پيدائش 5

5
آدم جو اولاد
(1.تواريخ 1‏:1‏-4)
1‏-2 # پيد 1‏:27‏-28، مت 19‏:4، مر 10‏:6 جڏهن خدا انسان کي پيدا ڪيو تہ کيس پاڻ وانگر ٺاهيائين. خدا هنن کي نر ۽ ناري پيدا ڪري برڪت ڏني ۽ کين ”انسان“ سڏيائين، جن جي اولاد جي هيءَ فهرست آهي: 3جڏهن آدم هڪ سؤ ٽيهن سالن جو ٿيو تہ کيس پنهنجي صورت تي پاڻ جهڙو هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو سيت رکيائين. 4انهيءَ کان پوءِ آدم اٺ سؤ سال جيئرو رهيو ۽ کيس وڌيڪ پٽ ۽ ڌيئرون ڄايون. 5آدم نو سؤ ٽيهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.
6سيت جڏهن هڪ سؤ پنجن سالن جو ٿيو تہ کيس انوس نالي هڪ پٽ ڄائو. 7انوس جي ڄمڻ کان پوءِ سيت اٺ سؤ ست سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 8سيت نو سؤ ٻارهن سالن جي عمر ۾ هي جهان ڇڏي ويو.
9جڏهن انوس نوي سالن جو ٿيو تہ کيس قينان نالي هڪ پٽ ڄائو. 10قينان جي ڄمڻ کان پوءِ انوس اٺ سؤ پندرهن سال زندہ رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 11انوس نو سؤ پنجن سالن جي عمر ۾ فوت ٿي ويو.
12جڏهن قينان ستر سالن جو ٿيو تہ کيس مهلل‌ايل نالي پٽ ڄائو. 13پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ قينان اٺ سؤ چاليهہ سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 14قينان نو سؤ ڏهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.
15جڏهن مهلل‌ايل پنجهٺ سالن جو ٿيو تہ کيس يارد نالي پٽ ڄائو. 16پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو اٺ سؤ ٽيهہ سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 17مهلل‌ايل اٺ سؤ پنجانوي سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.
18جڏهن يارد هڪ سؤ ٻاهٺ سالن جو ٿيو تہ کيس حنُوڪ نالي هڪ پٽ ڄائو. 19پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ يارد اٺ سؤ سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 20هن نو سؤ ٻاهٺ سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.
21جڏهن حنُوڪ پنجهٺ سالن جو ٿيو تہ کيس متُوشلح نالي هڪ پٽ ڄائو. 22تنهن کان پوءِ حنُوڪ ٽي سؤ سالن تائين خدا جي رفاقت ۾ رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 23سندس سموري عمر ٽي سؤ پنجهٺ سال هئي. 24#عبر 11‏:5، يهو 14 حنُوڪ پنهنجي حياتي خدا جي رفاقت ۾ گذاريندو رهيو ۽ پوءِ جيئن تہ خدا هن کي کڻي ورتو، سو هو وري نظر نہ آيو.
25جڏهن متُوشلح هڪ سؤ ستاسي سالن جو ٿيو تہ کيس لمڪ نالي هڪ پٽ ڄائو. 26پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ هو ست سؤ ٻياسي سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 27متُوشلح نو سؤ اوڻهتر سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.
28جڏهن لمڪ هڪ سؤ ٻياسي سالن جو ٿيو تہ کيس هڪ پٽ ڄائو. 29هن پٽ جو نالو هي چوندي #5‏:29 نوح هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”آرام.“نوح رکيو تہ ”هي ٻار انهيءَ زمين تي، جنهن تي خدا لعنت ڪئي هئي، اسان جي سموري پورهئي ۽ محنت کان اسان کي آرام ڏيندو.“ 30نوح جي ڄمڻ کان پوءِ لمڪ پنج سؤ پنجانوي سال جيئرو رهيو ۽ کيس ٻيا ٻار بہ ڄاوا. 31لمڪ ست سؤ ستهتر سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.
32جڏهن نوح پنج سؤ سالن جو ٿيو تہ کيس سِم، حام ۽ يافت نالي ٽي پٽ ڄاوا.

Поточний вибір:

پيدائش 5: MSB

Позначайте

Поділитись

Копіювати

None

Хочете, щоб ваші позначення зберігалися на всіх ваших пристроях? Зареєструйтеся або увійдіть