YouVersion Logo
Search Icon

1 - بادشاهہ 11

11
1هاڻي بادشاهہ سليمان فرعون جي ڌيءَ کان سواءِ گهڻين ڌارين زالن کي بہ پيار ڪندو هو، يعني موآبي، عموني، ادومي، صيداني ۽ حتي زالن کي بہ؛ 2هي انهن قومن جون هيون جن جي نسبت ۾ خداوند بني اسرائيل کي چيو هو تہ اوهين هنن منجهہ نہ وڃجو، ۽ نہ هو اوهان منجهہ اچن: نہ تہ ضرور هو اوهان جون دليون پنهنجن معبودن ڏي ڦيرائينديون: اُنهن سان سليمان محبت رکڻ لڳو. 3۽ هن کي ست سؤ زالون هيون، جي شهزاديون هيون، ۽ ٽي سؤ سريتون هيس: ۽ اُنهن زالن هن جي دل ڦيرائي ڇڏي. 4ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن سليمان ٻڍو ٿيو، تڏهن سندس زالن سندس دل ڦيرائي ٻين معبودن ڏي ڪئي: ۽ هن جي دل خداوند سندس خدا سان اهڙي ڪامل نہ هئي جهڙي سندس پيءُ دائود جي هئي. 5ڇالاءِ جو سليمان صيدونين جي ديوي عستارات، ۽ عمونين جي ڪراهت جهڙي بت ملڪوم جي پٺيان هلڻ لڳو. 6۽ سليمان اُهي ڪم ڪرڻ لڳو جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ پنهنجي پيءُ دائود وانگر پوريءَ طرح خداوند جي پٺيان نہ هليو. 7تڏهن سليمان يروشلم جي اڳيان جيڪو جبل آهي، تنهن ۾ موآب جي بت ڪموس لاءِ، ۽ بني عمون جي بت مولڪ لاءِ، هڪڙي مٿانهين جاءِ جوڙائي. 8۽ ساڳيءَ طرح هن پنهنجين سڀني ڌارين زالن جي لاءِ بہ جايون جوڙيون، جي پنهنجن پنهنجن معبودن جي لاءِ لوبان ساڙينديون ۽ قربانيون چاڙهينديون هيون.
9۽ خداوند سليمان تي ڪاوڙيو، ڇالاءِ جو سندس دل خداوند، اسرائيل جي خدا کان ڦري ويئي هئي، جنهن ٻہ ڀيرا ڏيکاري ڏني هيس، 10۽ انهيءَ ڳالهہ جي نسبت ۾ حڪم ڏنو هئائينس تہ ٻين معبودن جي پٺيان متان لڳين: پر جيڪو حڪم خداوند ڏنو هوس سو بجا نہ آندائين. 11تنهنڪري خداوند سليمان کي چيو تہ جنهن صورت ۾ تو ائين ڪيو آهي، ۽ منهنجي عهد اقرار تي، ۽ منهنجن جاري ڪيل قاعدن تي سنڀالي نہ هليو آهين، تنهن صورت ۾ آءٌ ضرور توکان اها بادشاهت کسي وٺندس، ۽ تنهنجي نوڪر کي ڏيندس. 12اُنهيءَ هوندي بہ تنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾، تنهنجي پيءُ دائود جي خاطر، ائين نہ ڪندس: پر اها تنهنجي پٽ جي هٿان کسيندس. 13تڏهن بہ ساري بادشاهت کسي نہ وٺندس، پر پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر، ۽ پنهنجي پسند ڪيل شهر يروشلم جي خاطر، هڪڙو فرقو تنهنجي پٽ کي ڏيندس.
14۽ خداوند سليمان جو هڪڙو دشمن هدد ادومي کڙو ڪيو: هو ادوم جي شاهي نسل مان هو. 15ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود ادوم ۾ هو، ۽ يوآب سپهہ سالار، قتل ٿيلن کي دفن ڪرڻ لاءِ ويو، ۽ ادوم ۾ سڀني مرد ماڻهن کي ماري چٽ ڪيائين: 16(ڇالاءِ جو يوآب ۽ سڀ اسرائيلي ڇهہ مهينا اُتي رهيا پيا هئا؛ جيسين ڪ هن ادوم ۾ سڀني مرد ماڻهن کي ڪُهي ڇڏيو؛) 17تڏهن هدد پنهنجي پيءُ جي ڪن نوڪرن ادومين سميت مصر ۾ وڃڻ لاءِ اُٿي ڀڳو؛ ۽ هدد اڃا ننڍو ٻار هو. 18۽ هو مديان مان نڪتا، ۽ فاران ۾ آيا: ۽ فاران مان ماڻهو وٺي مصر ۾، مصر جي بادشاهہ فرعون وٽ آيا؛ جنهن هن کي هڪڙو گهر ڏنو ۽ کاڌو مقرر ڪري ڏنائينس، ۽ زمين بہ ڏنائينس. 19۽ هدد فرعون جي نظر ۾ ايترو مان لڌو جو هن کيس پنهنجي سالي، ملڪہ تحفنيس جي ڀيڻ پرڻائي ڏني. 20۽ تحفنيس جي ڀيڻ هن کي جنوبت نالي پٽ ڄڻي ڏنو، جنهن کي تحفنيس فرعون جي گهر ۾ کير پياري وڏو ڪيو: ۽ جنوبت فرعون جي گهر ۾، فرعون جي پٽن سان گڏ رهندو هو. 21۽ جڏهن هدد مصر ۾ ٻڌو تہ دائود وڃي پنهنجي ابن ڏاڏن سان سُتو آهي، ۽ يوآب سپهہ سالار بہ مري ويو آهي، تڏهن هدد فرعون کي چيو تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ پنهنجي ملڪ ڏانهن وڃان. 22تڏهن فرعون هن کي چيو تہ مون وٽ تنهنجي لاءِ ڪهڙي شيءِ جي گهٽتائي ٿي آهي جو ڏس، تون پنهنجي ملڪ ڏي وڃڻ ٿو گهرين؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ ڪنهن شيءِ جي بہ نہ: انهيءَ هوندي بہ ڪنهن طرح مون کي موڪل ڏي.
23۽ خدا هن جي لاءِ ٻيو دشمن اُٿاريو، رزون بن اليدع، جو پنهنجي ڌڻيءَ هدد عزر، ضوباہ جي بادشاهہ کان ڀڄي نڪتو هو: 24هن پاڻ وٽ ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ جڏهن دائود ضوباہ جي ماڻهن کي قتل ڪيو، تڏهن هو هڪڙي لشڪر جو سردار ٿيو: ۽ پوءِ هو دمشق ڏي ويا، ۽ اُتي رهڻ لڳا، ۽ دمشق ۾ هن بادشاهي ڪئي. 25۽ سليمان جي ساري حياتيءَ جي ڏينهن ۾ هو اسرائيل جو دشمن هو، ۽ هدد جيڪو نقصان رسايو هو سو انهيءَ کان سواءِ هو: ۽ هو اسرائيل کي ڌڪاريندو هو، ۽ ارام ۾ حڪومت ڪندو هو.
26۽ يربعام بن نباط، صريدہ جو هڪڙو افرائيمي، جو سليمان جو نوڪر هو، ۽ جنهن جي ماءُ جو نالو صروعہ هو، جا رن زال هئي، تنهن بہ بادشاهہ جي برخلاف پنهنجو هٿ کنيو. 27۽ بادشاهہ جي برخلاف هن جي هٿ کڻڻ جو هي سبب هو: سليمان ملو جوڙايو، ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي شهر جي، جتان اُهو ڀڄي پيو هو، اُتان مرمت ڪرائي. 28۽ اُهو ماڻهو يربعام زور وارو ۽ همت ڀريو هو: ۽ سليمان ڏٺو تہ اهو جوان ماڻهو محنتي آهي، تنهنڪري انهيءَ کي يوسف جي گهراڻي جي سڀ ڪم ڪار جي مٿان داروغو ڪري رکيائين. 29۽ اُنهيءَ وقت هيئن ٿيو تہ جڏهن يربعام يروشلم کان ٻاهر ويو تڏهن اخياہ سيلاني نبي رستي ۾ هن کي گڏيو: هاڻي اخياہ نئين پوشاڪ ڍڪي هئي؛ ۽ هو ٻئي جهنگ ۾ اڪيلا هئا. 30۽ اخياہ، جيڪا نئين پوشاڪ سندس بت تي هئي، تنهن کي جهلي ڦاڙي ٻارهن ٽڪر ڪيا. 31۽ هن يربعام کي چيو تہ هي ڏهہ ٽڪر وٺ: ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ سليمان جي هٿان بادشاهي کسيندس، ۽ ڏهہ فرقا توکي ڏيندس: 32(پر هن کي منهنجي ٻانهي دائود جي خاطر، ۽ اسرائيل جي سڀني فرقن مان جيڪو يروشلم جو شهر مون پسند ڪيو آهي، تنهن جي خاطر، هڪڙو فرقو ملندو:) 33ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ صيدونين جي ديوي عستارات، ۽ موآب جي معبود ڪموس، ۽ بني عمون جي معبود ملڪوم کي سجدو ڏنو آهي؛ ۽ هو منهنجن رستن تي نہ هليا آهن، ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ چڱو آهي سو نہ ڪيو اٿن، ۽ نہ منهنجن قاعدن، ۽ منهنجن فيصلن جي سنڀال ڪئي اٿن، جيئن هن جي پيءُ دائود ٿي ڪئي. 34انهيءَ هوندي بہ آءٌ هن جي هٿان ساري بادشاهت نہ کسيندس: پر منهنجو ٻانهو دائود، جنهن کي منهنجن حڪمن ۽ منهنجن قاعدن جي سنڀال ڪرڻ ڪري مون پسند ڪيو، تنهن جي خاطر آءٌ هن کي ساري حياتيءَ جي ڏينهن ۾ بادشاهہ رکندس: 35مگر آءٌ هن جي پٽ جي هٿان بادشاهي کسي وٺندس، ۽ توکي ڏيندس، يعني ڏهہ فرقا. 36۽ هن جي پٽ کي آءٌ هڪڙو فرقو ڏيندس، انهيءَ لاءِ تہ يروشلم جو شهر، جو مون پنهنجي نالي رکڻ لاءِ پسند ڪيو آهي، تنهن ۾ هميشہ منهنجي اڳيان منهنجي ٻانهي دائود وٽ هڪڙو ڏيئو هجي. 37۽ آءٌ توکي وٺندس، ۽ تون پنهنجي دل جي خواهش موجب بادشاهي ڪندين، ۽ اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ٿيندين. 38۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان سو جيڪڏهن تون مڃيندين، ۽ منهنجن رستن تي هلندين، ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ برابر آهي سو ڪندين، ۽ منهنجن قاعدن، ۽ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪندين، جيئن منهنجو ٻانهو دائود ڪندو هو، تہ آءٌ توسان هوندس، ۽ تنهنجي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندس، جيئن دائود جي لاءِ جوڙيو هوم، ۽ اسرائيل تنهنجي حوالي ڪندس. 39۽ انهيءَ ڪري آءٌ دائود جي اولاد کي تڪليف ڏيندس، پر نہ هميشہ جي لاءِ. 40تنهنڪري سليمان يربعام جي مارڻ جي پٺيان پيو: پر يربعام اُٿي ڀڳو، ۽ مصر ۾، مصر جي بادشاهہ سيساق وٽ ويو ۽ سليمان جي مرڻ تائين مصر ۾ رهيو.
41هاڻي سليمان جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي بہ هن ڪيو، ۽ سندس سياڻپ، سي سڀ سليمان جي ڪمن واري ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟ 42۽ جيڪو وقت سليمان يروشلم ۾ ساري اسرائيل تي بادشاهي ڪئي، سو چاليهہ ورهيہ هو. 43نيٺ سليمان وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان گڏ سُتو، ۽ پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ دفنايو ويو: ۽ رحبعام سندس پٽ سندس جاءِ تي بادشاهہ ٿيو.

Currently Selected:

1 - بادشاهہ 11: SB62

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Videos for 1 - بادشاهہ 11