YouVersion लोगो
खोज आइकन

پيدائش 9

9
1۽ خدا نوح ۽ سندس پٽن کي برڪت ڏيئي چيو تہ وڌو ۽ ويجهو ۽ زمين کي ڀرپور ڪريو. 2اوهان جو ڊپ ۽ اوهان جو خوف زمين جي سڀ ڪنهن جانور تي، هوا جي سڀ ڪنهن پکيءَ تي، ۽ جيڪي بہ زمين تي هلن ٿا، ۽ سمنڊ جي سڀني مڇين تي رهندو، اهي سڀئي مون اوهان جي تابع ڪيا آهن. 3زمين تي هلندڙ سڀ ساهوارا اوهان جي خوراڪ لاءِ ٿيندا، اهي مون نباتات وانگر اوهان کي ڏنا آهن. 4پر گوشت کي رت سوڌو نہ کائجو، ڇو تہ اهو هن جي جان آهي. 5۽ اوهان جي رت يعني ساهہ جو بدلو آءٌ ضرور وٺندس؛ هر ڪنهن جانور ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ کان انهيءَ جو بدلو وٺندس. ماڻهوءَ جي ساهہ جو بدلو سندس ڀاءُ کان وٺندس. 6جيڪو ماڻهوءَ جو رت وهائيندو تنهن جو رت ماڻهوءَ جي هٿان وهايو ويندو، ڇالاءِ جو خدا انسان کي پنهنجيءَ صورت تي جوڙيو آهي. 7اوهين وڌو ۽ ويجهو: زمين تي گهڻو اولاد پيدا ڪريو ۽ وڌندا وڃو.
8۽ خدا نوح ۽ سندس پٽن کي چيو تہ 9ڏسو، آءٌ اوهان سان ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي اولاد سان؛ 10۽ سڀني ساهوارن سان، جي اوهان سان گڏ آهن، توڙي پکي توڙي ڍور توڙي زمين جا سڀ جانور، يعني سڀئي ساهوارا جيڪي ٻيڙيءَ مان لٿا آهن، تن سڀني سان عهد ٿو ڪريان. 11آءٌ اهو عهد اوهان سان قائم رکندس، تہ سڀئي ساهوارا وري پاڻيءَ جي طوفان ڪري برباد نہ ٿيندا؛ نڪي اڳتي سڄيءَ زمين کي تباهہ ڪرڻ لاءِ ڪو پاڻيءَ جو طوفان ايندو. 12۽ خداوند چيو تہ اهو عهد، جيڪو آءٌ پنهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾، ۽ جيڪي ساهوارا اوهان سان گڏ آهن، تن جي وچ ۾ هميشہ جي لاءِ سڀني پيڙهين تائين ڪريان ٿو، تنهن جي نشاني هيءَ آهي: 13تہ آءٌ پنهنجي ڪمانَ ڪڪرن ۾ ٿو رکان، اها منهنجي ۽ زمين جي وچ ۾ عهد جي نشاني ٿيندي. 14۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن آءٌ زمين جي مٿان ڪو ڪڪر آڻيندس، تڏهن اها ڪمان ڪڪرن ۾ ڏسڻ ۾ ايندي. 15۽ آءٌ پنهنجو عهد، جو منهنجي ۽ اوهان جي، ۽ سڀني ساهوارن جي وچ ۾ آهي، سو ياد ڪندس، ۽ سڀني ساهوارن کي برباد ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جو طوفان وري نہ ايندو. 16۽ ڪمان ڪڪرن ۾ رهندي؛ ۽ آءٌ انهيءَ تي نگاهہ ڪندس، تہ اهو عهد ياد ڪريان، جو خدا ۽ زمين جي سڀني ساهوارن جي وچ ۾ آهي. 17سو خدا نوح کي چيو تہ اها انهيءَ عهد جي نشاني آهي، جو مون پنهنجي ۽ زمين جي سڀني ساهوارن جي وچ ۾ قائم ڪيو آهي.
18نوح جا پٽ جيڪي ٻيڙيءَ مان نڪتا، سي سم، حام ۽ يافت هئا: ۽ حام ڪنعان جو پيءُ هو. 19اهي ٽيئي نوح جا پٽ هئا: ۽ هنن مان ئي ساري زمين آباد ٿي ويئي.
20پوءِ نوح پوک ڪرڻ لڳو ۽ هڪڙو ڊاک جو باغ لڳايائين: 21۽ انهيءَ جي مئي پيتائين، جنهن ڪري نشو چڙهي ويس: ۽ پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي اگهاڙو ٿيو. 22۽ ڪنعان جي پيءُ حام، پنهنجي پيءُ جي اوگهڙ ڏسي، ٻاهر وڃي پنهنجن ٻين ڀائرن کي ٻڌايو. 23تنهن تي سم ۽ يافت هڪڙي چادر پنهنجن ڪلهن تي کنئي ۽ پٺيرا وڃي پنهنجي پيءُ جي اوگهڙ ڍڪيائون. انهن جا منهن اُبتا هئا، ۽ انهن پنهنجي پيءُ جي اوگهڙ ڪانہ ڏٺي. 24جڏهن نوح نشي مان سجاڳ ٿيو، تڏهن جيڪي سندس ننڍي پٽ ساڻس ڪيو هو، تنهن جي خبر پيس. 25تنهن تي چيائين تہ لعنت هجي ڪنعان تي، هو پنهنجي ڀائرن جي غلامن جو غلام ٿيندو. 26۽ چيائين تہ خداوند سم جو خدا سڳورو آهي؛ ڀلي تہ ڪنعان هن جو غلام ٿئي. 27خدا يافت کي وڌائي، ۽ سم جي تنبن ۾ رهي، ۽ ڪنعان هن جو غلام ٿئي.
28طوفان کان پوءِ نوح ساڍا ٽي سؤ ورهيہ جيئرو رهيو. 29۽ نوح جي سموري عمر ساڍا نو سؤ سال هئي، پوءِ هو مري ويو.

अहिले सेलेक्ट गरिएको:

پيدائش 9: SB62

हाइलाइट

शेयर गर्नुहोस्

कपी गर्नुहोस्

None

तपाईंका हाइलाइटहरू तपाईंका सबै यन्त्रहरूमा सुरक्षित गर्न चाहनुहुन्छ? साइन अप वा साइन इन गर्नुहोस्