1 - بادشاهہ 10
10
1۽ جڏهن سبا جي ملڪہ خداوند جي نالي جي نسبت ۾ سليمان جي ناموس ٻڌي، تڏهن هوءَ مشڪل سوالن سان هن جي آزمائش وٺڻ آئي. 2۽ هوءَ هڪڙي تمام وڏي جماعت سان، ۽ مصالحن لڏيل اُٺن سان، ۽ تمام گهڻي سون، ۽ قيمتي جواهرن سان يروشلم ۾ آئي: ۽ جڏهن هوءَ سليمان وٽ آئي تڏهن جيڪي دل ۾ هوس تنهن بابت هن سان ڳالهہ ٻولهہ ڪيائين. 3۽ سليمان هن جي سڀني سوالن جا جواب ڏنا: بادشاهہ کان ڪابہ اهڙي ڳالهہ لڪل ڪانہ هئي جا هن اُنهيءَ کي نہ ٻڌائي. 4۽ جڏهن سبا جي ملڪہ سليمان جي ساري ڏاهپ ڏٺي، ۽ جيڪو گهر هن جوڙايو هو سو ڏٺائين، 5۽ سندس دسترخاني جو طعام، ۽ سندس نوڪرن جو ويهڻ، ۽ سندس خدمت گارن جو حاضر رهڻ، ۽ اُنهن جي پوشاڪ، ۽ سندس شراب پيارڻ وارا، ۽ جنهن ڏاڪڻ تان چڙهي هو خداوند جي گهر ويندو هو، اُها ڏٺائين: تڏهن هوش حواس اُڏامي ويس. 6۽ هن بادشاهہ کي چيو تہ مون پنهنجي ملڪ ۾ تنهنجن ڪمن ۽ تنهنجي سياڻپ بابت جيڪي ٻڌو هو سڀ سچ هو. 7انهيءَ هوندي بہ جيسين آءٌ پاڻ نہ آيس ۽ سڀ پنهنجين اکين سان نہ ڏٺم تيسين انهن ڳالهين تي اعتبار نہ ٿي آيم: ڏس، مون کي اڌ بہ نہ ٻُڌايو هئائون: تنهنجي سياڻپ ۽ اقبالمندي انهيءَ ناموس کان وڌيڪ آهي جا مون ٻڌي هئي. 8سڀاڳا آهن تنهنجا ماڻهو، سڀاڳا آهن تنهنجا نوڪر، جي هميشہ تنهنجي اڳيان بيهن ٿا، ۽ تنهنجي ڏاهپ ٻڌن ٿا. 9برڪت وارو هجي خداوند تنهنجو خدا، جو تو مان راضي هو ۽ جنهن توکي اسرائيل جي تخت تي ويهاريو: خداوند اسرائيل کي هميشہ پيار ڪندو هو، تنهنڪري هن توکي بادشاهہ ڪيو تہ عدالت ۽ انصاف ڪرين. 10پوءِ ملڪہ بادشاهہ کي سون جا هڪ سؤ ويهہ قنطار، ۽ مصالحن جو وڏو انبار، ۽ قيمتي جواهر ڏنا: اهي مصالحا، جي سبا جي ملڪہ بادشاهہ سليمان کي ڏنا، تنهن کان وڏو انداز وري ڪٿان بہ ڪونہ آيو. 11۽ حيرام جي آرمار، جن اوفير مان سون آندو هو، تنهن اوفير مان چندن جي ڪاٺ ۽ قيمتي پٿرن جو بہ وڏو انداز آندو. 12۽ بادشاهہ چندن جي ڪاٺ مان خداوند جي گهر لاءِ ۽ بادشاهہ جي گهر لاءِ ٿنڀ، ۽ ڳائڻ وارن جي لاءِ بربط، ۽ سنطور بہ ٺهرايا: اهڙا چندن جا وڻ وري اڄ ڏينهن تائين ڪڏهن بہ نہ آيا، ۽ نہ ڪڏهن ڏٺا ويا. 13۽ سبا جي ملڪہ کي جيڪي بادشاهہ سليمان پنهنجي شاهي سخاوت سان پاڻيهي ڏنو، تنهن کان سواءِ جيڪي هن پنهنجي دل جي خواهش موجب گهريو سو هن کي ڏنائين. پوءِ هوءَ پنهنجن نوڪرن سميت موٽي پنهنجي ملڪ ڏانهن ويئي.
14هاڻي جيڪو سون هڪ ورهيہ ۾ سليمان وٽ آيو، سو تور ۾ ڇهہ سؤ ڇاهٺ قنطار ٿيو، 15سواءِ انهيءَ جي جو گهورڙن، ۽ سوداگرن جي واپار ۽ گڏيل قوم جي سڀني بادشاهن؛ ۽ ملڪ جي حاڪمن آندو. 16۽ بادشاهہ سليمان پلٽيل سون جا ٻہ سؤ ڍال ٺهرايا: هرهڪ ڍال ۾ سون جا ڇهہ سؤ شيڪل لڳا. 17۽ هن پلٽيل سون جون ٽي سؤ سپرون جوڙايون؛ هرهڪ سپر ۾ سون جو ڏيڍ سير لڳو: ۽ اُهي بادشاهہ لبنان جي ٻيلي واري گهر ۾ رکيون. 18تنهن کان سواءِ بادشاهہ عاج جو هڪڙو وڏو تخت ٺهرايو ۽ اُنهيءَ جي مٿان تمام عمدو سون مڙهيائين. 19اُنهيءَ تخت کي ڇهہ ڏاڪا هئا، ۽ تخت جي چوٽي پٺيان گول هئي: ۽ ويهڻ واري جاءِ جي ٻنهي پاسي ٽيڪون هيون، ۽ اُنهن ٽيڪن جي ڀرسان ٻہ شينهن بيٺل هئا. 20۽ اُتي ٻارهن شينهن ڇهن ڏاڪن جي مٿان هڪڙي پاسي ۽ ٻئي پاسي بيٺل هئا: انهيءَ جهڙو ڪنهن بہ بادشاهت ۾ ڪونہ جڙيو. 21۽ بادشاهہ سليمان جي پيئڻ جا باسڻ سڀ سون جا هئا، ۽ لبنان جي ٻيلي واري گهر جا سڀ باسڻ بہ نج سون جا هئا: ڪي بہ چانديءَ جا نہ هئا؛ سليمان جي ڏينهن ۾ اُها ليکي ۾ ئي نہ هئي. 22ڇالاءِ جو بادشاهہ جي لاءِ سمنڊ تي حيرام جي آرمار سان گڏ ترسيس جو آرمار بہ هوندو هو: ٽن ٽن سالن ۾ هڪڙو ڀيرو ترسيس جا جهاز سون ۽ چاندي، عاج، ۽ باندر، ۽ مور کڻي ايندا هئا. 23انهيءَ طرح بادشاهہ سليمان دولت ۽ حڪمت ۾ زمين جي سڀني بادشاهن کان ڪسر کڻي ويو. 24۽ سارو جهان سليمان جي حضور ۾ اچڻ گهرندو هو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪا ڏاهپ خدا هن جي دل ۾ وڌي هئي سا ٻڌي. 25۽ سڀڪو ماڻهو پنهنجو پنهنجو نذرانو آڻيندو هو، چانديءَ جا باسڻ، ۽ سون جا باسڻ، ۽ ڪپڙا، ۽ هٿيار، ۽ مصالحا، گهوڙا ۽ خچر، سال بسال اهو ڏن ٻڌل هوندو هو. 26۽ سليمان رٿ ۽ گهوڙي سوار گڏ ڪيا: ۽ هن وٽ هڪ هزار چار سؤ رٿ ۽ ٻارهن هزار گهوڙي سوار ٿيا، جي هن رٿن وارن شهرن ۾، ۽ يروشلم ۾ بادشاهہ وٽ رهائي ڇڏيا. 27۽ بادشاهہ يروشلم ۾ چانديءَ جو اهڙو حال ڪيو جهڙو پٿرن جو، ۽ ديودار جي ڪاٺ جو اهڙو حال ڪيو جهڙو شڪميم جي وڻن جو، جي هيٺانهين زمين تي بيشمار ٿيندا آهن. 28۽ سليمان وٽ جيڪي گهوڙا هئا، سي مصر مان آندا ويا هئا؛ ۽ بادشاهہ جا سوداگر اُهي گلن جا گلا خريد ڪندا هئا، هرهڪ گلو ٺهرايل قيمت تي وٺندا هئا. 29۽ هڪ رٿ مصر مان چانديءَ جي ڇهہ سؤ شيڪلن ڏيڻ تي ايندو هو، ۽ هڪڙو گهوڙو ڏيڍ سؤ شيڪلن تي: ۽ انهيءَ طرح سڀني حتين جي بادشاهن، ۽ ارام جي بادشاهن لاءِ بہ، اُنهن جي ئي هٿان اُهي ايندا هئا.
Currently Selected:
1 - بادشاهہ 10: SB62
Highlight
Share
Copy
Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.