پيدائش 13
13
1پوءِ ابرام پنهنجيءَ زال ۽ ملڪيت سوڌو مصر مان نڪري ڪنعان جي ڏکڻ ڏانهن روانو ٿيو، ۽ لوط بہ ساڻس گڏ هو. 2۽ ابرام وٽ چوپايو مال ۽ چاندي ۽ سون گهڻو هو. 3هو ڏکڻ کان مسافري ڪندو بيت ايل ۾ آيو؛ انهيءَ هنڌ جتي شروعات ۾ بيت ايل ۽ عئي جي وچ ۾ سندس تنبو کُتل هو؛ 4يعني انهيءَ هنڌ جتي هن پهرين قربانگاهہ ٺاهي هئي: اتي ابرام خداوند کان دعا گهري. 5۽ لوط، جو مسافريءَ ۾ ابرام سان گڏ هو، تنهن وٽ بہ ڌڻ، ڍور ۽ تنبو هئا. 6۽ انهيءَ ملڪ ۾ ايتري جاءِ ڪانہ هئي، جو هو ٻئي گڏ رهي سگهن، ڇالاءِ جو هنن جو مال گهڻو هو تنهن ڪري هو ٻئي گڏ رهي نٿي سگهيا. 7۽ ابرام جي ڌنارن ۽ لوط جي ڌنارن جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. انهيءَ وقت ملڪ ۾ ڪنعاني ۽ فرزي رهندا هئا.
8تڏهن ابرام لوط کي چيو تہ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، توڙي منهنجن ڌنارن ۽ تنهنجن ڌنارن جي وچ ۾ جهيڙو ٿيڻ نہ گهرجي؛ ڇالاءِ جو پاڻ ڀائر آهيون. 9سڄو ملڪ تنهنجي سامهون ڪين پيو آهي ڇا؟ سو تون مون کان ڌار ٿيءُ: جي تون ساڄي پاسي وڃين، تہ آءٌ کٻي وڃان، جي تون کٻي پاسي وڃين تہ آءٌ ساڄي وڃان. 10تڏهن لوط پنهنجيون اکيون کڻي يردن جو سارو ميدان جو ضغر ڏانهن آهي سو ڏٺو؛ ڇالاءِ جو سدوم ۽ عمورہ کي خداوند برباد ڪيو، تنهن کان اڳي، اهو هنڌ مصر جي ملڪ ۽ خداوند جي باغ وانگر آباد هو. 11تنهنڪري لوط پنهنجي لاءِ يردن جو سارو ميدان چونڊيو، ۽ لوط اڀرندي ڏانهن هليو ويو؛ ۽ هو هڪ ٻئي کان ڌار ٿيا. 12ابرام ڪنعان جي ملڪ ۾ رهي پيو، ۽ لوط ميدان جي شهرن ۾ وڃي رهيو، ۽ سدوم وٽ پنهنجو تنبو کوڙيائين. 13هاڻي سدوم جا ماڻهو خداوند جي نظر ۾ تمام بدڪار ۽ گنهگار هئا.
14لوط جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ، خداوند ابرام کي چيو تہ پنهنجون اکيون مٿي کڻ ۽ جتي تون بيٺو آهين، اُتان اُتر، ڏکڻ، اڀرندي ۽ الهندي پاسي نهار: 15ڇالاءِ تہ جيڪو ملڪ تون ڏسين ٿو، سو سڀ آءٌ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ ڏيندس. 16۽ آءٌ تنهنجو اولاد زمين جي واريءَ جيترو ڪندس، اهڙو جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو واريءَ جي ذرن کي ڳڻي سگهندو، تہ تنهنجي اولاد کي بہ ڳڻي سگهندو. 17اٿي هن زمين جي ڊيگهہ ۽ ويڪر گهمي ڏس، ڇو تہ اِها آءٌ توکي ڏيندس. 18۽ ابرام پنهنجو تنبو کڻي اچي ممريءَ جي شاهہ بلوط وٽ رهيو، جو حبرون ۾ آهي، ۽ اتي، خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيائين.
Àwon tá yàn lọ́wọ́lọ́wọ́ báyìí:
پيدائش 13: SB62
Ìsàmì-sí
Pín
Daako
Ṣé o fẹ́ fi àwọn ohun pàtàkì pamọ́ sórí gbogbo àwọn ẹ̀rọ rẹ? Wọlé pẹ̀lú àkántì tuntun tàbí wọlé pẹ̀lú àkántì tí tẹ́lẹ̀
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.