پيدائش 36
36
1هاڻي عيسو (يعني ادوم) جو نسب نامو هن ريت آهي. 2عيسو ڪنعاني ڇوڪرين سان شادي ڪئي هئي، يعني عدہ، جا ايلون حتيءَ جي ڌيءَ هئي، ۽ اهليبامہ جا صبعون حويءَ جي پوٽي ۽ عنہ جي ڌيءَ هئي؛ 3۽ بشامہ، جا اسماعيل جي ڌيءَ هئي، ۽ نبايوت جي ڀيڻ هئي. 4عدہ کي عيسوءَ مان اليفز پيدا ٿيو، ۽ بشامہ کي رعوايل ڄائو؛ 5۽ اهليبامہ کي يعوس، يعلام ۽ قورح ڄاوا: اهي عيسوءَ جا پٽ آهن، جي ڪنعان جي ملڪ ۾ پيدا ٿيا. 6۽ عيسو پنهنجون زالون، ۽ پٽ، ۽ ڌيون، ۽ پنهنجي گهر جا سڀيئي ماڻهو، ۽ پنهنجا ڍور ۽ سڀ جانور، ۽ پنهنجو سڀيئي مال متاع، جو ڪنعان جي ملڪ ۾ گڏ ڪيو هئائين، سو وٺي پنهنجي ڀاءُ يعقوب کان پري، ٻئي ملڪ ۾ هليو ويو. 7ڇالاءِ جو سندن مال ايترو وڌي ويو هو، جو هو گڏ رهي نٿي سگهيا؛ ۽ جنهن ملڪ ۾ سفر پئي ڪيائون، تنهن ۾ هنن جي چوپائي مال جي ڪري سندن گذارو ٿي ڪين سگهيو. 8تڏهن عيسو، جنهن جو ٻيو نالو ادوم بہ ٿو سڏجي، سو وڃي شعير جبل ۾ رهڻ لڳو.
9۽ شعير جبل وارن ادومين جي پيءُ عيسوءَ جو نسب نامو هن ريت آهي: 10عيسوءَ جي پٽن جا نالا هي آهن؛ اليفز، عيسوءَ جي زال عدہ جو پٽ هو، ۽ رعوايل عيسوءَ جي زال بشامہ جو پٽ هو. 11۽ اليفز جا پٽ: تيمان، اومر، صفو، جعتام ۽ قنز. 12۽ عيسوءَ جي پٽ اليفز جي سريت تمنع نالي هئي، تنهن کي اليفز مان عماليق ڄائو: اهي آهن عيسوءَ جي زال عدہ جا پٽ. 13۽ رعوايل جا پٽ هئا؛ نحت، زارح، سمہ ۽ مزہ: اهي آهن عيسو جي زال بشامہ جا پٽ. 14۽ عيسوءَ جي زال اهليبامہ، جا صبعون جي پوٽي ۽ عنہ جي ڌيءَ هئي، تنهن جا پٽ هئا: يعوس، يعلام ۽ قورح.
15عيسوءَ جي اولاد ۾ جيڪي سردار ٿيا، سي هي آهن: عيسوءَ جي وڏي پٽ اليفز جا پٽ: سردار تيمان، سردار اومر، سردار صفو، سردار قنز، 16سردار قورح، سردار جعتام ۽ سردار عماليق: اهي آهن سردار جي ادوم جي ملڪ ۾ اليفز مان پيدا ٿيا؛ اهي عدہ جا پٽ آهن. 17۽ سردار نحت، سردار زارح، سردار سمہ ۽ سردار مزہ: اهي آهن سردار جي ادوم جي ملڪ ۾ رعوايل مان پيدا ٿيا: اهي عيسوءَ جي زال بشامہ جا پٽ آهن. 18۽ عيسوءَ جي زال اهليبامہ جا پٽ هي آهن: سردار يعوس، سردار يعلام، ۽ سردار قورح: اهي آهن سردار، جي عيسوءَ جي زال، عنہ جي ڌيءَ اهليبامہ مان پيدا ٿيا. 19سو عيسو، يعني ادوم جو اولاد، ۽ سندن سردار اهي ئي آهن.
20شعير حوريءَ جا پٽ، جي انهي ملڪ جا رهاڪو هئا، سي هي آهن؛ لوطان، سوبل، صبعون، عنہ، 21ديسون، اليصر ۽ ديسان: اهي آهن سردار جي ادوم جي ملڪ ۾ شعير جي اولاد حورين مان پيدا ٿيا. 22۽ لوطان جا پٽ هئا؛ حوري ۽ هيمام، ۽ لوطان جي ڀيڻ تمنع هئي. 23۽ سوبل جا پٽ هي آهن؛ علوان، مانحت، عيبال، سفو ۽ اونام. 24۽ صبعون جا پٽ هي آهن؛ آيہ ۽ عنہ: هي اهو عنہ آهي، جنهن پنهنجي پيءُ صبعون جا گڏهہ چاريندي جهنگ ۾ گرم پاڻيءَ جا چشما لڌا. 25۽ عنہ جا ٻار هي آهن؛ ديسون ۽ عنہ جي ڌيءَ اهليبامہ. 26۽ ديسون جا پٽ هي آهن؛ حمدان، اشبان، يتران ۽ ڪران. 27۽ اليصر جا پٽ هي آهن؛ بلهان، زعوان ۽ عقان. 28۽ ديسان جا پٽ هي آهن؛ عوز ۽ اران. 29جيڪي سردار حورين مان پيدا ٿيا، سي هي آهن؛ سردار لوطان، سردار سوبل، سردار صبعون، سردار عنہ، 30سردار ديسون، سردار اصر ۽ سردار ديسان. هي انهن حورين جا سردار آهن، جي شعير جي ملڪ ۾ هئا.
31بني اسرائيل تي ڪنهن بادشاهہ حڪومت هلائي، تنهن کان اڳي جن بادشاهن ادوم جي ملڪ تي بادشاهي ڪئي، سي هي آهن. 32بعور جي پٽ بلع ادوم ۾ بادشاهي ڪئي، ۽ سندس شهر جو نالو دنهابا هو. 33بلع جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي بصراہ واري زارح جي پٽ يوباب بادشاهي ڪئي. 34يوباب جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي تيمن جي ملڪ واري حشيم بادشاهي ڪئي. 35حشيم جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي بدد جي پٽ هدد بادشاهي ڪئي، جنهن موآب جي ميدان ۾ مديانين کي ماري وڌو: ۽ هن جي شهر جو نالو عويت هو. 36هدد جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي مسرقہ واري شملہ بادشاهي ڪئي. 37شملہ جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي سائول بادشاهي ڪئي، جو نديءَ جي ڪناري واري رخوبوت جو ويٺل هو. 38سائول جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي عڪبور جي پٽ بعل حنان بادشاهي ڪئي. 39عڪبور جي پٽ بعل حنان جي مرڻ کان پوءِ سندس جاءِ تي حدر بادشاهي ڪئي، هن جي شهر جو نالو پاعو هو، ۽ سندس زال جو نالو مهيطب ايل هو، جا ميضاهاب جي ڌيءَ ۽ مطرد جي پوٽي هئي.
40سو عيسوءَ مان جيڪي سردار پيدا ٿيا، تن جا نالا سندن خاندانن ۽ رهڻ جي هنڌن موجب ناليوار هي آهن: سردار تمنع، سردار علوہ، سردار يتيب، 41سردار اهليبامہ، سردار آيلہ، سردار فينون، 42سردار قنز، سردار تيمان، سردار مبصار، 43سردار مجدايل، سردار عرام: ادومين جا (يعني ادومين جي پيءُ عيسوءَ جا) سردار، سندن قبضي ڪيل ملڪ ۾، سندن رهڻ جي هنڌن موجب اهي ئي آهن.
ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖
پيدائش 36: SB62
គំនូសចំណាំ
ចែករំលែក
ចម្លង
![None](/_next/image?url=https%3A%2F%2Fimageproxy.youversionapi.com%2F58%2Fhttps%3A%2F%2Fweb-assets.youversion.com%2Fapp-icons%2Fkm.png&w=128&q=75)
ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.