Logo ya YouVersion
Elilingi ya Boluki

لوقا ‮تعارف‬

تعارف
لوقا جيڪو حڪيم هو، سو عيسيٰ مسيح جي پوئلڳن مان پڻ هڪ هو. هن جي معرفت مليل خوشخبريءَ جي لوقا نالي هن ٽئين مقدس ڪتاب ۾ عيسيٰ مسيح کي نہ فقط بني اسرائيل لاءِ واعدي ڪيل ڇوٽڪاري ڏيندڙ، بلڪ سڀني قومن لاءِ پڻ ڇوٽڪاري ڏيندڙ طور پيش ڪيو ويو آهي. هن مقدس ڪتاب ۾ لکيل آهي تہ عيسيٰ مسيح کي خدا جي پاڪ روح ان لاءِ سڏيو هو تہ هو ”غريبن کي خوشخبري“ ڏئي (4‏:18). اهو ئي سبب آهي جو خوشخبريءَ جو هي مقدس ڪتاب ماڻهن جي سڀني قسمن جي ضرورتن جي فڪرمنديءَ سان ڀريو پيو آهي. هن مقدس ڪتاب ۾ خوشيءَ جي خبر بہ نمايان آهي، خاص ڪري شروعاتي بابن ۾، جيڪي عيسيٰ مسيح جي آمد جو اعلان ڪن ٿا ۽ وري آخر ۾ پڻ، جڏهن عيسيٰ مسيح مٿي آسمان ڏانهن کڄي وڃي ٿو. عيسيٰ مسيح جي آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ کان پوءِ ايمان وارن جي تعداد ۾ واڌاري ۽ ڦهلاءَ جو قصو لوقا جي معرفت ”رسولن جا ڪم“ نالي مقدس ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي.
لوقا جي هن مقدس ڪتاب ۾ گھڻيون ئي اهڙيون ڳالهيون لکيل آهن، جيڪي خوشخبريءَ جي ٻين مقدس ڪتابن ۾ نہ ٿيون ملن، جهڙوڪ: عيسيٰ مسيح جي پيدائش تي ملائڪن جو خدا جي واکاڻ ڪرڻ ۽ ريڍارن جو اچڻ، عيسيٰ مسيح جو ننڍپڻ ۾ هيڪل ۾ وڃڻ ۽ نيڪ سامريءَ ۽ وڃايل پٽ جا مثال. خوشخبريءَ جي هن سڄي مقدس ڪتاب ۾ هنن چئن ڳالهين تي بہ زور ڏنو ويو آهي، جهڙوڪ: دعا، پاڪ روح، عيسيٰ مسيح جو عورتن سان سلوڪ ۽ خدا کان گناهن جي معافي.
سِٽاءُ
منڍ 1‏:1‏-4
حضرت يحيٰ ۽ عيسيٰ مسيح جو ڄمڻ ۽ عيسيٰ مسيح جو ننڍپڻ 1‏:5‏–2‏:52
حضرت يحيٰ جو منادي ڪرڻ 3‏:1‏-20
عيسيٰ مسيح جو بپتسما وٺڻ ۽ سندس آزمائش 3‏:21‏–4‏:13
گليل علائقي ۾ عيسيٰ مسيح جو خدمت وارو ڪم ۽ تبليغ ڪرڻ 4‏:14‏–9‏:50
گليل کان يروشلم شهر ڏانهن سفر 9‏:51‏–19‏:27
عيسيٰ مسيح جو صليبي موت ۽ ان کان اڳ وارو آخري هفتو 19‏:28‏–23‏:56
عيسيٰ مسيح جو جيئرو ٿي اٿڻ، ڏيکاري ڏيڻ ۽ آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ 24‏:1‏-53

Tya elembo

Kabola

Copy

None

Olingi kobomba makomi na yo wapi otye elembo na baapareyi na yo nyonso? Kota to mpe Komisa nkombo