Logo ya YouVersion
Elilingi ya Boluki

لوقا 1

1
منڍ
1محترم ٿئوفلس!
ڪيترائي ماڻهو انهن ڳالهين کي لکي چڪا آهن، جيڪي اسان ۾ ٿي گذريون آهن. 2جهڙيءَ طرح اسان کان اڳين اسان تائين اهي ڳالهيون پهچايون، تهڙيءَ طرح هنن بہ هي ڳالهيون انهن کان ٻڌي لکيون، جيڪي شروع کان ئي هنن ڳالهين جا اکين ڏٺا شاهد هئا ۽ انهيءَ خوشخبريءَ جي منادي پڻ ڪيائون. 3تنهنڪري مون بہ اهو مناسب سمجھيو تہ هي ڳالهيون اوهان لاءِ ترتيب سان لکان، ڇو تہ مون شروع کان وٺي انهن سڀني جو اڀياس چڱيءَ طرح ڪيو آهي. 4آءٌ هي انهيءَ ڪري ٿو لکان تہ جن ڳالهين جي اوهان کي تعليم ڏني ويئي آهي، تن جي سچائيءَ جي اوهان کي پوري ڄاڻ پوي.
حضرت يحيٰ جي ڄمڻ بابت اڳڪٿي
5 # 1.توا 24‏:10 يهوديہ جي بادشاهہ #1‏:5 هيروديس تفصيل لاءِ ڏسو متي 2‏:1 ۾ ڏنل سمجھاڻي.هيروديس جي ڏينهن ۾ ڪاهنن جي ابياہ ٽولي ۾ زڪرياہ نالي هڪڙو ڪاهن هو. سندس زال بہ هارون جي اولاد مان هئي، جنهن جو نالو اليشبع هو. 6هو ٻئي خدا جي نظر ۾ نيڪ هئا ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي پوريءَ طرح سان عمل ڪندا هئا. 7انهن کي ڪوبہ اولاد ڪونہ هو، ڇاڪاڻ تہ اليشبع سنڍ هئي ۽ ٻئي زال مڙس پوڙها پڻ ٿي چڪا هئا.
8هڪ دفعي جڏهن زڪرياہ پنهنجي ٽولي جي واري تي خدا جي حضور ۾ ڪاهن جا فرض ادا ڪري رهيو هو، 9تڏهن ڪاهنن جي رسم موجب مٿس پُکو پيو تہ هو هيڪل جي مقدس جاءِ ۾ وڃي لوبان ٻاري. 10سندس لوبان ٻارڻ وقت ماڻهن جي سڄي ميڙ ٻاهر بيٺي دعا پئي گھري. 11تڏهن زڪرياہ کي خداوند جو هڪڙو ملائڪ لوبان ٻارڻ واري قربان‌گاهہ جي ساڄي پاسي بيٺل نظر آيو. 12زڪرياہ هن کي ڏسي گھٻرائجي ويو ۽ کيس دهشت وٺي ويئي. 13تنهن تي خداوند جي ملائڪ چيس تہ ”اي زڪرياہ! ڊڄ نہ. تنهنجي دعا قبول ڪئي ويئي آهي. سو تنهنجي زال اليشبع کي پٽ ڄمندو، جنهن جو نالو يحيٰ رکج. 14تو کي خوشي ۽ سڪون ملندو ۽ ڪيترائي هن جي ڄمڻ تي خوش ٿيندا. 15#ڳا 6‏:3 خداوند جي حضور ۾ هو عظيم هوندو. هو نہ مئي پيئندو ۽ نڪو شراب واپرائيندو. هو ماءُ جي پيٽان ئي پاڪ روح سان ڀريل هوندو. 16هو بني اسرائيل جي گھڻن ئي ماڻهن کي خداوند سندن خدا ڏانهن ڦيرائيندو. 17#ملا 4‏:5‏-6 هو خداوند جي اچڻ لاءِ الياس نبيءَ جهڙي روح ۽ طاقت سان خدمت ڪندو، تہ جيئن هر ماءُ پيءُ جي دل کي اولاد ڏانهن ڦيري، نافرمانن کي نيڪن جي سياڻپ واري رستي تي آڻي خداوند لاءِ هڪڙي لائق قوم تيار ڪري.“
18تڏهن زڪرياہ ملائڪ کي چيو تہ ”مون کي انهيءَ جي خاطري ڪيئن ٿيندي، جڏهن تہ آءٌ پوڙهو آهيان ۽ منهنجي زال بہ وڏيءَ عمر واري آهي؟“ 19#دان 8‏:16، 9‏:21 تنهن تي ملائڪ وراڻيس تہ ”آءٌ جبرائيل آهيان ۽ خدا جي حضور ۾ حاضر رهندو آهيان. خدا ئي مون کي موڪليو آهي تہ تو سان ڳالهايان ۽ تو کي اها خوشخبري ٻڌايان. 20پر تو منهنجي ڳالهہ تي يقين نہ ڪيو آهي جيڪا مقرر وقت تي سچي ثابت ٿيندي. ڏس، جيئن تہ تو يقين نہ ڪيو آهي تنهنڪري تون گونگو ٿي پوندين ۽ جيستائين اها ڳالهہ پوري نہ ٿيندي تيستائين تون ڳالهائي نہ سگھندين.“
21هوڏانهن ٻاهر ماڻهو ڏاڍي انتظار ۾ هئا ۽ حيران هئا تہ زڪرياہ مقدس جاءِ ۾ ايتري دير ڇو لاتي آهي. 22جڏهن هو ٻاهر نڪتو تہ انهن سان ڳالهائي نہ ٿي سگھيو، جنهن مان ماڻهن کي خبر پئجي ويئي تہ هن مقدس جاءِ ۾ ڪا رويا ڏٺي آهي. هو ماڻهن کي هٿن جا اشارا ڏئي پيو پر هڪ لفظ بہ ڳالهائي نہ سگھيو. 23پوءِ جڏهن هيڪل ۾ زڪرياہ جي خدمت جا ڏينهن پورا ٿيا تہ هو گھر ڏانهن هليو ويو.
24انهن ڏينهن کان پوءِ سندس زال اليشبع پيٽ سان ٿي ۽ هوءَ پنجن مهينن تائين پنهنجي گھر ۾ لڪندي رهي ۽ دل ۾ هيئن چوڻ لڳي تہ 25خداوند مون تي ڪيڏو نہ ڪرم ڪيو آهي. هاڻي هن مون تي مهر جي نظر ڪري ماڻهن جي مهڻن کان منهنجي جند ڇڏائي آهي.“
عيسيٰ مسيح جي ڄمڻ بابت اڳڪٿي
26اليشبع جي پيٽ سان ٿيڻ کان پوءِ ڇهين مهيني خدا جبرائيل ملائڪ کي گليل جي ڳوٺ ناصرت ۾ موڪليو. 27#مت 1‏:18 هو مريم نالي هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ وٽ آيو، جيڪا دائود جي گھراڻي جي هڪ شخص يوسف سان مڱيل هئي. 28جبرائيل وٽس اچي چيو تہ ”سلام آ تو تي، جو خدا تو ساڻ آهي ۽ هن تو تي وڏو ڪرم ڪيو آهي.“ 29مريم ملائڪ جي ڳالهائڻ تي ڏاڍي گھٻرائجي ويئي ۽ عجب ۾ پئجي سوچڻ لڳي تہ هن جي انهن لفظن جو مطلب ڇا آهي. 30تڏهن ملائڪ چيس تہ ”مريم! ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ خدا تو تي مهربان آهي. 31#مت 1‏:21 ڏس، تو کي پيٽ ٿيندو ۽ تون پٽ ڄڻيندينءَ. انهيءَ جو نالو عيسيٰ رکج. 32#2.سم 7‏:12‏،13‏،16، يس 9‏:7 هو وڏي عظمت وارو ٿيندو ۽ خدا تعاليٰ جو فرزند ڪري سڏبو. خداوند خدا هن کي سندس ڏاڏي دائود جو تخت عطا ڪندو. 33هو يعقوب جي گھراڻي بني اسرائيل تي هميشہ بادشاهي ڪندو. هائو، سندس بادشاهي ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندي.“
34تنهن تي مريم ملائڪ کي چيو تہ ”آءٌ تہ ڪنواري آهيان، پوءِ هي ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟“ 35ملائڪ وراڻيس تہ ”پاڪ روح تو تي نازل ٿيندو. هائو، خدا تعاليٰ جي قدرت تو ساڻ هوندي. انهيءَ ڪري ئي اهو پاڪ ٻار خدا جو فرزند ڪري سڏبو. 36ڏس، تنهنجي مائٽياڻي اليشبع پوڙهائپ ۾ پٽ ڄڻڻ واري آهي. جنهن لاءِ چيو ويندو هو تہ هوءَ سنڍ آهي، تنهن کي هاڻي ڇهون مهينو پيٽ آهي. 37#پيد 18‏:14 بيشڪ اهڙي ڪابہ ڳالهہ ڪانهي جيڪا خدا جي قدرت کان ٻاهر هجي.“
38تڏهن مريم چيس تہ ”آءٌ خداوند جي ٻانهي آهيان، سو شل ائين ئي ٿئي جيئن اوهان چيو آهي.“ پوءِ ملائڪ وٽانئس هليو ويو.
مريم جي اليشبع سان ملاقات
39تنهن کان پوءِ جلد ئي مريم تيار ٿي ۽ جابلو علائقي ۾ يهوديہ جي هڪڙي شهر ڏانهن ويئي. 40اتي هوءَ زڪرياہ جي گھر ويئي ۽ اليشبع کي سلام ڪيائين. 41جيئن ئي اليشبع مريم جو سلام ٻڌو تہ ٻار سندس پيٽ ۾ ٽپ کاڌو. تڏهن اليشبع پاڪ روح سان ڀرجي 42وڏي واڪي مريم کي چوڻ لڳي تہ ”تون عورتن ۾ سڀاڳي آهين ۽ سڀاڳو آهي اهو ٻار جيڪو تون ڄڻيندينءَ. 43مون تي اهڙو ڪرم ڪيئن ٿيو جو منهنجي خداوند جي ماءُ مون وٽ هلي آئي آهي. 44ڏس، جيئن ئي تنهنجي سلام جو آواز منهنجي ڪنن تي پيو، تہ ٻار منهنجي پيٽ ۾ خوشيءَ وچان ٽپ کاڌو. 45تون ڪيڏي نہ سڀاڳي آهين، جو تو يقين ڪيو آهي تہ جيڪي ڳالهيون خداوند جي طرفان تو کي ٻڌايون ويون آهن سي سچيون ثابت ٿينديون.“
مريم جو خدا جي واکاڻ ڪرڻ
46 # 1.سم 2‏:1‏-10 مريم چيو تہ
”منهنجي دل خداوند جي واکاڻ ڪري ٿي.
47هائو، آءٌ پنهنجي خدا کان خوش آهيان،
جيڪو هر ڳالهہ ۾ منهنجو بچائيندڙ آهي.
48 # 1.سم 1‏:11 بيشڪ انهيءَ پنهنجي هن خسيس ٻانهيءَ تي
پنهنجي مِهر جي نظر ڪئي آهي.
سو اڄ کان وٺي ايندڙ سڀيئي پيڙهيون
مون کي سڀاڳي سڏينديون،
49ڇاڪاڻ تہ قادر مون لاءِ عظيم ڪم ڪيا آهن.
هن جو نالو پاڪ آهي.
50هو انهن تي پيڙهي بہ پيڙهي رحم ڪري ٿو،
جيڪي کانئس ڊڄن ٿا.
51هن پنهنجي ٻانهُن جو زور ڏيکاريو آهي،
۽ جيڪي پنهنجين دلين ۾ غرور ٿا ڪن،
تن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو اٿس.
52 # ايو 5‏:11، 12‏:19 هن زورآورن کي تخت تان ڪيرايو آهي،
۽ نيچن کي اوچو ڪيو اٿس.
53هن بکايلن کي سٺين شين سان ڍءُ ڪرايو آهي،
۽ شاهوڪارن کي خالي هٿين موٽائي ڇڏيو اٿس.
54‏-55 # پيد 17‏:7 هن اسان جي ابن ڏاڏن سان ٻڌل عهد پورو ڪيو آهي.
هائو، ابراهيم ۽ سندس اولاد جي سار لهندي
هن پنهنجي ٻانهي يعني بني اسرائيل قوم جي مدد ڪئي آهي،
تہ جيئن انهن تي هميشہ رحم ڪري.“
56مريم اٽڪل ٽي مهينا اليشبع سان گڏ رهي ۽ پوءِ پنهنجي گھر موٽي ويئي.
حضرت يحيٰ جو ڄمڻ
57هاڻي اليشبع جي ويم ڪرڻ جو وقت اچي پهتو ۽ کيس پٽ ڄائو. 58هن جي پاڙيسرين ۽ مائٽن جڏهن اهو ٻڌو تہ خداوند اليشبع تي وڏي مهرباني ڪئي آهي تہ اهي بہ ساڻس گڏجي خوشيون ڪرڻ لڳا. 59#لاو 12‏:3 جڏهن ٻار کي ڄائي اٺ ڏينهن گذريا تہ اهي ٻار جي طهر جي رسم لاءِ وري آيا ۽ مرضي هئن تہ هن جو نالو سندس پيءُ جي نالي پويان زڪرياہ رکيو وڃي. 60پر هن جي ماءُ چين تہ ”نہ، هن کي يحيٰ جي نالي سان سڏيو وڃي.“ 61تنهن تي انهن چيس تہ ”اهڙي نالي سان تہ اوهان جو ڪوبہ مائٽ نہ آهي.“ 62پوءِ هنن سندس پيءُ کان اشارن سان پڇيو تہ هو ٻارڙي جو ڪهڙو نالو رکڻ گھري ٿو. 63تڏهن زڪرياہ انهن کان تختي گھرائي انهيءَ تي لکيو تہ ”هن جو نالو يحيٰ آهي.“ تنهن تي سڀيئي عجب ۾ پئجي ويا. 64انهيءَ دم زڪرياہ جي زبان کُلي پيئي ۽ هو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳو. 65تڏهن سندن آس‌پاس ۾ سڀني رهڻ وارن تي ڊپ ڇانئجي ويو. يهوديہ جي سڄي جابلو علائقي ۾ اهي ڳالهيون پکڙجي ويون. 66جن بہ اهي ڳالهيون ٻڌيون سي دل ۾ انهن تي غور ويچار ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اهو ٻار ڪيڏو نہ عظيم ٿيندو!“ ڇاڪاڻ تہ صاف ظاهر هو تہ انهيءَ ٻار تي خداوند جو هٿ آهي.
زڪرياہ جي اڳڪٿي
67يحيٰ جو پيءُ زڪرياہ پاڪ روح سان ڀرجي ويو ۽ اڳڪٿي ڪندي چوڻ لڳو تہ
68خداوند، بني اسرائيل جي خدا کي واکاڻ جڳائي،
ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي قوم کي بچائڻ لاءِ
مٿس مِهر جي نظر ڪئي آهي.
69هائو، هن پنهنجي ٻانهي دائود جي گھراڻي مان
اسان لاءِ هڪ سگھارو بچائيندڙ موڪليو آهي،
70جنهن جو هن پنهنجي پاڪ نبين جي وسيلي
واعدو ڪيو هو،
جيڪي قديم زماني کان وٺي ايندا رهيا.
71اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ خدا اسان کي دشمنن کان بچائي.
هائو، انهن سڀني جي هٿان ڇڏائي،
جيڪي اسان کان نفرت ڪن ٿا.
72هن اسان جي ابن ڏاڏن سان ڪيل واعدي موجب،
اسان تي رحم ڪندي پنهنجو پاڪ عهد پورو ڪيو آهي.
73هائو، هن پنهنجو اهو عهد پورو ڪيو آهي،
جيڪو اسان جي ڏاڏي ابراهيم سان قسم کڻي ڪيو هئائين،
74تہ هو اسان کي دشمنن جي چنبي مان آزاد ڪرائيندو،
تہ جيئن اسين بنا ڪنهن خوف جي سندس عبادت ڪريون،
75۽ هن جي اڳيان پنهنجي سڄي حياتيءَ جا ڏينهن
پاڪ ۽ نيڪ ٿي گذاريون.
76 # ملا 3‏:1 هاڻ اي منهنجا ٻچا يحيٰ!
تون خدا تعاليٰ جو نبي سڏيو ويندين،
۽ خداوند جي اڳيان اڳيان
هن لاءِ رستو تيار ڪندو هلندين،
77۽ سندس قوم کي ٻڌائيندو ويندين،
تہ پنهنجن گناهن کان معافيءَ جي صورت ۾ ئي
اهي ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگھن ٿا.
78بيشڪ اسان جو خدا نهايت رحيم آهي.
هو عرش عظيم واري صبح جي روشني
اسان تي نازل ڪندو،
79 # يس 9‏:2 جيڪا سلامتيءَ واري رستي جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ
اسان سڀني تي چمڪندي،
جيڪي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ رهون ٿا.“
80اهو ٻار يحيٰ جسماني توڙي روحاني طور وڌندو ويو ۽ تيستائين بيابان ۾ رهيو جيستائين بني اسرائيل قوم تي پاڻ کي کُليءَ طرح ظاهر نہ ڪيائين.

Currently Selected:

لوقا 1: MSB

Tya elembo

Kabola

Copy

None

Olingi kobomba makomi na yo wapi otye elembo na baapareyi na yo nyonso? Kota to mpe Komisa nkombo