YouVersion लोगो
खोज आइकन

پيدائش 12

12
1هاڻي خداوند ابرام کي چيو تہ تون پنهنجي ملڪ مان ۽ پنهنجن مائٽن مان ۽ پنهنجي پيءُ جي گهر مان نڪري، انهيءَ ملڪ ۾ وڃ جو آءٌ توکي ڏيکاريندس: 2آءٌ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس، توکي برڪت ڏيندس، تنهنجو نالو سرفراز ڪندس ۽ تون برڪت جو سبب ٿيندين. 3جيڪي توکي مبارڪ چوندا، تن کي آءٌ برڪت ڏيندس، ۽ جيڪي توکي پِٽيندا تن تي آءٌ لعنت ڪندس. تو کان زمين جي سڀني قبيلن کي برڪت ملندي.
4سو ابرام خداوند جي چوڻ موجب روانو ٿيو؛ ۽ لوط بہ ساڻس گڏجي هليو: جڏهن ابرام حاران مان نڪتو، تڏهن پنجهتر ورهين جو هو. 5سو ابرام پنهنجي زال ساري، پنهنجو ڀائٽيو لوط، ۽ سڀ مال جو گڏ ڪيو هئائين، ۽ ماڻهو جيڪي حاران ۾ مليا هئس، سي پاڻ سان کنيا، ۽ اهي ڪنعان جي ملڪ ۾ وڃڻ لاءِ روانا ٿيا؛ ۽ نيٺ اچي انهيءَ ملڪ ۾ پهتا. 6۽ ابرام انهيءَ ملڪ مان لنگهي، سڪم ۾ مورہ جي شاہ بلوط تائين پهتو. تنهن وقت ڪنعاني انهيءَ ملڪ ۾ رهندا هئا. 7تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏيئي چيو تہ هيءُ ملڪ آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس: سو جنهن خداوند کيس ڏيکاري ڏني، تنهن لاءِ اُتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهيائين. 8پوءِ هو اتان نڪري انهيءَ جبل وٽ آيو جو بيت ايل جي اڀرندي ۾ آهي، ۽ اتي اهڙي هنڌ پنهنجو تنبو کوڙيائين، جتي بيت ايل سندس الهندي پاسي هو، ۽ عئي سندس اڀرندي پاسي: اتي هن خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي، ۽ خداوند کان دعا گهريائين. 9۽ اتان اڳتي وڌي ڏکڻ ڏانهن ويو.
10پوءِ انهيءَ ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو ۽ ڏڪار تمام سخت هو، تنهنڪري ابرام مصر ملڪ ڏانهن هليو ويو. 11۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو مصر ۾ داخل ٿيڻ تي هو، تڏهن هن پنهنجي زال ساريءَ کي چيو تہ ڏس، تون ڏسڻ ۾ سهڻي آهين. 12سو هيئن ٿيندو تہ جڏهن مصري توکي ڏسندا ۽ سڃاڻندا تہ تون منهنجي زال آهين: تڏهن هو مون کي ماري وجهندا ۽ توکي جيئرو ڇڏيندا. 13تنهنڪري تون چئج تہ آءٌ هن جي ڀيڻ آهيان. اهڙيءَ طرح تنهنجي ڪري منهنجو ڀلو ٿيندو، ۽ تنهنجي سببان منهنجي جان بچي پوندي. 14سو هيئن ٿيو تہ جڏهن ابرام مصر ۾ آيو، تڏهن مصرين ڏٺو تہ هيءَ زال ڏاڍي سهڻي آهي، 15۽ فرعون جي اميرن هن کي ڏسي فرعون وٽ هن جي تعريف ڪئي: ۽ هو انهيءَ زال کي فرعون جي گهر وٺي ويا. 16۽ هن انهيءَ زال جي ڪري ابرام سان گهڻي ڀلائي ڪئي، ۽ کيس رڍون، ڏاند، گڏهہ، غلام، ٻانهيون، گڏهيون ۽ اُٺ ڏنائين. 17پر خداوند ابرام جي زال ساريءَ جي ڪري، فرعون ۽ سندس خاندان کي مصيبتن ۾ وڌو. 18تڏهن فرعون ابرام کي سڏي چيو تہ تو مون سان هي ڇا ڪيو؟ تو ڇو نہ مون کي چيو تہ هيءَ منهنجي زال آهي. 19تو ڇو چيو تہ هيءَ منهنجي ڀيڻ آهي؟ انهيءَ ڪري مون هن کي پنهنجي زال ٿي ڪيو: هاڻي ڏس، تنهنجي زال حاضر آهي، وٺي وڃينس. 20پوءِ فرعون پنهنجن ماڻهن کي هن بابت حڪم ڏنو، ۽ هنن کيس ۽ سندس زال کي، ۽ ٻيو جيڪي وٽس هو تنهن کي روانو ڪيو.

अहिले सेलेक्ट गरिएको:

پيدائش 12: SB62

हाइलाइट

शेयर गर्नुहोस्

कपी गर्नुहोस्

None

तपाईंका हाइलाइटहरू तपाईंका सबै यन्त्रहरूमा सुरक्षित गर्न चाहनुहुन्छ? साइन अप वा साइन इन गर्नुहोस्