1
پيدائش 15:13
Muslim Sindhi Bible
جيڪو ملڪ تون ڏسين ٿو سو سمورو آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيئي ڇڏيندس ۽ اهو هميشہ لاءِ اوهان جي ملڪيت هوندو.
Yenzanisa
Ongorora {{vhesi}}
2
پيدائش 14:13
لوط جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ، خداوند ابرام کي چيو تہ ”جتي تون بيٺو آهين اتان چئني طرفن ڏانهن نهار.
3
پيدائش 16:13
آءٌ تو کي ايترو تہ اولاد ڏيندس جو واريءَ جي ذرڙن وانگر ڪوبہ انهن کي ڳڻي نہ سگھندو.
4
پيدائش 8:13
پوءِ ابرام لوط کي چيو تہ ”اسين پاڻ ۾ ڀائر آهيون، تنهنجي ۽ منهنجي ڌنارن جي وچ ۾ جھيڙو ٿيڻ نہ گھرجي.
5
پيدائش 18:13
سو ابرام پنهنجو تنبو کڻي ممريءَ جي شاهہبلوط وڻن جي ويجھو اچي رهيو، جيڪي حبرون ۾ آهن. هن اتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي.
6
پيدائش 10:13
تڏهن لوط چوگرد نهاريو ۽ ڏٺائين تہ اردن ماٿريءَ جو سڄو ميدان جيڪو صغر شهر تائين آهي، تنهن کي مصر جي ملڪ ۽ خداوند جي باغ وانگر ريج ڏنل هو. اها اُها ئي جاءِ هئي جيڪا خداوند جي سدوم ۽ عموراہ کي برباد ڪرڻ کان اڳ ۾ هئي.
Pekutangira
Bhaibheri
Zvirongwa
Mavideo