پوءِ حنانياہ اُٿي هليو، ۽ انهي گهر ۾ ويو ۽ مٿس پنهنجا هٿ رکي چوڻ لڳو، تہ ادا شائول، جنهن خداوند يسوع توکي واٽ تي ڏيکاري ڏني هئي، تنهن مون کي موڪليو آهي تہ توکي ڏسڻ جي طاقت ملي، ۽ تون پاڪ روح سان ڀرجي وڃين. ۽ انهي دم ڄڻ تہ هن جي اکين تان ڇلر ڪِري پيا، ۽ هو ڏسڻ وائسڻ لڳو؛ ۽ اُٿي بپتسما ورتائين؛