1
متي 33:6
Common Language New Testament
پر اوھين پھريائين آسمان واري بادشاھت ۽ سندس سچائيءَ کي پنھنجي حياتيءَ ۾ ڳوليو تہ ھي سڀ شيون بہ اوھان کي ملنديون.
Mampitaha
Mikaroka متي 6:33
2
متي 34:6
سو اوھين سڀاڻي جي ڳڻتي نہ ڪريو، ڇالاءِجو سڀاڻو پنھنجي لاءِ پاڻ ئي ڳڻتي ڪندو. اڄ جي لاءِ اڄ جو ڏک ئي ڪافي آھي.“
Mikaroka متي 6:34
3
متي 25:6
تنھنڪري آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ پنھنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ڇا کائينداسين يا ڇا پيئنداسين ۽ نہ پنھنجي جسم لاءِ تہ ڇا پھرينداسين؟ ڇا جان کاڌي کان ۽ جسم ڪپڙن کان وڌيڪ نہ آھي؟
Mikaroka متي 6:25
4
متي 6:6
پر جڏھن اوھين دعا گھرو تہ پنھنجي ڪمري جا دروازا بند ڪري پنھنجي پيءُ کان دعا گھرو، جيڪو ڳُجھہ ۾ آھي. اوھان جو پيءُ جيڪو اوھان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوھان کي ان جو اجر ڏيندو.
Mikaroka متي 6:6
5
متي 9:6-10
تہ پوءِ ھن ريت دعا گھرو تہ ’اي اسان جا بابا! تون جو آسمان ۾ آھين، شل تنھنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي، ۽ تنھنجي بادشاھت اچي. تنھنجي مرضي جيئن آسمان ۾ پوري ٿئي ٿي، تيئن زمين تي بہ ٿئي.
Mikaroka متي 6:9-10
6
متي 11:6
اسان جي ڏھاڙيءَ جي ماني اڄ اسان کي ڏي.
Mikaroka متي 6:11
7
متي 12:6
اسان جا ڏوھہ اسان کي ائين معاف ڪر، جيئن اسين بہ پنھنجن ڏوھارين کي معاف ٿا ڪريون.
Mikaroka متي 6:12
8
متي 13:6
اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ، پر اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘
Mikaroka متي 6:13
9
متي 14:6
ڇالاءِجو جيڪڏھن اوھين ماڻھن کي پنھنجا ڏوھہ بخشيندا تہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ بہ اوھان کي پنھنجا ڏوھہ بخشي ڇڏيندو.
Mikaroka متي 6:14
10
متي 26:6
پکين تي غور ڪريو جيڪي نہ پوکين نہ لڻين ۽ نہ ان ڀانڊن ۾ انبار ڪن، تہ بہ اوھان جو آسمان وارو پيءُ انھن کي کارائي ٿو. ڇا توھين انھن کان وڌيڪ درجو نہ ٿا رکو؟
Mikaroka متي 6:26
11
متي 19:6-21
”اوھين پنھنجي لاءِ خزانو ھن دنيا ۾ گڏ نہ ڪريو، جتي ڪينئان ۽ ڪٽ ان کي تباھہ ڪن ٿا ۽ چور کاٽ ھڻي چوري ڪن ٿا. پر پنھنجو خزانو بھشت ۾ گڏ ڪريو، جتي نہ ڪينئان ۽ نہ ڪٽ کيس تباھہ ڪري سگھي ٿي ۽ نہ وري چور کاٽ ھڻي چورائي سگھن ٿا. ڇالاءِجو جتي اوھان جو خزانو ھوندو تہ اوھان جي دل بہ اتي ئي ھوندي.“
Mikaroka متي 6:19-21
12
متي 24:6
”ڪوبہ ماڻھو ٻن مالڪن جو نوڪر ٿي نہ ٿو سگھي. ھو ھڪڙي کان نفرت تہ ٻئي سان محبت ڪندو يا ھڪڙي سان وفا تہ ٻئي سان دغا ڪندو، سو اوھين خدا ۽ دولت ٻنھي جي گڏ خدمت ڪري نہ ٿا سگھو.
Mikaroka متي 6:24
13
متي 30:6
جيڪڏھن جھنگلي گاھہ جيڪو اڄ آھي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنھن کي بہ خدا ائين پھرائي ٿو، تہ پوءِ اھو اوھان کي بھتر نہ پھرائيندو ڇا؟ اوھان جو ايمان ڪيڏو نہ ڪمزور آھي!
Mikaroka متي 6:30
14
متي 3:6-4
جڏھن اوھين خيرات ڏيو تہ اوھان جي کاٻي ھٿ کي اھا خبر نہ پوي تہ ساڄو ھٿ ڇا ٿو ڪري، تہ جيئن اوھان جو خيرات ڏيڻ ڳجھو رھي ۽ اوھان جو پيءُ جو اوھان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوھان کي ان جو اجر ڏئي.“
Mikaroka متي 6:3-4
15
متي 1:6
”خبردار ٿجو، متان چڱا ڪم ماڻھن جي ڏيکاءَ لاءِ ڪريو. جيڪڏھن اوھين ائين ڪندا تہ اوھان کي پنھنجي آسمان واري پيءُ وٽان ڪوبہ اجر نہ ملندو.
Mikaroka متي 6:1
16
متي 16:6-18
”جڏھن اوھين روزا رکو تہ رياڪارن وانگر منھن لٿل نہ ٿيو، ڇالاءِجو اھي منھن لٿل جو ڏيکاءُ انھيءَ لاءِ ٿا ڪن تہ جيئن ماڻھو ڏسن تہ ھنن روزو رکيو آھي. آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ انھن کي پنھنجو اجر ملي چڪو آھي. پر جڏھن اوھين روزا رکو تہ پنھنجي منھن کي ڌوئو ۽ مٿي کي تيل مکي ڦڻي ڏيو، تہ جيئن ماڻھو نہ، بلڪ اوھان جو پيءُ جو ڳُجھہ ۾ آھي سو اوھان کي روزيدار سمجھي. ان طرح اوھان جو پيءُ جيڪو اوھان جا ڳجھا ڪم ڏسي ٿو سو اوھان کي اجر ڏيندو.“
Mikaroka متي 6:16-18
Fidirana
Baiboly
Planina
Horonan-tsary