YouVersion लोगो
खोज आइकन

لوقا 16

16
بي‌ايمان منشيءَ جي هوشياري
1پوءِ عيسيٰ شاگردن کي مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن شاهوڪار وٽ هڪڙو منشي هوندو هو. ڪن ماڻهن شاهوڪار کي ٻڌايو تہ ’منشي تنهنجي دولت اُڏائي ٿو.‘ 2تنهن تي شاهوڪار منشيءَ کي گھرائي چيو تہ ’تنهنجي باري ۾ آءٌ هي ڇا پيو ٻڌان؟ پنهنجي مُنشيگيريءَ جو سڄو حساب ڪتاب ڏي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي اڳتي پنهنجو منشي رکي ڪين سگھندس.‘ 3تڏهن منشي دل ۾ چوڻ لڳو تہ ’پوءِ آءٌ ڇا ڪندس؟ ڇاڪاڻ تہ منهنجو مالڪ تہ مون کي مُنشيگيريءَ مان ڪڍي ٿو. ڪوڏر هڻڻ جي تہ مون ۾ طاقت ڪانهي ۽ پنڻ کان بہ مون کي شرم ٿو اچي. 4سو هاڻي اهڙو ڪم ٿو ڪريان جو جڏهن منهنجي نوڪري ختم ٿئي تہ ماڻهو مون کي پنهنجي گھر ۾ اچڻ ڏين.‘ 5پوءِ ڇا ڪيائين جو شاهوڪار جي هڪڙي هڪڙي قرضدار کي سڏايائين. پهرئين کان پڇيائين تہ ’منهنجي مالڪ جو تو تي ڪيترو قرض آهي؟‘ 6هن کيس وراڻيو تہ ’زيتون جي تيل جا چاليهن ليٽرن وارا هڪ سؤ مٽ.‘ منشيءَ چيس تہ ’ويهي پنهنجي رسيد تي جھٽ ۾ پنجاهہ مٽ لکي ڏي.‘ 7پوءِ ٻئي کان پڇيائين تہ ’تو تي ڪيترو قرض آهي؟‘ هن ورندي ڏني تہ ’هڪ هزار ٻوريون ڪڻڪ.‘ انهيءَ کي بہ چيائين تہ ’پنهنجي رسيد کڻي اٺ سؤ ٻوريون لکي ڏي.‘ 8اهو ڏسي سندس مالڪ بي‌ايمان منشيءَ جي تعريف ڪئي، انهيءَ ڪري جو هن هوشياريءَ کان ڪم ورتو هو. اهڙيءَ ئي طرح هن زماني جا ماڻهو هڪٻئي سان هلت چلت ۾ خدا جي بادشاهيءَ جي ماڻهن کان وڌيڪ هوشيار آهن.“
9عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ دنياوي دولت سان دوست پيدا ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن اها دولت کُٽي وڃي تڏهن دائمي گھر ۾ اوهان جي آجيان ڪئي وڃي. 10جيڪو ٿوري ۾ ايماندار آهي سو گھڻي ۾ بہ ايماندار رهندو ۽ جيڪو ٿوري ۾ بي‌ايمان آهي سو گھڻي ۾ بہ بي‌ايمان ٿيندو. 11سو جيڪڏهن اوهين هن دنياوي دولت ۾ ايماندار نہ آهيو تہ ڪير اوهان تي اعتبار ڪري اوهان کي سچي دولت ڏيندو؟ 12جيڪڏهن اوهين ٻين جي ملڪيت جي لاءِ ايماندار نہ آهيو تہ ڪير اوهان تي اعتبار ڪري اوهان جي ملڪيت اوهان جي حوالي ڪندو؟
13 # مت 6‏:24 ڪوبہ غلام هڪ ئي وقت ٻن مالڪن جي غلامي ڪري نہ ٿو سگھي. هو هڪڙي سان محبت تہ ٻئي سان نفرت ڪندو، يا هڪڙي سان وفادار رهندو تہ ٻئي کي خسيس ڄاڻيندو. سو اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي هڪ ئي وقت غلامي ڪري نہ ٿا سگھو.“
عيسيٰ مسيح جو فريسين کي ڇينڀڻ
(متي 11‏:12‏-13، 5‏:31‏-32، مرقس 10‏:11‏-12)
14 فريسي، جن کي دولت سان پيار هو، سي عيسيٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. 15تڏهن عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين انهن منجھان آهيو جيڪي ماڻهن جي اڳيان پاڻ کي سچار ڏيکارين ٿا، پر خدا اوهان جي دلين کي ڄاڻي ٿو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ماڻهن جي ليکي چڱو آهي، سو خدا جي نظر ۾ ڪراهت جهڙو آهي.“
16 # مت 11‏:12‏-13 عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”موسيٰ جي شريعت توڙي ٻين نبين جون لکتون يحيٰ جي وقت تائين لاڳو رهيون. تنهن کان پوءِ خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ٿيڻ لڳي ۽ هر ڪو ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ زور پيو ڏئي. 17#مت 5‏:18 تنهن هوندي بہ زمين ۽ آسمان جو ٽري وڃڻ آسان آهي، پر شريعت جو هڪڙو نقطو بہ ٽري نہ ٿو سگھي. 18#مت 5‏:32، 1.ڪر 7‏:10‏-11 ڏسو، شريعت موجب جيڪو بہ پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪنهن ٻيءَ عورت سان شادي ٿو ڪري سو زنا ٿو ڪري ۽ جيڪو مڙس جي طلاق ڏنل عورت سان شادي ٿو ڪري سو بہ زنا ٿو ڪري.“
لعزر ۽ هڪ شاهوڪار جو مثال
19عيسيٰ مثال ڏيندي چيو تہ ”ڪنهن زماني ۾ هڪڙو شاهوڪار ماڻهو هوندو هو، جيڪو تمام عمدا ۽ قيمتي ڪپڙا پهريندو هو ۽ روزانو طرح طرح جا طعام کائي موجون ماڻيندو هو. 20لعزر نالي ناسورن ورتل هڪ غريب شخص کي ان جي دروازي تي ويهاريو ويندو هو. 21لعزر چاهيندو هو تہ شاهوڪار ماڻهوءَ جي اوبر وارن ٽڪر ڳڀن سان پيٽ ڀري ڍءُ ڪري، جڏهن تہ ڪتا بہ اچي سندس ناسوري ڦٽ چٽيندا هئا. 22پوءِ جڏهن اهو غريب ماڻهو مري ويو تہ ملائڪن کڻي وڃي کيس بهشت ۾ ابراهيم جي پاسي ۾ ويهاريو. هوڏانهن شاهوڪار ماڻهو بہ مري ويو ۽ کيس دفن ڪيو ويو. 23هو پاتال ۾ وڃي پيو، جتي هو عذابن ۾ مبتلا هو تہ اکيون کڻي نهاريائين تہ پريان ابراهيم نظر آيس جنهن جي ڀر ۾ لعزر هو. 24تڏهن هن رڙ ڪري چيو تہ ’اي بابا ابراهيم! مون تي رحم ڪريو ۽ لعزر کي موڪليو تہ آڱر جي چوٽي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي منهنجي ڄڀ کي ٺاري، ڇاڪاڻ تہ آءٌ هن باهہ جي سخت عذاب ۾ آهيان.‘ 25پر ابراهيم چيس تہ ’پٽ! ياد ڪر، تہ تو کي پنهنجي حياتيءَ ۾ سٺيون سٺيون شيون مليل هيون، پر لعزر کي خراب شيون. هاڻي هو هتي مزن ۾ آهي ۽ تون عذاب ۾ آهين. 26انهيءَ کان علاوہ اوهان ۽ اسان جي وچ ۾ وڏو اوڙاهہ آهي، تنهنڪري جيڪي هتان اوهان ڏانهن وڃڻ گھرن تہ وڃي نہ سگھندا ۽ نہ وري اوهان وٽان ڪو اسان ڏانهن اچي سگھندو.‘ 27شاهوڪار چيو تہ ’چڱو ڀلا بابا! آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ لعزر کي منهنجي پيءُ جي گھر ڀائرن ڏانهن موڪليو. 28جيئن تہ مون کي پنج ڀائر آهن، سو هو انهن کي وڃي تاڪيد ڪري تہ متان اهي بہ هن عذاب واري جاءِ ۾ اچي پون.‘ 29تنهن تي ابراهيم وراڻيس تہ ’انهن وٽ موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جون لکتون تہ موجود آهن، هو اهي ٻڌي سگھن ٿا.‘ 30پر شاهوڪار چيس تہ ’نہ، بابا ابراهيم! جيڪڏهن ڪو مئلن مان انهن وٽ ويندو، تہ اهي توبهہ ڪندا.‘ 31ابراهيم چيس تہ ’جيڪڏهن هو موسيٰ ۽ ٻين نبين جي لکتن کي نہ ٿا مڃين، تہ پوءِ ڪو مئلن مان بہ جيئرو ٿي وڃين تہ انهيءَ جي بہ ڪونہ ٻڌندا.‘“

अहिले सेलेक्ट गरिएको:

لوقا 16: MSB

हाइलाइट

शेयर गर्नुहोस्

कपी गर्नुहोस्

None

तपाईंका हाइलाइटहरू तपाईंका सबै यन्त्रहरूमा सुरक्षित गर्न चाहनुहुन्छ? साइन अप वा साइन इन गर्नुहोस्