پيدائش 16
16
1هاڻي ابرام جي زال ساري کي ڪوبہ اولاد ڪونہ هو: هن وٽ هاجرہ نالي هڪڙي ٻانهي هئي، جا مصر جي هئي. 2۽ ساريءَ ابرام کي چيو تہ هاڻي ڏس، خداوند مون کي اولاد کان وانجهي رکيو آهي، سو تون پنهنجيءَ ٻانهيءَ وٽ وڃ، شايد ان مان مون کي ڪي ٻار ملن. ۽ ابرام ساريءَ جي ڳالهہ قبول ڪئي. 3جڏهن ابرام کي ڪنعان جي ملڪ ۾ رهندي ڏهہ ورهيہ ٿيا هئا، تڏهن سندس زال ساريءَ پنهنجي مصري ٻانهي کيس ڏني تہ هن جي زال ٿي رهي. 4۽ هو هاجرہ وٽ ويو ۽ هوءَ پيٽ سان ٿي، ۽ جڏهن کيس خبر پيئي تہ آءٌ پيٽ سان ٿي آهيان، تڏهن پنهنجي ڌياڻيءَ جي حقارت ڪرڻ لڳي. 5تڏهن ساريءَ ابرام کي چيو تہ مون سان جيڪو ظلم ٿيو آهي، سو تنهنجي سر تي آهي! مون پنهنجي ٻانهي تنهنجيءَ هنج ۾ ڏني ۽ هاڻي جڏهن هن ڏٺو تہ پيٽ سان ٿي آهي، تڏهن مون ڏانهن حقارت سان ٿي نهاري: سو خداوند منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ انصاف ڪندو. 6تنهن تي ابرام ساريءَ کي چيو تہ ڏس تنهنجي ٻانهي تنهنجي هٿ ۾ آهي، جيئن وڻيئي تيئن ساڻس ڪر. تڏهن ساري هن سان سختي ڪرڻ لڳي ۽ هوءَ وٽانئس ڀڄي ويئي. 7۽ رڻ پٽ ۾ شور جي رستي تي جيڪو پاڻيءَ جو چشمو آهي، تنهن وٽ خداوند جو فرشتو هن کي گڏيو، 8۽ چيائينس تہ ساريءَ جي ٻانهي هاجرہ تون ڪٿان ٿي اچين، ۽ ڪيڏانهن ٿي وڃين؟ هن چيو تہ آءٌ پنهنجيءَ ڌياڻيءَ وٽان ڀڄي آئي آهيان. 9تڏهن خداوند جي فرشتي چيس تہ تون پنهنجيءَ ڌياڻيءَ وٽ موٽي وڃ ۽ سندس هٿ هيٺ رهہ. 10۽ خداوند جي فرشتي هن کي چيو تہ آءٌ تنهنجو اولاد ايترو وڌائيندس جو شمار کان ٻاهر ٿيندو. 11۽ خداوند جي فرشتي چيو تہ ڏس تون حاملہ آهين ۽ پٽ ڄڻيندينءَ: ۽ انهيءَ جو نالو اسماعيل رکج؛ ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي ڏک جي دانهن ٻڌي آهي. 12هو ماڻهن ۾ جهنگلي گڏهہ جهڙو آزاد رهندو؛ هن جو هٿ سڀني جي برخلاف ۽ سڀني جو هٿ هن جي برخلاف ٿيندو؛ ۽ هو پنهنجن سڀني ڀائرن جي روبرو رهندو. 13۽ جنهن خداوند ساڻس ڳالهايو تنهن جو نالو هن اتاايل روئي رکيو يعني اي خدا تون ڏسين ٿو: ڇالاءِ جو هن چيو تہ سچ پچ مون خدا کي ڏٺو ۽ پوءِ بہ جيئري آهيان؟ 14تنهنڪري انهيءَ چشمي جو نالو بيرلحي روئي پئجي ويو؛ ۽ ڏسو، اهو قادس ۽ برد جي وچ ۾ آهي. 15۽ هاجرہ کي ابرام مان هڪڙو پٽ ڄائو ۽ ابرام پنهنجي انهيءَ پٽ جو نالو، جو هاجرہ کي ڄائو، اسماعيل رکيو. 16جڏهن هاجرہ کي ابرام مان پٽ ڄائو، تڏهن ابرام ڇهاسي ورهين جو هو.
अहिले सेलेक्ट गरिएको:
پيدائش 16: SB62
हाइलाइट
शेयर गर्नुहोस्
कपी गर्नुहोस्
तपाईंका हाइलाइटहरू तपाईंका सबै यन्त्रहरूमा सुरक्षित गर्न चाहनुहुन्छ? साइन अप वा साइन इन गर्नुहोस्
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.