YouVersion logotips
Meklēt ikonu

رسولن جا ڪم 9

9
1پر شائول اڃا بہ خداوند جي شاگردن کي ڌمڪائڻ ۽ قتل ڪرڻ جي خيال ۾ ٻڏل هو. سو سردار ڪاهن وٽ ويو، 2۽ چيائينس تہ مون کي دمشق جي عبادتخانن لاءِ انهيءَ مضمون تي خط لکي ڏي، تہ جن مردن خواہ زالن کي انهي طريقي تي ڏسان، تن کي ٻَڌائي يروشلم ۾ وٺي اچان. 3۽ واٽ ويندي جڏهن هو دمشق جي ويجهو آيو، تڏهن اوچتو آسمان مان هڪڙي روشني اچي سندس چوڌاري چمڪڻ لڳي: 4۽ هو زمين تي ڪِري پيو، ۽ هڪڙو آواز ٻُڌائين جنهن چيس، تہ اي شائول، اي شائول، تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟ 5تڏهن هن چيو تہ اي خداوند، تون ڪير آهين؟ هن چيو تہ آئون يسوع آهيان، جنهن کي تون ستائين ٿو: 6پر اُٿي بيهہ ۽ شهر ۾ وڃ، ۽ جيڪي ڪرڻو اٿيئي سو توکي ٻُڌائبو. 7۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، سي موڳا ٿي بيهي رهيا، جو هنن آواز تہ ٻُڌو ٿي، پر ڏٺائون ڪنهن کي بہ ڪين. 8۽ شائول زمين تان اُٿيو، ۽ جڏهن اکيون پٽيائين، تڏهن ڪي بہ ڏسي ڪين سگهيو، ۽ ٻيا کيس هٿ کان جهلي دمشق ۾ وٺي آيا. 9۽ ٽي ڏينهن هو ڏسي نٿي سگهيو، ۽ نڪي کاڌائين نڪي پيتائين.
10هاڻي دمشق ۾ حنانياہ نالي هڪڙو شاگرد هو، تنهن کي خداوند رويا ۾ چيو، تہ اي حنانياہ! هن چيو، تہ اي خداوند، اِجهو حاضر آهيان. 11خداوند چيس تہ اُٿ، انهيءَ گهٽيءَ ۾ وڃ، جنهن کي سنئين ڪري سڏيندا آهن، ۽ يهوداهہ جي گهر ۾، ترسس واري شائول جي وڃي پڇا ڪر: ڇالاءِ جو ڏس، هو دعا پيو گهُري؛ 12۽ هن ڏٺو آهي تہ هڪڙو ماڻهو حنانياہ نالي اندر آيو آهي، ۽ مٿس هٿ رکيا اٿس، انهي لاءِ تہ کيس وري ڏسڻ جي طاقت ملي. 13پر حنانياہ ورندي ڏني، تہ اي خداوند، مون گهڻن کان هن ماڻهوءَ بابت ٻُڌو آهي تہ يروشلم ۾ تنهنجي پاڪ ٿيلن سان ڪهڙيون نہ جُٺيون ڪيون اٿس: 14۽ هتي بہ سردار ڪاهن کان هن کي اختيار مليو آهي، تہ جيڪي ماڻهو تنهنجو نالو وٺن ٿا، تن سڀني کي گرفتار ڪري. 15پر خداوند چيس تہ تون وڃ: ڇالاءِ جو هو منهنجو هڪڙو چونڊيل وسيلو آهي، تہ هو غير قومن، ۽ بادشاهن، ۽ بني اسرائيل وٽ منهنجو نالو ظاهر ڪري: 16جو آئون ڏيکاريندوسانس تہ منهنجي نالي جي صدقي کيس ڪيترا نہ ڏک سهڻا پوندا. 17پوءِ حنانياہ اُٿي هليو، ۽ انهي گهر ۾ ويو ۽ مٿس پنهنجا هٿ رکي چوڻ لڳو، تہ ادا شائول، جنهن خداوند يسوع توکي واٽ تي ڏيکاري ڏني هئي، تنهن مون کي موڪليو آهي تہ توکي ڏسڻ جي طاقت ملي، ۽ تون پاڪ روح سان ڀرجي وڃين. 18۽ انهي دم ڄڻ تہ هن جي اکين تان ڇلر ڪِري پيا، ۽ هو ڏسڻ وائسڻ لڳو؛ ۽ اُٿي بپتسما ورتائين؛ 19پوءِ هن ماني کاڌي ۽ طاقت آيس.
ڪجهہ ڏينهن تائين هو ۽ دمشق ۾ جيڪي شاگرد هئا، تن سان گڏ گذاريندو رهيو. 20۽ يڪدم وڃي عبادتخانن ۾ يسوع جي منادي ڪرڻ لڳو تہ هو خدا جو فرزند آهي. 21۽ جن هن جي اها ڳالهہ ٻُڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا، ۽ چوڻ لڳا تہ هي اهو ناهي ڇا، جو جيڪي يروشلم ۾ هي نالو وٺي دعا گهُرندا هئا، تن کي ستائيندو هو، ۽ هتي بہ انهي ارادي سان آيو هو تہ انهن کي ٻَڌي سردار ڪاهنن وٽ وٺي وڃي؟ 22پر شائول ڏينهون ڏينهن زور وٺندو ويو، ۽ جيڪي يهودي دمشق ۾ رهندا هئا، تن کي مُنجهائي ڇڏيائين، جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ اهوئي مسيح آهي.
23۽ جڏهن ڳچ جيترا ڏينهن گذري ويا، تڏهن يهودين پاڻ ۾ گڏجي اها صلاح ڪئي تہ هن کي ماري وجهون: 24پر شائول کي سندن منصوبي جي خبر پئجي ويئي. مگر اهي رات ڏينهن شهر جي دروازن تي پهرو پيا ڏيندا هئا تہ هن کي ماريون: 25پر سندس شاگردن رات جي وقت هن کي هڪڙي کاري ۾ ويهاري شهر جي ڀت کان هيٺ لاهي ڇڏيو. 26۽ جڏهن هو يروشلم ۾ آيو، تڏهن ڀانيائين تہ شاگردن سان وڃي گڏجان، پر اهي سڀيئي کانئس ڊنا ٿي، جو اعتبار ئي نٿي آين تہ هو بہ ڪو شاگرد آهي. 27پر برناباس هن کي وٺي رسولن وٽ آيو، ۽ هنن کي ٻُڌايائين تہ ڪهڙيءَ طرح هن واٽ تي خداوند کي ڏٺو، ۽ انهي ساڻس ڳالهايو، ۽ ڪيئن دمشق ۾ بي ڊپو ٿي يسوع جي نالي جي منادي ڪيائين. 28پوءِ هو يروشلم ۾ ساڻن گڏ ايندو ويندو هو. 29۽ همت جهلي خداوند جي منادي پيو ڪندو هو: ۽ يوناني يهودين سان گفتگو ۽ بحث بہ پيو ڪندو هو، پر هو سندس مارڻ جا وجهہ پيا ڳوليندا هئا. 30۽ جڏهن ڀائرن کي خبر پيئي تڏهن هن کي قيصريہ ۾ وٺي آيا، ۽ اُتان ترسس ڏانهن روانو ڪيائونس.
31تنهن کانپوءِ ساري يهوديہ، ۽ گليل، ۽ سامريہ ۾ ڪليسيا کي امن مليو، ۽ اُها قائم ٿيندي ويئي؛ ۽ خداوند جي ڊپ ۾ هلندي ۽ پاڪ روح جي تسلي ۾ وڌندي ويئي.
32۽ هيئن ٿيو جو جيئن پطرس سڀ ڪنهن هنڌ پي گشت ڪيو، تيئن انهن پاڪ ٿيلن وٽ بہ وڃي پهتو جي لدہ ۾ رهندا هئا. 33اتي هن هڪڙو ماڻهو اينياس نالي ڏٺو، جو اٺن ورهين کان کٽولي تي پيو هو، جو هن کي اڌ رنگ جي بيماري هئي. 34۽ پطرس هن کي چيو تہ ”اينياس، يسوع مسيح توکي ڇُٽائي چڱو ڀلو ٿو ڪري! اُٿ، اُٿي پنهنجو هنڌ وڇاءِ.“ ۽ انهي دم هو اُٿي کڙو ٿيو. 35۽ جيڪي لدہ ۽ شارون ۾ رهندا هئا، تن سڀني هن کي ڏٺو، ۽ خداوند ڏانهن ڦريا.
36هاڻي يافا ۾ هڪڙي شاگردياڻي هئي، جنهن جو نالو طبيتا هو، جنهن جي معنيٰ آهي ”هرڻي“؛ اُها زال گهڻا ئي نيڪ ڪم ڪندي ۽ خيراتون ڏيندي هئي. 37۽ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو جو هوءَ بيمار ٿي مري ويئي: ۽ اُنهيءَ کي غسل ڪرائي ماڙيءَ تي هڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ کڻي رکيو هئائون. 38جيئن تہ لدہ يافا جي ويجهو هو، شاگردن ٻُڌو تہ پطرس اتي آهي، تڏهن ٻہ ماڻهو وٽس موڪلي منٿ ڪيائونس تہ اسان وٽ جلدي هليو اچ. 39تڏهن پطرس اُٿي ساڻن هليو. ۽ جڏهن هو اُتي اچي پهتو، تڏهن اُنهيءَ ماڙيءَ تي وٺي آيس، ۽ سڀ بيوهون روئنديون وٽس اچي بيٺيون؛ ۽ جيڪي ڪُرتا ۽ ڪپڙا هن سندن لاءِ جوڙيا هئا، سي ڏيکارڻ لڳيس. 40پر پطرس اُنهن سڀني کي ٻاهر ڪڍي گوڏا کوڙي دعا گهُرڻ لڳو؛ ۽ لاشي ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو، تہ اي طبيتا اُٿ! ۽ هن پنهنجون اکيون پَٽيون، ۽ جڏهن پطرس کي ڏٺائين، تڏهن اُٿي ويهي رهي. 41پوءِ هن هٿ ڏيئي اُٿاريس، ۽ انهن پاڪ ٿيلن ۽ بيوهن کي سڏي اُها جيئري جاڳندي سندن حوالي ڪيائين. 42سو اها ڳالهہ ساري يافا ۾ مشهور ٿي ويئي، ۽ گهڻن ئي کي خداوند تي ايمان آيو. 43۽ هو گهڻائي ڏينهن يافا ۾ هڪڙي شمعون نالي چمار وٽ رهي پيو.

Pašlaik izvēlēts:

رسولن جا ڪم 9: SB62

Izceltais

Dalīties

Kopēt

None

Vai vēlies, lai tevis izceltie teksti tiktu saglabāti visās tavās ierīcēs? Reģistrējieties vai pierakstieties