5
مرض ۾ ورتل ماڻهوءَ کي تلاءَ وٽ شفا ڏيڻ
1ڪجھہ وقت کان پوءِ يهودين جي هڪڙي عيد تي عيسيٰ يروشلم ڏانهن ويو. 2يروشلم ۾ رڍن واري دروازي وٽ هڪ تلاءُ آهي، جنهن کي عبراني ٻوليءَ ۾ بيتحسدا ڪري سڏبو آهي ۽ انهيءَ کي پنج ورانڊا آهن. 3-4انهن ۾ ڪيترائي معذور يعني انڌا، منڊا ۽ سڙيل سڪل پيا هوندا هئا.#5:3-4 ڪن مسودن ۾ هي جملو بہ شامل آهي: اهي پاڻيءَ ۾ چرپر ٿيڻ جي انتظار ۾ هوندا هئا، ڇاڪاڻ تہ ڪنهن ڪنهن مهل هڪڙو ملائڪ اچي تلاءَ جي پاڻيءَ ۾ چرپر ڪندو هو ۽ پاڻيءَ جي اٿل کان پوءِ جيڪو ماڻهو انهيءَ تلاءَ ۾ پهريائين گھڙندو هو تنهن کي جيڪا بہ بيماري هوندي هئي سا ڇڏي ويندي هئس. 5اتي هڪڙو اهڙو ماڻهو هو، جيڪو اٺٽيهن سالن کان مرض ۾ ورتل هو. 6جڏهن عيسيٰ کيس اتي پيل ڏٺو ۽ خبر پيس تہ هو گھڻي وقت کان وٺي اهڙي حال ۾ آهي، تڏهن چيائينس تہ ”ڇا تنهنجي مرضي آهي تہ تون ڇٽي چڱو ڀلو ٿئين؟“ 7تنهن تي انهيءَ مرض ورتل وراڻيو تہ ”سائين! جنهن مهل پاڻي اڇل ٿو کائي، تنهن مهل اهڙو ماڻهو ڪونہ هوندو آهي جيڪو مون کي کڻي هن تلاءَ ۾ وجھي. سو جيستائين آءٌ پاڻ پهچان تيستائين مون کان اڳي ڪو ٻيو پاڻيءَ ۾ گھڙي پوندو آهي.“ 8عيسيٰ چيس تہ ”اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر.“ 9تڏهن هڪدم اهو ماڻهو ڇٽي چڱو ڀلو ٿي پيو ۽ پنهنجو کٽولو کنيائين ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳو.
اهو سبت جو ڏينهن هو. 10#نحم 13:19، ير 17:21 تنهنڪري جيڪو ماڻهو ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن کي يهودي اڳواڻ چوڻ لڳا تہ ”اڄ #5:10 سبت هفتي جو ستون ڏينهن يعني ڇنڇر يهودين جو خاص عبادت جو ڏينهن هوندو هو. انهيءَ ڏينهن تي ڪوبہ ڪم ڪار ڪرڻ منع هو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“سبت آهي، سو تو کي کٽولو کڻڻ جائز نہ آهي.“ 11تنهن تي انهيءَ ماڻهوءَ جواب ڏنن تہ ”جنهن ماڻهوءَ مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي، تنهن ئي تہ مون کي چيو تہ ’پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر.‘“ 12تڏهن انهن کانئس پڇيو تہ ”اهو ماڻهو ڪير آهي، جنهن تو کي چيو تہ ’پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھم ڦر‘؟“ 13جيڪو ماڻهو چڱو ڀلو ٿيو هو تنهن کي اها خبر ڪانہ هئي تہ اهو ڪير هو، ڇاڪاڻ تہ گھڻي گوڙ هئڻ ڪري عيسيٰ اتان کسڪي هليو ويو هو.
14ٿوري وقت کان پوءِ عيسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ کي هيڪل ۾ ڏٺو ۽ کيس چيائين تہ ”ڏس، هاڻي تون چڱو ڀلو ٿي ويو آهين، سو وري گناهہ نہ ڪجانءِ، متان هن کان بہ وڌيڪ تڪليف نہ اچيئي.“ 15پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ وڃي يهودي اڳواڻن کي ٻڌايو تہ ”اهو ماڻهو عيسيٰ آهي، جنهن مون کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي.“ 16انهيءَ سبب اهي اڳواڻ عيسيٰ کي ستائڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن سبت جي ڏينهن تي اهڙا ڪم ٿي ڪيا.
17 عيسيٰ کين جواب ڏنو تہ ”منهنجو پيءُ هميشہ ڪم ڪندو رهي ٿو ۽ آءٌ بہ ائين ئي پيو ڪريان.“ 18هن ڳالهہ جي ڪري يهودي اڳواڻ هيڪاري کيس مارڻ جا وجھہ ڳولڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن نہ رڳو سبت جو قاعدو ٿي ڀڳو، بلڪ خدا کي پنهنجو پيءُ سڏي پاڻ کي خدا جي برابر ٿي ڪيائين.
فرزند جي اختياري
19تنهنڪري عيسيٰ يهودي اڳواڻن کي وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ فرزند پنهنجو پاڻ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھي. هو رڳو اهي ڪم ڪري ٿو جيڪي پنهنجي پيءُ کي ڪندي ٿو ڏسي، ڇاڪاڻ تہ جيڪي پيءُ ڪري ٿو سو ئي فرزند ٿو ڪري. 20انهيءَ جو سبب هي آهي تہ پيءُ فرزند سان پيار ٿو ڪري ۽ کيس اهي سڀ ڪم ڏيکاري ٿو جيڪي هو پاڻ ڪري ٿو. هو انهن ڪمن کان اڃا بہ وڏا ڪم کيس ڏيکاريندو جو اوهين سڀيئي حيران ٿي ويندا. 21جيئن پيءُ مئلن کي جياري کين زندگي ڏئي ٿو، تيئن فرزند بہ جنهن کي وڻيس تنهن کي زندگي ڏئي ٿو. 22باقي پيءُ پاڻ ڪنهن جو فيصلو نہ ٿو ڪري، بلڪ هن فيصلي ڪرڻ جو پورو اختيار پنهنجي فرزند کي ڏيئي ڇڏيو آهي. 23اهو انهيءَ لاءِ آهي تہ سڀيئي ماڻهو فرزند جي اهڙي نموني عزت ڪن جهڙي نموني پيءُ جي عزت ڪن ٿا. تنهنڪري جيڪو فرزند جي عزت نہ ٿو ڪري سو پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري، جنهن کيس موڪليو آهي.
24آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجيون ڳالهيون ٻڌي ٿو ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي انهيءَ تي ايمان رکي ٿو، تنهن جي زندگي دائمي آهي ۽ هو گنهگار قرار نہ ڏنو ويندو، بلڪ هو موت مان نڪري زندگيءَ ۾ داخل ٿي چڪو آهي. 25آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اها گھڙي اچي رهي آهي بلڪ اچي پهتي آهي، جڏهن مئل ماڻهو خدا جي فرزند جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيئرا ٿيندا. 26هائو، جيئن پيءُ زندگيءَ جو بنياد آهي، تيئن هن پنهنجي فرزند کي بہ زندگيءَ جو بنياد بڻايو آهي. 27هن کيس اها اختياري بہ ڏني آهي تہ هو دنيا جو فيصلو ڪري، ڇاڪاڻ تہ هو #5:27 ابنِ آدم پراڻي عهدنامي ۾ خدا ابنِ آدم کي دنيا جي فيصلي ڪرڻ جو اختيار ڏنو آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ ابنِ آدم آهي. 28انهيءَ ڳالهہ تي حيران نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ اها گھڙي اچي رهي آهي جڏهن قبرن وارا سڀيئي سندس آواز ٻڌندا 29#دان 12:2 ۽ قبرن مان نڪري ايندا. پوءِ جن چڱا ڪم ڪيا هوندا تن کي زندگي ملندي، پر جن بڇڙا ڪم ڪيا هوندا سي گنهگار قرار ڏنا ويندا.“
عيسيٰ مسيح بابت شاهدي
30”آءٌ پنهنجي طرفان ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿو سگھان، پر جيئن خدا مون کي ٻڌائي ٿو تيئن ئي فيصلو ڪريان ٿو. تنهنڪري منهنجو فيصلو صحيح آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي مرضيءَ موجب نہ، بلڪ انهيءَ جي مرضيءَ موجب ڪم ڪريان ٿو، جنهن مون کي موڪليو آهي.
31جيڪڏهن آءٌ پاڻ پنهنجي شاهدي ڏيان تہ منهنجي شاهدي قبول نہ ٿيندي. 32پر #5:32 هڪڙو ٻيو يعني پيءُ.هڪڙو ٻيو آهي جيڪو مون بابت شاهدي ٿو ڏئي ۽ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ جيڪا شاهدي هو مون بابت ڏئي ٿو سا سچي آهي. 33#يو 1:19-27، 3:27-30 اوهان تہ يحيٰ ڏانهن پنهنجا ماڻهو موڪليا ۽ هن سچ جي شاهدي ڏني. 34جيتوڻيڪ مون کي انسان جي شاهديءَ جي ضرورت نہ آهي، تنهن هوندي بہ اهي ڳالهيون انهيءَ لاءِ ڪيون اٿم تہ جيئن اوهان کي ڇوٽڪارو ملي. 35يحيٰ ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئي وانگر هو ۽ اوهان گھڙي پلڪ هن جي روشنيءَ ۾ خوش رهڻ پسند ڪيو. 36پر مون وٽ جيڪا شاهدي آهي سا يحيٰ جي شاهديءَ کان بہ وڌيڪ آهي. هائو، جيڪي ڪم پيءُ مون کي پوري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن، يعني اهي ساڳيا ئي ڪم جيڪي آءٌ هينئر ڪري رهيو آهيان، سي ئي منهنجي شاهدي ٿا ڏين تہ پيءُ مون کي موڪليو آهي. 37#مت 3:17، مر 1:11، لو 3:22 بلڪ پيءُ، جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن پاڻ بہ مون بابت شاهدي ڏني آهي. پر اوهان نہ تہ ڪڏهن هن جو آواز ٻڌو آهي، نڪي سندس صورت ڏٺي اٿوَ، 38نڪي وري هن جي ڳالهين کي دل ۾ جاءِ ٿا ڏيو، ڇاڪاڻ تہ جنهن کي هن موڪليو آهي تنهن کي اوهين قبول ئي نہ ٿا ڪريو. 39اوهين پاڪ ڪلام انهيءَ لاءِ ڌيان سان ٿا پڙهو، جو اوهان جو خيال آهي تہ انهيءَ ۾ اوهان کي دائمي زندگي ملندي، جڏهن تہ اهو پاڪ ڪلام بہ منهنجي شاهدي ڏئي ٿو. 40تڏهن بہ اوهين مون وٽ نہ ٿا اچو تہ دائمي زندگي مليوَ.
41مون کي ضرورت نہ آهي تہ ماڻهو منهنجي عزت ڪن، 42ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کان واقف آهيان تہ اوهان جي دلين ۾ خدا لاءِ محبت نہ آهي. 43آءٌ تہ پنهنجي پيءُ جي اختياريءَ سان آيو آهيان ۽ اوهين مون کي قبول نہ ٿا ڪريو. پر جيڪڏهن ڪو ٻيو پنهنجي پاران آيو تہ اوهين انهيءَ کي قبول ڪندا. 44اوهين جيڪي هڪٻئي کان عزت ڪرائڻ گھرو ٿا، پر جيڪا عزت هڪڙي خدا جي طرفان ملي ٿي تنهن جي لاءِ ڪوشش ئي نہ ٿا ڪريو، سي ڪيئن مون کي قبول ڪري سگھو ٿا؟ 45اوهين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ پيءُ وٽ اوهان جي شڪايت ڪندس. اوهان جي شڪايت ڪرڻ وارو موسيٰ ئي آهي جنهن تي اوهان جو آسرو آهي. 46جيڪڏهن اوهين موسيٰ تي يقين ڪريو ها تہ مون تي بہ يقين ڪريو ها، ڇو تہ هن مون بابت لکيو آهي. 47هاڻ جڏهن اوهين هن جي لکتن تي ئي يقين نہ ٿا ڪريو، تہ پوءِ منهنجي ڳالهين تي ڪيئن يقين ڪندا.“