1
متي 15:5-16
Common Language New Testament
ڪوبہ ماڻھو ڏيئو ٻاري ڍڪڻ ھيٺان نہ ٿو رکي پر ھو ان کي ڏياٽيءَ تي ٿو رکي جتان گھر جي ھر ھڪ ڀاتيءَ کي روشني پھچي ٿي. ساڳيءَ طرح اوھان جي روشني بہ ماڻھن اڳيان ائين چمڪي جو اھي اوھان جا چڱا ڪم ڏسي اوھان جو پيءُ، جيڪو آسمان ۾ آھي، تنھن جي واکاڻ ڪن.“
Mampitaha
Mikaroka متي 5:15-16
2
متي 14:5
اوھين سڄي جھان لاءِ روشنيءَ مثل آھيو. جيڪو شھر ٽڪر تي اڏيل آھي اھو لڪي نہ سگھندو.
Mikaroka متي 5:14
3
متي 8:5
سڀاڳا آھن اھي جيڪي دل جا صاف آھن، ڇالاءِجو اھي خدا کي ڏسندا.
Mikaroka متي 5:8
4
متي 6:5
سڀاڳا آھن اھي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آھن، ڇالاءِجو خدا انھن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.
Mikaroka متي 5:6
5
متي 44:5
پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ جيڪي اوھان کي ستائين تن لاءِ دعا گھرو،
Mikaroka متي 5:44
6
متي 3:5
”سڀاڳا آھن اھي جيڪي دل جا نماڻا آھن، ڇالاءِجو اھي آسمان واري بادشاھت جون برڪتون ماڻين ٿا.
Mikaroka متي 5:3
7
متي 9:5
سڀاڳا آھن اھي جيڪي ماڻھن ۾ صلح ڪرائين ٿا، ڇالاءِجو خدا انھن کي پنھنجو ٻار سڏيندو.
Mikaroka متي 5:9
8
متي 4:5
سڀاڳا آھن اھي جيڪي ڏکويل آھن، ڇالاءِجو خدا انھن کي تسلي ڏيندو.
Mikaroka متي 5:4
9
متي 10:5
سڀاڳا آھن اھي جيڪي سچائيءَ جي ڪري ستايا وڃن ٿا، ڇالاءِجو اھي آسمان واري بادشاھت جون برڪتون ماڻين ٿا.
Mikaroka متي 5:10
10
متي 7:5
سڀاڳا آھن اھي جيڪي ٻين تي رحم ڪن ٿا، ڇالاءِجو خدا انھن تي رحم ڪندو.
Mikaroka متي 5:7
11
متي 11:5-12
سڀاڳا آھيو اوھين، جو ماڻھو منھنجي ڪري اوھان جي بيعزتي ڪن، اوھان کي ستائين ۽ اوھان تي ھر قسم جون تھمتون ھڻن، ڇوتہ اھڙيءَ طرح ئي نبين کي بہ ستايو ويو ھو. خوش ٿيو ۽ ڏاڍا سرھا ٿيو، ڇاڪاڻتہ اوھان کي بھشت ۾ وڏو اجر ملندو.“
Mikaroka متي 5:11-12
12
متي 5:5
سڀاڳا آھن اھي جيڪي تابعدار آھن، ڇالاءِجو خدا انھن کي زمين جو وارث ڪندو.
Mikaroka متي 5:5
13
متي 13:5
”اوھين انسان ذات لاءِ لوڻ مثل آھيو. پر جيڪڏھن لوڻ پنھنجو سواد ڇڏي ڏئي تہ ان کي وري سوادي بنائڻ لاءِ ڪوبہ طريقو نہ آھي. اھو بيڪار ٿي پوندو، تنھنڪري ڦٽو ڪيو ويندو ۽ ماڻھن جي پيرن ھيٺان لتاڙيو ويندو.
Mikaroka متي 5:13
14
متي 48:5
سو اوھين بہ ائين ئي ڪامل ٿيو جيئن اوھان جو آسمان وارو پيءُ ڪامل آھي.“
Mikaroka متي 5:48
15
متي 37:5
پر رڳو ’ھا‘ يا ’نہ‘ چئو، ان کان وڌيڪ چوڻ شيطاني آھي.“
Mikaroka متي 5:37
16
متي 38:5-39
”اوھان ٻڌو آھي تہ اھو چيو ويو ھو تہ ’اک جي بدلي اک ۽ ڏند جي بدلي ڏند.‘ پر ھاڻي آءٌ اوھان کي چوان ٿو تہ جيڪو اوھان سان بڇڙائي ڪري ان کان بدلو نہ وٺو. پر جيڪڏھن ڪو اوھان کي ڳل تي چماٽ ھڻي تہ ان کي ٻيو ڳل بہ ڦيرائي ڏيو.
Mikaroka متي 5:38-39
17
متي 29:5-30
جيڪڏھن تنھنجي ساڄي اک تو کي گمراھہ ڪري تہ اھا ڪڍي اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِجو تنھنجي لاءِ اھو بھتر آھي تہ تنھنجي عضون مان ڀلي ھڪڙو ھليو وڃي پر تنھنجو سڄو بدن جھنم ۾ نہ پوي. جيڪڏھن تنھنجو ساڄو ھٿ تو کي گمراھہ ڪري تہ ان کي وڍي اڇلائي ڇڏ، ڇالاءِجو تنھنجي لاءِ اھو بھتر آھي تہ تنھنجي عضون مان ڀلي ھڪڙو ھليو وڃي پر تنھنجو سڄو بدن جھنم ۾ نہ پوي.“
Mikaroka متي 5:29-30
Fidirana
Baiboly
Planina
Horonan-tsary