Logoja YouVersion
Ikona e kërkimit

يوحنا 6

6
پنجن هزارن کان وڌيڪ ماڻهن کي کارائڻ
(متي 14‏:13‏-21، مرقس 6‏:30‏-44، لوقا 9‏:10‏-17)
1هڪ دفعي جڏهن عيسيٰ گليل ڍنڍ يعني تبرياس ڍنڍ جي هُن ڀر روانو ٿيو، 2تڏهن هڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان هلڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ هنن اهي معجزا ڏٺا هئا جن ۾ هن ماڻهن کي شفا ڏني هئي. 3‏-4انهن ڏينهن ۾ يهودين جي عيد فصح ويجھي هئي.
اتي عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏ هڪڙي ٽڪريءَ تي چڙهي وڃي ويٺو. 5تڏهن هن نهاري ڏٺو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ ڏانهس اچي رهيو آهي. سو فلپس کي چيائين تہ ”اسين هيترن ماڻهن کي کارائڻ لاءِ ايترو کاڌو ڪٿان آڻينداسون؟“ 6هن اهو رڳو فلپس کي آزمائڻ لاءِ چيو، پر اڳي ئي سوچي ڇڏيو هئائين تہ ڇا ڪرڻو آهي. 7تنهن تي فلپس وراڻيس تہ ”جيڪڏهن هر هڪ کي ٽڪر ڳڀو ئي ڏجي، تہ بہ انهن لاءِ ٻہ سؤ #6‏:7 چانديءَ جي سڪن انهن ڏينهن ۾ هڪ چانديءَ جو سڪو هڪڙي ڏينهن جي مزدوري هوندي هئي (ڏسو متي 20‏:2).چانديءَ جي سڪن جون مانيون پوريون نہ پونديون.“ 8پوءِ اندرياس نالي هڪ ٻئي شاگرد، جيڪو شمعون پطرس جو ڀاءُ هو تنهن چيو تہ 9”هتي هڪ ڇوڪرو آهي، جنهن کي جَوَن جون پنج مانيون ۽ ٻہ ڪُرڙيون آهن. پر ڇا اهي هنن سڀني ماڻهن ۾ پوريون پئجي سگھنديون؟“ 10تڏهن عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”ماڻهن کي هيٺ ويهاريو.“ جيئن تہ اتي گھڻو گاهہ هو، سو سڀيئي ماڻهو هيٺ ويهي رهيا. انهن ۾ اٽڪل پنج هزار مرد هئا. 11پوءِ عيسيٰ اهي مانيون کڻي خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ ويٺل ماڻهن ۾ ورهايائين. هن مڇي بہ ائين ئي ورهائي ۽ سڀني ماڻهن کي ايترو مليو جيترو کين کپندو هو. 12جڏهن سڀني کائي ڍءُ ڪيو، تڏهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”بچيل ٽڪر ڳڀا ميڙي گڏ ڪريو، تہ جيئن ذرو بہ زيان نہ ٿئي.“ 13سو انهن اهي سڀيئي کڻي گڏ ڪيا، تہ جَوَن جي پنجن مانين جا ٽڪر ڳڀا، جيڪي کائڻ وارن بچايا هئا سي ايترا تہ ٿيا جو ٻارهن کاريون ڀرجي ويون.
14عيسيٰ جو اهو معجزو ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”سچ پچ هي #6‏:14 اهو نبي ڏسو 1‏:21 ۾ ڏنل سمجھاڻي.اهو نبي آهي، جيڪو هن دنيا ۾ اچڻو آهي.“ 15پوءِ عيسيٰ ڏٺو تہ ”هنن جو مطلب آهي تہ مون کي جھلي زوريءَ پنهنجو بادشاهہ بڻائين.“ تنهنڪري هو اڪيلو ئي وري ٽڪرن ڏانهن نڪري هليو ويو.
عيسيٰ مسيح جو پاڻيءَ تي پنڌ ڪرڻ
(متي 14‏:22‏-33، مرقس 6‏:45‏-52)
16جڏهن سانجھي ٿي تہ سندس شاگرد ڍنڍ جي ڪناري تي ويا. 17رات ٿي ويئي هئي پر عيسيٰ انهن وٽ نہ آيو هو، سو هو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ڍنڍ جي هُن ڀر ڪفرناحوم شهر ڏانهن روانا ٿيا. 18ايتري ۾ طوفان اچي لٿو ۽ ڍنڍ ۾ ڇوليون اٿڻ لڳيون. 19جڏهن شاگرد پنج ڇهہ ڪلوميٽر ٻيڙي ڪاهي هليا، تڏهن ڏٺائون تہ عيسيٰ پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجھو پيو اچي. اهو ڏسي هو ڏاڍو ڊڄي ويا. 20پر عيسيٰ کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آهيان.“ 21تڏهن خوشيءَ سان کيس ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيائون ۽ ٻيڙي هڪدم انهيءَ هنڌ وڃي پهتي جتي کين وڃڻو هو.
عيسيٰ مسيح زندگيءَ جي ماني
22ٻئي ڏينهن تي ماڻهن جو جيڪو ميڙ ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر بيٺو هو، تنهن ڏٺو تہ ڪالهہ اتي رڳو هڪڙي ٻيڙي بيٺي هئي ۽ کين اها بہ خبر هئي تہ عيسيٰ انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ شاگردن سان گڏ نہ ويو هو پر اهي اڪيلا ئي روانا ٿي ويا هئا. 23ايتري ۾ تبرياس شهر کان ڪي ٻيڙيون انهيءَ جاءِ جي ويجھو ڪناري تي اچي لڳيون، جتي خداوند عيسيٰ جي شڪر ادا ڪرڻ کان پوءِ ماڻهن کي ماني کارائي ويئي هئي. 24سو جڏهن ميڙ ڏٺو تہ اتي نہ عيسيٰ آهي، نڪي سندس شاگرد آهن، تڏهن اهي پاڻ انهن ٻيڙين ۾ چڙهي ڪفرناحوم ڏانهن هن کي ڳولڻ ويا.
25ماڻهن جڏهن عيسيٰ کي ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي ڳولي لڌو تہ کيس چيائون تہ ”اي استاد! اوهين هتي ڪڏهن آيا؟“ 26عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اوهين مون کي انهيءَ ڪري نہ ٿا ڳوليو جو اوهان معجزن جو مطلب سمجھي ورتو آهي، پر انهيءَ ڪري ٿا ڳوليو جو اوهان مانيون کائي ڍءُ ڪيو آهي. 27فاني کاڌي لاءِ محنت نہ ڪريو، بلڪ انهيءَ کاڌي لاءِ محنت ڪريو، جنهن مان دائمي زندگي ٿي ملي. اهو کاڌو ابنِ آدم اوهان کي ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ پيءُ يعني خدا هن تي اختياريءَ جي مُهر هڻي ڇڏي آهي.“ 28پوءِ انهن کانئس پڇيو تہ ”ڀلا، اسين ڪهڙو ڪم ڪريون جنهن سان خدا جي مرضي پوري ٿئي؟“ 29عيسيٰ وراڻيو تہ ”خدا جي مرضي اها آهي تہ اوهين انهيءَ تي ايمان آڻيو، جنهن کي خدا موڪليو آهي.“ 30تنهن تي انهن چيس تہ ”پوءِ اوهين اسان کي ڪهڙي خدائي نشاني ٿا ڏيکاريو، جنهن کي ڏسي اسين اوهان تي ايمان آڻيون؟ اوهين ڇا ٿا ڪري ڏيکاريو؟ 31#خر 16‏:4‏،15، زب 78‏:24 اسان جي ابن ڏاڏن تہ رڻ‌پٽ ۾ مَنَ کاڌي هئي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’هن کين کائڻ لاءِ آسمان مان ماني ڏني.‘“ 32عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اهو موسيٰ نہ، پر منهنجو پيءُ آهي جنهن آسمان واري ماني اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، بلڪ هو هاڻي آسمان مان حقيقي ماني ڏئي ٿو. 33هائو، اها ماني جيڪا خدا ڏئي ٿو سا آسمان مان نازل ٿئي ٿي ۽ دنيا کي زندگي ڏئي ٿي.“ 34تنهن تي انهن ماڻهن عرض ڪيس تہ ”سائين! اسان کي هميشہ اها ماني ڏيندا ڪريو.“ 35عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”زندگيءَ جي ماني آءٌ آهيان. جيڪو مون تي ايمان رکي مون وٽ اچي ٿو، تنهن کي ڪڏهن بہ نہ بک لڳندي ۽ نہ وري اڃ لڳندي.
36اوهين مون کي ڏسو ٿا پوءِ بہ ايمان نہ ٿا آڻيو. اهو آءٌ اڳ ۾ بہ اوهان کي چئي چڪو آهيان. 37پر جيڪي پيءُ مون کي ڏيندو سي سڀ مون وٽ ايندا ۽ جيڪو بہ مون وٽ ايندو تنهن کي آءٌ ڪڏهن بہ نہ موٽائيندس. 38آءٌ آسمان مان انهيءَ لاءِ نہ لهي آيو آهيان تہ پنهنجي مرضي هلايان، بلڪ انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موڪلڻ واري جي مرضي پوري ڪريان. 39جنهن مون کي موڪليو آهي تنهن جي مرضي اها آهي تہ جيڪي بہ هن مون کي ڏنا آهن تن مان هڪ بہ نہ وڃايان، بلڪ آخرت جي ڏينهن تي انهن سڀني کي وري جيئرو ڪري اٿاريان. 40هائو، منهنجي پيءُ جي اها مرضي آهي تہ جيڪو بہ سندس فرزند کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن کي دائمي زندگي ملي. سو آءٌ کيس آخرت جي ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريندس.“
41تنهن تي ماڻهو مٿس ناراض ٿي پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن چيو هو تہ ”آءٌ اها ماني آهيان، جيڪا آسمان مان نازل ٿي آهي.“ 42انهن چيو تہ ”ڇا هي اهو عيسيٰ نہ آهي جيڪو يوسف جو پٽ آهي؟ اسين تہ سندس ماءُ پيءُ کي بہ سڃاڻون ٿا. پوءِ هي هاڻي ڪيئن ٿو چوي تہ ’آءٌ آسمان مان نازل ٿيو آهيان؟‘“ 43عيسيٰ کين چيو تہ ”مون بابت ڀڻ ڀڻ بند ڪريو. 44ڪوبہ ماڻهو مون وٽ تيستائين نہ ٿو اچي سگھي جيستائين پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي سو کيس مون ڏانهن ڇڪي نہ ٿو آڻي. اهڙي ماڻهوءَ کي آءٌ آخرت جي ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريندس. 45#يس 54‏:13 نبين جي هڪڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ ’سڀيئي خدا کان تعليم حاصل ڪندا.‘ سو جيڪو بہ پيءُ کان ٻڌي ٿو ۽ کانئس سکي ٿو اهو ئي مون وٽ اچي ٿو. 46انهيءَ جو مطلب اهو نہ آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ ڪڏهن پيءُ کي ڏٺو آهي، پر رڳو انهيءَ ئي پيءُ کي ڏٺو آهي، جيڪو سندس طرفان آيو آهي. 47آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي ٿو تنهن جي ئي زندگي دائمي آهي. 48هائو، زندگيءَ جي ماني آءٌ ئي آهيان.
49ڏسو، اوهان جي ابن ڏاڏن رڻ‌پٽ ۾ مَنَ کاڌي هئي، تڏهن بہ مري ويا. 50پر جيڪا حقيقي ماني آسمان مان نازل ٿئي ٿي، سا اهڙي آهي جنهن کي جيڪو بہ کائيندو سو نہ مرندو. 51آءٌ اها زندہ ماني آهيان جيڪا آسمان مان نازل ٿي آهي. جيڪڏهن ڪو هن مانيءَ مان کائيندو تہ اهو هميشہ زندہ رهندو. جيڪا ماني آءٌ ڏيندس سا منهنجو ماس آهي، جيڪو آءٌ ڏيان ٿو تہ جيئن هن دنيا کي زندگي ملي.“
52تنهن تي ماڻهو پاڻ ۾ سخت بحث ڪرڻ لڳا تہ ”هي شخص پنهنجو ماس اسان کي کائڻ لاءِ ڪيئن ٿو ڏيئي سگھي؟“ 53عيسيٰ وراڻين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين اوهين ابنِ آدم جو ماس نہ کائيندا ۽ سندس رت نہ پيئندا، تيستائين اوهان ۾ زندگي نہ هوندي. 54جيڪو بہ منهنجو ماس ٿو کائي ۽ منهنجو رت ٿو پيئي، تنهن جي زندگي دائمي آهي ۽ آءٌ کيس آخرت جي ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريندس، 55ڇاڪاڻ تہ منهنجو ماس ۽ منهنجو رت حقيقي کاڌو آهي. 56جيڪو بہ منهنجو ماس کائي ٿو ۽ منهنجو رت پيئي ٿو، سو مون ۾ رهي ٿو ۽ آءٌ هن ۾ رهان ٿو. 57جهڙيءَ طرح پيءُ جيڪو زندہ آهي تنهن مون کي موڪليو آهي ۽ آءٌ هن جي ڪري زندہ آهيان، تهڙيءَ طرح جيڪو بہ مون کي کائي ٿو سو منهنجي ڪري زندہ رهندو. 58هيءَ اها حقيقي ماني آهي جيڪا آسمان مان نازل ٿي آهي. هيءَ ماني اهڙي نہ آهي جهڙي اوهان جي ابن ڏاڏن کاڌي ۽ مري ويا. پر جيڪو هيءَ ماني کائيندو سو هميشہ زندہ رهندو.“
59هي ڳالهيون هن ڪفرناحوم جي عبادت‌خاني ۾ تعليم ڏيندي ٻڌايون هيون.
گھڻن شاگردن جو عيسيٰ مسيح کي ڇڏي وڃڻ
60اهي ڳالهيون ٻڌي سندس شاگردن مان ڪيترا ئي چوڻ لڳا تہ ”هيءَ ڳالهہ ڏاڍي ڏکي آهي. اها ڪير ٻڌي سگھندو؟“ 61عيسيٰ ڄاڻي ورتو تہ سندس شاگرد هن ڳالهہ تي ڀڻ ڀڻ ڪندي اعتراض ڪري رهيا آهن. تنهنڪري انهن کي چيائين تہ ”هيءَ ڳالهہ اوهان کي ڀٽڪائي ٿي ڇا؟ 62ڀلا جيڪڏهن اوهين ابنِ آدم کي آسمان ڏانهن کڄي ويندي ڏسو جتي هو اڳ ۾ هو، تہ پوءِ ڪيئن ٿا ڀانئيو؟ 63زندگي ڏيڻ وارو تہ روح آهي، جسم ڪابہ شيءِ ڪانهي. هاڻ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي ٻڌايون آهن سي روح آهن ۽ زندگي بہ. 64تڏهن بہ اوهان مان ڪيترائي ايمان نہ ٿا آڻين.“ عيسيٰ اهو انهيءَ ڪري چيو جو هن شروعات کان ئي ڄاتو ٿي تہ ڪهڙا ڪهڙا ايمان نہ آڻيندا ۽ ڪير ساڻس دغا ڪندو. 65هن وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ ڪري ئي مون اوهان کي ٻڌايو آهي تہ ايستائين ڪوبہ مون وٽ اچي نہ ٿو سگھي، جيستائين پيءُ کانئس ائين نہ ٿو ڪرائي.“
66تنهن تي عيسيٰ جا گھڻا ئي شاگرد کانئس ڦري موٽي هليا ويا. 67تنهنڪري عيسيٰ انهن ٻارهن شاگردن کي چيو تہ ”ڇا اوهين بہ مون کي ڇڏي وڃڻ چاهيو ٿا؟“ 68#مت 16‏:16، مر 8‏:29، لو 9‏:20 شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اي خداوند! اوهان کي ڇڏي ڪنهن ڏانهن وينداسون؟ اوهان وٽ اهي ڳالهيون آهن جن ۾ دائمي زندگي آهي. 69اسين اوهان تي ايمان آڻي چڪا آهيون ۽ ڄاڻي ورتو اٿئون تہ اوهين ئي خدا جي طرفان پاڪ هستي آهيو.“ 70تڏهن عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ مون اوهان ٻارهن کي چونڊيو آهي، تنهن هوندي بہ اوهان ۾ هڪ اهڙو آهي جيڪو ابليس آهي.“ 71هو شمعون اسڪريوتيءَ جي پٽ يهوداہ بابت ڳالهائي رهيو هو، جيڪو انهن ٻارهن شاگردن مان هوندي بہ اڳتي هلي ساڻس دغا ڪرڻ وارو هو.

Aktualisht i përzgjedhur:

يوحنا 6: MSB

Thekso

Ndaje

Copy

None

A doni që theksimet tuaja të jenë të ruajtura në të gjitha pajisjet që keni? Regjistrohu ose hyr