کي ويهاريو اٿس، ۽ جنهن منهنجي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيو آهي، جيئن ڪ اڳيئي انجام ڪيو هئائين، تہ ضرور ادونياہ اڄوڪي ڏينهن قتل ڪيو ويندو. 25۽ سليمان بادشاهہ بناياہ بن يهويدع کي موڪليو؛ جو هن تي ڪاهي وڃي پيو ۽ هو مئو. 26۽ بادشاهہ ابياتر ڪاهن کي چيو تہ تون عنتوت ڏي پنهنجين ٻنين ۾ وڃي رهہ؛ ڇالاءِ جو مرڻ جي لائق آهين: پر في الحال آءٌ توکي نہ ماريندس، ڇالاءِ جو تون منهنجي پيءُ دائود جي اڳيان خداوند خدا جي صندوق کڻندو هئين، ۽ جيڪا مصيبت منهنجي پيءُ تي پيئي هئي سا توتي بہ پيئي هئي. 27انهيءَ طرح سليمان ابياتر کي خداوند جي ڪاهن ٿيڻ کان ڪڍي ڇڏيو: انهيءَ لاءِ تہ هو خداوند جو اهو ڪلام پورو ڪري جو هن سيلا ۾ عيلي جي گهراڻي جي نسبت ۾ ڪيو هو. 28۽ اها خبر يوآب کي پهتي: جيتوڻيڪ يوآب ابي سلوم جي پٺيان نہ ويو، پر ادونياہ جي پٺيان لڳي ويو هو. ۽ يوآب خداوند جي تنبوءَ ۾ ڀڄي ويو، ۽ وڃي قربانگاهہ جا سڱ جهلي بيٺو. 29۽ بادشاهہ سليمان کي ٻڌايائون تہ يوآب ڀڄي خداوند جي تنبوءَ ۾ ويو آهي، ۽ ڏس هو اڃا قربانگاهہ جي پاسي ۾ آهي. تڏهن سليمان بناياہ بن يهويدع کي موڪليو ۽ چيائينس تہ وڃي مٿس پئُہ. 30۽ بناياہ خداوند جي تنبوءَ ۾ آيو ۽ هن کي چيائين تہ بادشاهہ فرمائي ٿو تہ نڪري اچ. هن چيو تہ نہ؛ بلڪ آءٌ هتي مرندس. ۽ بناياہ بادشاهہ کي وري اچي چيو تہ يوآب هيئن چيو ۽ هي جواب ڏنو اٿس. 31تنهن تي بادشاهہ هن کي چيو تہ جيئن هن چيو آهي تيئن ڪر، ۽ ڪاهي وڃي مارينس ۽ دفن ڪرينس؛ تہ انهيءَ طرح جيڪو رت يوآب ناحق هاريو هو، سو تون مون تان، ۽ منهنجي پيءُ جي خاندان تان لاهين؟ 32۽ خداوند سندس خون خود سندس سر تي موٽائي وجهندو، ڇالاءِ جو هن ٻن اهڙن ماڻهن تي ڪاهہ ڪئي جي کانئس سچار ۽ بهتر هئا، ۽ انهن کي ترار سان قتل ڪيائين، ۽ منهنجي پيءُ دائود کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر ئي نہ پيئي، يعني ابنير بن نير، اسرائيل جي سپهہ سالار کي، ۽ عماسا بن يتر، يهوداہ جي سپهہ سالار کي. 33انهيءَ طرح هن جو خون موٽي يوآب جي سر تي، ۽ سندس اولاد جي سر تي هميشہ لاءِ پوندو: پر دائود جي لاءِ، ۽ سندس اولاد جي لاءِ، ۽ سندس گهراڻي جي لاءِ، ۽ سندس تخت جي لاءِ خداوند وٽان هميشہ سلامتي هوندي. 34تڏهن بناياہ بن يهويدع ڪاهي هن تي وڃي پيو ۽ هن کي قتل ڪيائين؛ ۽ هو بيابان ۾ پنهنجي گهر ۾ دفن ڪيو ويو. 35۽ بادشاهہ بناياہ بن يهويدع کي هن جي جاءِ تي لشڪر جي مٿان مقرر ڪيو: ۽ صدوق ڪاهن کي بادشاهہ ابياتر جي جاءِ تي رکيو. 36۽ بادشاهہ سمعيءَ کي سڏائي چيو تہ پنهنجي لاءِ يروشلم ۾ هڪڙو گهر جوڙاءِ، ۽ انهيءَ ۾ رهہ، ۽ اتان ٻئي ڪنهن بہ پاسي نہ وڃج. 37ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن تون ٻاهر ويندين ۽ قدرون جي نهر لنگهندين، انهيءَ ڏينهن پڪ ڄاڻج تہ ضرور مرندين: تنهنجو خون تنهنجي ئي سر تي پوندو. 38۽ سمعيءَ بادشاهہ کي چيو تہ اهو حڪم چڱو آهي: جيئن منهنجي ڌڻي بادشاهہ فرمايو آهي، تيئن تنهنجو ٻانهو ڪندو. ۽ سمعي گهڻن ڏينهن تائين يروشلم ۾ رهيو. 39۽ ٽن ورهين کان پوءِ هيئن ٿيو تہ سمعي جا ٻہ ٻانها جات جي بادشاهہ اڪيس بن معڪاہ ڏي ڀڄي ويا. ۽ ماڻهن سمعيءَ کي چيو تہ ڏس تنهنجا ٻانها جات ۾ آهن. 40۽ سمعي اُٿيو ۽ پنهنجي گڏهہ تي هنو وڌائين ۽ جات ڏي پنهنجن ٻانهن کي ڳولڻ لاءِ اڪيس وٽ ويو: ۽ سمعي وڃي جات مان پنهنجا ٻانها وٺي آيو. 41۽ سليمان کي خبر ملي تہ سمعيءَ يروشلم کان جات ڏي ويو هو ۽ اُتان موٽي آيو آهي. 42تڏهن بادشاهہ سمعيءَ کي سڏائي چيو تہ مون توکان خداوند جو قسم نہ کڻايو هو ڇا ۽ توکي تاڪيد سان نہ چيو هوم ڇا تہ پڪ ڄاڻج تہ جنهن ڏينهن تون ٻاهر ويندين، ۽ ڪنهن بہ پاسي نڪري گهمڻ ويندين، انهيءَ ڏينهن تون ضرور مرندين؟ ۽ تو مون کي چيو هو تہ جيڪو حڪم مون ٻڌو آهي سو چڱو آهي. 43تڏهن ڇو تو خداوند جي قسم جي، ۽ جيڪو حڪم مون توکي ڏنو هو تنهن جي سنڀال نہ ڪئي؟ 44۽ بادشاهہ سمعيءَ کي وڌيڪ هيترو بہ چيو تہ جنهن شرارت جي تنهنجي دل کي خبر آهي، ۽ جا تو منهنجي پيءُ دائود سان ڪئي، سا تون ڄاڻين ٿو: تنهنڪري خداوند تنهنجي شرارت موٽائي تنهنجي سر تي وجهندو. 45پر بادشاهہ سليمان برڪت وارو ٿيندو، ۽ دائود جو تخت خداوند جي اڳيان هميشہ لاءِ قائم رهندو. 46پوءِ بادشاهہ بناياہ بن يهويدع کي حڪم ڏنو ۽ هو نڪري ويو، ۽ وڃي هن جي مٿان ڪاهي پيو ۽ هن کي ماريائين. ۽ بادشاهي سليمان جي هٿ ۾ قائم ٿي.

Currently Selected:

1 - بادشاهہ 2: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Videos for 1 - بادشاهہ 2