آءٌ جهان وارو رستو وٺيو ٿو وڃان: تنهنڪري تون مضبوط ٿيءُ ۽ مڙس ماڻهو ٿي هل؛ ۽ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي سنڀال ڪج، ۽ انهيءَ جي رستن تي هلج، ۽ سندس قانونن، ۽ سندس حڪمن، ۽ سندس فيصلن، ۽ سندس شاهدين تي سنڀالي عمل ڪج، جيئن ڪ موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، تہ پوءِ جيڪي بہ تون ڪرين تنهن ۾، ۽ جيڏانهن بہ تون مهاڙ ڪرين تيڏانهن ڪاميابي حاصل ڪرين: ۽ خداوند منهنجي نسبت ۾ جيڪو ڪلام ڪيو آهي سو قائم ڪري، جو چيو اٿس تہ جيڪڏهن تنهنجو اولاد پنهنجي رستي جي سنڀال ڪري پنهنجي ساريءَ دل ۽ پنهنجي ساري روح سان سچ جي رستي منهنجي اڳيان هلندو، تہ ڪڏهن بہ تو وٽ اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهو جي ڪمي نہ ٿيندي.