6
سبت جي ڏينهن بابت سوال
(متي 12:1-8، مرقس 2:23-28)
1 #
شر 23:25
سبت واري هڪ ڏينهن عيسيٰ جڏهن پنهنجي شاگردن سان گڏ اناج وارين ٻنين مان پئي لنگھيو، تہ سندس ڪي شاگرد سنگ پٽي هٿن سان مهٽي کائڻ لڳا. 2تنهن تي ڪي فريسي کين چوڻ لڳا تہ ”جيڪو ڪم سبت جي ڏينهن ڪرڻ جائز نہ آهي، سو اوهين ڇو ٿا ڪريو؟“ 3#1.سم 21:1-6 عيسيٰ کين جواب ۾ چيو تہ ”ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ اهو نہ پڙهيو آهي تہ جڏهن دائود ۽ سندس ساٿين کي بک لڳي هئي تڏهن دائود ڇا ڪيو هو؟ 4#لاو 24:9 هو خدا جي گھر ۾ گھڙي ويو ۽ نذراني وارا روٽ، جيڪي ڪاهنن کان سواءِ ٻين کي کائڻ جائز نہ هئا، سي کڻي کائڻ لڳو ۽ ساٿين کي بہ ڏنائين.“ 5عيسيٰ کين وڌيڪ چيو تہ ”ياد رکو، ابنِ آدم تہ سبت جو بہ مالڪ آهي.“
سڪل هٿ وارو ماڻهو
(متي 12:9-14، مرقس 3:1-6)
6ڪنهن ٻئي سبت جي ڏينهن تي عيسيٰ عبادتخاني ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳو. اُتي هڪ ماڻهو هو جنهن جو ساڄو هٿ سڪل هو. 7جيئن تہ شريعت جا ڪي عالم ۽ فريسي انهيءَ موقعي جي تاڙ ۾ رهندا هئا تہ عيسيٰ تي تهمت هڻجي، سو هو جاچڻ لڳا تہ سبت جي ڏينهن عيسيٰ ڪنهن ماڻهوءَ کي ڇٽائي ٿو يا نہ. 8عيسيٰ کي انهن جي نيتن جي خبر پئجي ويئي. سو هن سڪل هٿ واري ماڻهوءَ کي چيو تہ ”اُٿي ماڻهن جي سامهون ٿي بيهہ.“ هو اُٿي اتي اچي بيٺو. 9تڏهن عيسيٰ ماڻهن کان پڇيو تہ ”ٻڌايو، سبت جي ڏينهن نيڪي ڪرڻ جائز آهي يا بدي ڪرڻ؟ ڪنهن جي جان بچائڻ يا مارڻ؟“ 10پوءِ هُن چوڌاري ماڻهن ڏانهن نهاري ان سڪل هٿ واري کي چيو تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن ائين ئي ڪيو تہ سندس هٿ ٺيڪ ٿي ويو. 11تڏهن شريعت جا عالم ۽ فريسي ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ صلاحون ڪرڻ لڳا تہ ”عيسيٰ سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟“
رسول مقرر ڪرڻ
(متي 10:1-4، مرقس 3:13-19)
12هڪڙي ڏينهن عيسيٰ جبل تي دعا گھرڻ ويو ۽ اتي سڄي رات خدا کان دعا گھرڻ ۾ گذاريائين. 13جڏهن ڏينهن ٿيو تہ پنهنجي شاگردن کي پاڻ وٽ سڏيائين. انهن مان هي ٻارهن ڄڻا چونڊي کين رسول مقرر ڪيائين: 14شمعون، جنهن جو نالو #6:14 پطرس پطرس يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ”ٽڪر“ آهي (ڏسو متي 16:18 پڻ).پطرس بہ رکيائين، سندس ڀاءُ اندرياس، يعقوب، يوحنا، فلپس ۽ برتُلمئي، 15متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ شمعون، جنهن کي ”#6:15 قومپرست يهودي قوم جو هڪ ٽولو جيڪو پنهنجي قوم جي مٿان رومي حڪمرانيءَ جو مخالف هو، تنهن کي ”قومپرست“ سڏيو ويندو هو.قومپرست“ ڪري چوندا هئا، 16يعقوب جو پٽ يهوداہ ۽ يهوداہ اسڪريوتي، جنهن بعد ۾ دغا ڪري کيس پڪڙايو.
تعليم ڏيڻ ۽ شفا بخشڻ
(متي 4:23-25)
17عيسيٰ هنن سان گڏ جبل تان هيٺ لهي هڪ ميدان ۾ اچي بيٺو. سندس شاگردن جي وڏي جماعت ۽ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ سان گڏوگڏ صور ۽ صيدا جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن کان گھڻا ماڻهو اچي اتي مڙيا. 18هو انهيءَ لاءِ آيا تہ سندس ڳالهيون ٻڌن ۽ پنهنجين بيمارين کان شفا پائين. جيڪي ڀوتن جا ستايل هئا سي بہ آيا ۽ شفا پاتائون. 19سڀني ماڻهن اها ئي پئي ڪوشش ڪئي تہ کيس هٿ لائين، ڇاڪاڻ تہ منجھانئس اهڙي قدرت پئي نڪتي، جنهن سان سڀني کي شفا پئي ملي.
سڀاڳا ۽ مصيبت وارا
(متي 5:1-12)
20عيسيٰ پنهنجي شاگردن ڏانهن نهاري چيو تہ
”سڀاڳا آهيو اوهين، جيڪي غريب آهيو،
ڇاڪاڻ تہ خدا جي بادشاهي اوهان جي آهي.
21سڀاڳا آهيو اوهين، جيڪي هاڻي بکايل آهيو،
ڇاڪاڻ تہ اوهان کي ڍءُ ڪرايو ويندو.
سڀاڳا آهيو اوهين، جيڪي هاڻي روئو ٿا،
ڇاڪاڻ تہ اوهين کِلندا.
22 #
1.پط 4:14
سڀاڳا آهيو اوهين، جڏهن ماڻهو ابنِ آدم جي ڪري اوهان کي ڌڪاريندا، ناتا ٽوڙيندا، ڦٽ لعنت ڪندا ۽ اوهان کي بڇڙو سمجھي ڪڍي ڇڏيندا. 23#2.توا 36:16، رس 7:52 انهيءَ ڏينهن اوهين سرها ٿجو ۽ خوشيءَ مان ٽپ ڏجو، جو عرش عظيم تي اوهان لاءِ وڏو اجر آهي. ڏسو، انهن ماڻهن جي ابن ڏاڏن بہ نبين سان اهڙا ئي پير کنيا هئا.
24پر مصيبت آهي اوهان لاءِ،
جيڪي هاڻي دولتمند آهيو،
ڇاڪاڻ تہ اوهين آرام وٺي چڪا.
25مصيبت آهي اوهان لاءِ،
جيڪي هاڻي ڍاول آهيو،
ڇاڪاڻ تہ اوهين بکون ڪڍندا.
مصيبت آهي اوهان لاءِ،
جيڪي هاڻي کِلو ٿا،
ڇاڪاڻ تہ اوهين ماتم ڪندا ۽ روئندا.
26مصيبت آهي اوهان لاءِ، جڏهن ماڻهو اوهان کي ساراهين ٿا، ڇاڪاڻ تہ انهن جا ابا ڏاڏا بہ نبي سڏائيندڙن سان ائين ئي ڪندا هئا.“
دشمنن سان پيار
(متي 5:38-48، 7:12)
27”پر اي منهنجا ٻڌڻ وارؤ! آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن سان پيار ڪريو. جيڪي اوهان کان نفرت ڪن تن سان چڱائي ڪريو. 28جيڪي اوهان کي پٽين تن لاءِ ڀلائي گھرو. جيڪي اوهان تي ڦٽ لعنت ڪن تن لاءِ بہ دعا گھرو. 29جيڪو اوهان جي هڪ ڳل تي چماٽ هڻي تنهن کي ٻيو بہ ڦيرائي ڏيو. جيڪو اوهان جو ڪوٽ کسي وٺي تنهن کي قميص ڏيڻ لاءِ بہ تيار رهو. 30جيڪو اوهان کان ڪجھہ گھري تنهن کي ڏيو. جيڪو اوهان جو مال کسي وٺي تنهن کان موٽائي نہ گھرو. 31#مت 7:12 جهڙو سلوڪ اوهين ماڻهن کان چاهيو ٿا تهڙو ئي سلوڪ اوهين ٻين سان ڪريو.
32جيڪي اوهان سان پيار ڪن ٿا تن سان جيڪڏهن اوهان پيار ڪيو تہ اوهان ڪهڙو احسان ڪيو؟ گنهگار بہ تہ پنهنجن پيار ڪندڙن سان پيار ڪن ٿا. 33جيڪي اوهان سان ڀلائي ڪن ٿا تن سان جيڪڏهن اوهان ڀلائي ڪئي تہ اوهان ڪهڙو احسان ڪيو؟ ڇاڪاڻ تہ گنهگار بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا. 34جن کان موٽائي وٺڻ جي اميد آهي تن کي جيڪڏهن اوهان اڌارو ڏنو تہ ڪهڙو احسان ڪيو؟ گنهگار بہ تہ گنهگارن کي اڌارو ڏيئي وري انهن کان موٽائي وٺندا آهن. 35پر اوهين پنهنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ اوهان کي وڏو اجر ملندو ۽ اوهين خدا تعاليٰ جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ هو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ مهربان آهي. 36تنهنڪري مهربان ٿيو، جيئن اوهان جو آسماني پيءُ مهربان آهي.“
ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو
(متي 7:1-5)
37”ٻين جا عيب نہ اُگھاڙيو تہ خدا بہ اوهان جا عيب نہ اُگھاڙيندو. ٻين کي ڏوهي قرار نہ ڏيو تہ خدا بہ اوهان کي ڏوهي قرار نہ ڏيندو. ٻين کي معاف ڪريو تہ خدا بہ اوهان کي معاف ڪندو. 38ٻين کي ڏيندا رهو تہ خدا کان اوهان کي بہ ملندو، بلڪ واپسيءَ ۾ اوهان کي چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وهندڙ ڪري جھول ۾ وڌو ويندو. ياد رکو، جهڙي ماپي سان اوهين ڏيندا، خدا کان تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي ماپجي ملندو.“
39 #
مت 15:14
عيسيٰ کين هڪ مثال ڏيندي چيو تہ ”ڇا ڪو انڌو ٻئي انڌي کي واٽ ڏيکاري سگھندو؟ جيڪڏهن ائين ٿيو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا. 40#مت 10:24-25، يو 13:16، 15:20 ڪوبہ شاگرد پنهنجي استاد کان مٿي نہ آهي، پر هر ڪو شاگرد جڏهن سکيا پوري ڪندو، تڏهن استاد جهڙو ٿي پوندو. 41ڇو ٿا ڪنهن همايمان ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک ڏسو ۽ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، ان جو اوهان کي ڪوبہ خيال نہ آهي؟ 42اوهين ڪيئن ان کي چوندا تہ ’پنهنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏهن تہ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، تنهن کي نہ ٿا ڏسو. اي رياڪارؤ! پهريائين اوهين پنهنجي اک مان شهتير ڪڍو، تڏهن اوهين پنهنجي ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا.“
جهڙو وڻ تهڙو ميوو
(متي 7:16-20، 12:33-35)
43”ڪوبہ سٺو وڻ خراب ميوو نہ ٿو ڏئي ۽ نہ وري ڪو خراب وڻ سٺو ميوو ڏئي ٿو. 44#مت 12:33 سڀ ڪنهن وڻ کي سندس ميوي مان سڃاڻبو آهي، ڇو تہ ماڻهو ڪَنڊين مان انجير ۽ ڪانڊيرن مان انگور نہ ٿا ڇنن. 45#مت 12:34 هڪ چڱو ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي دل جي بري خزاني مان بريون ڳالهيون ڪڍي ٿو. ڏسو، #6:45 دل ديڳڙو زبان ڏوئي هن سنڌي چوڻيءَ جو مطلب آيت جي اصلي مواد سان ملندڙ جلندڙ آهي.دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.“
ٻن گھرن جي اڏاوت وارو مثال
(متي 7:24-27)
46”اوهين ڇو مون کي ’خداوند، خداوند‘ چئو ٿا، جڏهن تہ منهنجي چوڻ تي عمل نہ ٿا ڪريو؟ 47جيڪو بہ منهنجيون ڳالهيون ٻڌڻ اچي ٿو ۽ اهي ٻڌي انهن تي عمل ٿو ڪري، آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اهو ڪنهن جي مثل آهي. 48اهو انهيءَ ماڻهوءَ مثل آهي جنهن گھر اڏائڻ وقت زمين اونهي کوٽي ٽڪر تي پيڙهہ رکي. پوءِ جڏهن ٻوڏ آئي تہ درياءَ انهيءَ گھر کي سٽون ڏنيون پر ان کي لوڏي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ گھر مضبوط اڏيل هو. 49پر جيڪو منهنجيون ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل نہ ٿو ڪري، سو انهيءَ ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پيڙهہ رکڻ کان سواءِ گھر اڏايو ۽ جڏهن ٻوڏ آئي ۽ ان کي سٽ ڏنائين تہ اهو ڦَهہ ڪري ڪري پيو ۽ تباهہ وَ برباد ٿي ويو.“