يوحنا 10
10
1آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪو رڍن جي واڙي ۾ دروازي کان نٿو گهڙي، پر ٻئي ڪنهن رستي کان ٽپي ٿو اچي، سو چور ۽ ڌاڙيل آهي. 2پر جيڪو دروازي مان ٿو اندر گهڙي، سو رڍن جو ريڍار آهي. 3اُنهي لاءِ دربان دروازو کولي ٿو؛ ۽ رڍون هن جي تنوار ٻُڌن ٿيون: ۽ هو نالو وٺي پنهنجين رڍن کي سڏي ٻاهر ٿو آڻي. 4جڏهن هو پنهنجين سڀني رڍن کي ڪڍي ٻاهر ٿو ڪري، تڏهن اڳيانئن ٿي ٿو هلي، ۽ رڍون سندس تنوار سڃاڻن ٿيون. 5۽ ڌارئي جي پٺيان ڪين وينديون، پر کانئس ڀڄنديون: ڇالاءِ تہ اُهي ڌارين جي تنوار نٿيون سڃاڻن. 6اهو مثال يسوع کين ٻُڌايو، پر هنن کي سمجهڻ ۾ ڪين آيو تہ هيءُ اسان سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري.
7تڏهن يسوع وري چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ رڍن جو دروازو آئون آهيان. 8سڀ جيڪي مون کان اڳي آيا، سي چور ۽ ڌاڙيل آهن: پر رڍن اُنهن جي نہ ٻُڌي. 9آئون دروازو آهيان: جيڪو مون مان اندر گهڙندو، سو بچي پوندو، ۽ اندر ٻاهر ايندو ويندو ۽ چارو ملندس. 10چور رڳو اُنهيءَ مراد سان ٿو اچي تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري: آئون انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ اُنهن کي زندگي ملي، بلڪ ججهي ملينِ. 11چڱو ريڍار آئون آهيان: چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنهنجي جان ٿو ڏئي. 12جيڪو مزور آهي ۽ نہ ريڍار، جو رڍن جو ڌڻي نہ آهي، سو بگهڙ کي ايندو ڏسي رڍن کي ڇڏي ڀڄي ٿو وڃي ۽ بگهڙ اُنهن کي جهلي ڇڙوڇڙ ڪيو ڇڏين. 13هو ڀڄي ٿو وڃي، ڇالاءِ تہ هو مزور آهي، ۽ رڍن جو ڪو فڪر ڪونهيس. 14چڱو ريڍار آئون آهيان، ۽ آئون پنهنجين رڍن کي سڃاڻان ٿو، ۽ منهنجيون رڍون مون کي سڃاڻن ٿيون؛ 15جيئن ڪ پيءُ مون کي سڃاڻي ٿو، تيئن آئون پيءُ کي سڃاڻان ٿو؛ ۽ آئون رڍن لاءِ پنهنجي جان ٿو ڏيان. 16۽ منهنجيون ٻيون بہ رڍون آهن، جي هن واڙي جون نہ آهن: اُنهن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آهي، ۽ اُهي منهنجو آواز ٻُڌنديون؛ پوءِ هڪڙو ڌڻ ٿيندو ۽ هڪڙو ڌنار. 17پيءُ جو مون کي پيار ٿو ڪري، سو انهيءَ لاءِ جو آئون پنهنجي جان ٿو ڏيان، تہ اُها وري وٺان. 18ڪوبہ ماڻهو مون کان اُها کسي نٿو، پر آئون اُها پاڻهي ئي ٿو ڏيان. مون کي اُنهيءَ جي ڏيڻ جي اختياري آهي، ۽ انهي جي وري وٺڻ جي بہ اختياري اٿم. هيءُ حڪم مون کي پنهنجي پيءُ وٽان مليو آهي.
19انهن ڳالهين ڪري يهودين ۾ وري بہ اچي اختلاف پيو. 20۽ منجهانئن گهڻا چوڻ لڳا تہ هن ۾ ڀوت آهي ۽ چريو آهي: اوهين ڇو ٿا سندس ڳالهيون ٻُڌو؟ 21ٻيا چوڻ لڳا تہ هي ڪنهن ڀوتاريل جون ڳالهيون نہ آهن. ڇا ڪو ڀوت ڪنهن انڌي جون اکيون کولي ٿو سگهي؟
22۽ يروشلم ۾ عيد تجديد هئي، ۽ سياري جي موسم هئي. 23۽ يسوع هيڪل ۾ سليمان جي ڏيڍي ۾ پئي پسار ڪيو. 24تڏهن يهودي ويڙهي ويس، ۽ چيائونس تہ تون اسان کي ڪيستائين شڪ ۾ رکندين؟ جيڪڏهن تون مسيح آهين تہ اسان کي صاف چئي ڏي. 25يسوع کين جواب ڏنو تہ مون اوهان کي ٻڌايو آهي، پر اوهين ايمان نٿا آڻيو. جيڪي ڪم آئون پنهنجي پيءُ جي نالي ڪريان ٿو، سي ئي منهنجي لاءِ شاهدي ٿا ڀرين. 26پر اوهين نٿا مڃو، ڇالاءِ جو اوهين منهنجين رڍن مان نہ آهيو. 27منهنجيون رڍون منهنجو آواز ٻُڌن ٿيون، ۽ آئون اُنهن کي سڃاڻان ٿو، ۽ اُهي منهنجي پٺيان ٿيون اچن. 28۽ آئون کين هميشہ جي زندگي ٿو ڏيان؛ ۽ اُهي ڪڏهن برباد ڪونہ ٿينديون ۽ ڪوبہ منهنجي هٿ مان اُنهن کي ڪين کسيندو. 29منهنجو پيءُ جنهن اُهي مون کي ڏنيون آهن، سو سڀني کان وڏو آهي؛ ۽ ڪنهن کي بہ اها طاقت ڪانهي تہ پيءُ جي هٿ مان اُهي کسي سگهي. 30آئون ۽ پيءُ هڪ آهيون. 31تنهن تي يهودين کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ وري بہ پهڻ کنيا. 32يسوع کين جواب ڏنو، تہ مون پيءُ جي طرفان ڪيترائي چڱا ڪم اوهان کي ڏيکاريا آهن، پوءِ انهن مان ڪهڙو ڪم آهي، جنهن سبب اوهين مون کي سنگسار ٿا ڪريو؟ 33يهودين جواب ڏنس تہ اسين توکي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ سنگسار نٿا ڪريون پر ڪفر بڪڻ ڪري؛ ڇالاءِ جو تون انسان ٿي پاڻ کي خدا ٿو ڪوٺين. 34يسوع کين جواب ڏنو تہ اوهان جي شريعت ۾ ڪين لکيل آهي تہ ”مون چيو تہ اوهين خدا آهيو؟“ 35جيڪڏهن انهن کي ٿي خدا ڪري ڪوٺيائين، جن وٽ خدا جو ڪلام آيو، (۽ پاڪ لکيت تہ بدلجڻ جي نہ آهي)، 36تہ هاڻي جنهن کي پيءُ پاڪ ڪري جهان ۾ موڪليو آهي، تنهن بابت ڇا ٿا چئو تہ تون ڪفر ٿو بڪين؛ ڇالاءِ جو مون چيو تہ آئون خدا جو فرزند آهيان؟ 37جيڪڏهن آئون پنهنجي پيءُ جا ڪم نہ ڪندو هجان تہ مون تي ايمان نہ آڻيو. 38پر جي آئون اُهي ڪريان ٿو تہ جيتوڻيڪ اوهين مون تي ايمان نٿا آڻيو، تہ منهنجي ڪمن تي ايمان آڻيو: تہ اوهان کي خبر پوي ۽ سمجهو تہ پيءُ مون ۾ آهي ۽ آئون پيءُ ۾. 39تڏهن اُهي وري بہ کيس جهلڻ جي ڪوشش ۾ هئا پر هو سندن هٿان نڪري ويو.
40پوءِ هو موٽي يردن جي پرئين ڀر انهي هنڌ هليو ويو، جتي يوحنا پهريائين بپتسما ٿي ڏني؛ ۽ اتي هو رهي پيو. 41۽ گهڻا وٽس آيا، ۽ اهي چوڻ لڳا تہ يوحنا تہ ڪوبہ معجزو ڪونہ ڏيکاريو، باقي جيڪي ڳالهيون يوحنا هن جي نالي چيون ٿي سي سڀ اچي لڳيون. 42۽ اُتي گهڻن مٿس ايمان آندو.
Pašlaik izvēlēts:
يوحنا 10: SB62
Izceltais
Dalīties
Kopēt
Vai vēlies, lai tevis izceltie teksti tiktu saglabāti visās tavās ierīcēs? Reģistrējieties vai pierakstieties
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.