پيدائش 35
35
1پوءِ خدا يعقوب کي چيو تہ اُٿ، بيت ايل ۾ وڃي رهہ: ۽ جڏهن تون پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ وٽان ڀڄي نڪتو هئين، تڏهن جنهن خدا توکي ڏيکاري ڏني هئي، تنهن لاءِ اتي قربانگاهہ جوڙ. 2تڏهن يعقوب پنهنجي خاندان ۽ ٻيا جيڪي ساڻس هئا، تن سڀني کي چيو تہ اوهان وٽ جيڪي ڌاريا معبود آهن، تن کي ڇڏي ڏيو، ۽ پاڻ کي پاڪ صاف ڪري پنهنجا ڪپڙا بدلايو: 3اُٿو تہ بيت ايل ڏانهن هلون؛ ۽ اتي آءٌ خدا لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيندس، جنهن منهنجيءَ مصيبت جي ڏينهن منهنجو سوال ٻڌو، ۽ جنهن واٽ ۾ ويس ٿي، تنهن ۾ مون ساڻ هو. 4سو هنن وٽ جيڪي معبود هئا، ۽ سندن ڪنن ۾ جيڪي مندرا هئا، سي سڀ لاهي يعقوب کي ڏنائون، ۽ يعقوب اهي سڀيئي، انهيءَ بلوط جي وڻ هيٺ لڪائي ڇڏيا، جيڪو سڪم وٽ بيٺل هو. 5پوءِ هو اُٿي روانا ٿيا: ۽ هن جي آس پاس جيڪي شهر هئا، تن جي ماڻهن کي اهڙو ڊپ وٺي ويو، جو هو يعقوب جي پٽن جي پٺيان ڪين پيا. 6سو يعقوب ۽ ٻيا جيڪي ساڻس هئا، سي لوز يعني بيت ايل ۾ آيا، جو ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي، 7۽ هن اتي هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ انهيءَ هنڌ جو نالو بيت ايل رکيائين؛ ڇالاءِ تہ جڏهن هو پنهنجي ڀاءُ وٽان ڀڄي نڪتو هو، تڏهن اتي کيس خدا ڏيکاري ڏني هئي. 8اتي ربقہ جي دائي دبورہ مري ويئي، ۽ انهيءَ کي بيت ايل جي هيٺانهين پاسي بلوط جي وڻ هيٺ دفن ڪيائون، ۽ انهيءَ وڻ جو نالو الون بڪوت (روئڻ جو وڻ) رکيائون.
9جڏهن يعقوب فدان ارام کان آيو، تڏهن خدا وري بہ کيس ڏيکاري ڏيئي برڪت ڏنس. 10۽ خدا چيس تہ تنهنجو نالو يعقوب آهي: اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ سڏبو، پر تنهنجو نالو اسرائيل ٿيندو: سو هن سندس نالو اسرائيل رکيو. 11۽ خدا چيس تہ آءٌ قادر مطلق خدا آهيان: تون ڦلدار ٿيءُ ۽ وڌ، تو مان هڪڙي قوم بلڪ گهڻيون قومون پيدا ٿينديون، ۽ تنهنجي نسل مان بادشاهہ نڪرندا. 12۽ جيڪو ملڪ مون ابرهام ۽ اسحاق کي ڏنو هو، سو آءٌ توکي ڏيندس، ۽ توکان پوءِ تنهنجي اولاد کي اهو ملڪ ڏيندس، 13۽ جتي خدا هن سان ڳالهيون ڪيون اتان ئي وٽانئس مٿي چڙهي ويو. 14پوءِ يعقوب هيئن ڪيو، جو جنهن هنڌ خدا ساڻس ڳالهيون ڪيون هيون، تنهن هنڌ پهڻ جو هڪڙو ٿنڀ کڙو ڪيائين: ۽ انهيءَ تي خدا جي لاءِ پيئڻ واري قرباني ۽ تيل اوتيائين، 15۽ جنهن هنڌ خدا يعقوب سان ڳالهايو هو، تنهن هنڌ جو نالو هن بيت ايل رکيو. 16پوءِ هو بيت ايل مان روانا ٿيا ۽ فرات تائين پهچڻ ۾ اڃا ٿورو پنڌ هو، تہ راخل کي اچي ويم جا سخت سور ٿيا. 17۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن جا سور وڌڻ لڳا، تڏهن دائيءَ چيس تہ ڊڄ نہ، توکي هن ڀيري بہ پٽ ڄمندو. 18جڏهن هوءَ مرڻ تي هئي، تڏهن ساهہ نڪرڻ مهل هن جو نالو بنوني رکيائين ۽ پوءِ مري ويئي: پر يعقوب هن جو نالو بنيمين رکيو. 19سو راخل مري ويئي ۽ کيس افرات يعني بيت الحم جي واٽ تي دفن ڪيائون. 20۽ يعقوب هن جي قبر تي هڪڙو ٿنڀ کڙو ڪيو ۽ اهو راخل جي قبر جو ٿنڀ اڄ ڏينهن تائين موجود آهي. 21پوءِ اسرائيل مسافري ڪندو اڳتي وڌيو ۽ عدر جي ٺلهہ جي پريان وڃي پنهنجو تنبو کوڙيائين. 22۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسرائيل انهيءَ ملڪ ۾ رهيو پيو هو، تڏهن روبن پنهنجي پيءُ جي سريت بلهاہ سان وڃي ستو، ۽ اسرائيل کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي.
23هاڻي يعقوب کي ٻارهن پٽ هئا: روبن، جو يعقوب جو وڏو پٽ هو، تنهن کان سواءِ شمعون، لاوي، يهوداہ، اشڪار ۽ زبولون. 24۽ راخل جا پٽ هئا: يوسف ۽ بنيمين. 25۽ راخل جي ٻانهيءَ بلهاہ جا پٽ هئا: دان ۽ نفتالي. 26۽ لياہ جي ٻانهيءَ زلفہ جا پٽ هئا؛ جد ۽ آشر: يعقوب جا پٽ، جيڪي فدان ارام ۾ پيدا ٿيا، سي اهي هئا. 27پوءِ يعقوب ممري ۾، قريت اربع يعني حبرون ۾، جتي ابرهام ۽ اسحاق رهندا هئا، اتي پنهنجي پيءُ اسحاق وٽ آيو. 28۽ اسحاق جي عمر هڪ سؤ اسي ورهيہ هئي. 29تڏهن اسحاق ساهہ ڏنو ۽ مري ويو. هو ٻڍو ۽ وڏيءَ عمر جو ٿي وڃي پنهنجن ۾ گڏيو، ۽ سندس پٽن عيسوءَ ۽ يعقوب کيس دفن ڪيو.
ទើបបានជ្រើសរើសហើយ៖
پيدائش 35: SB62
គំនូសចំណាំ
ចែករំលែក
ចម្លង
![None](/_next/image?url=https%3A%2F%2Fimageproxy.youversionapi.com%2F58%2Fhttps%3A%2F%2Fweb-assets.youversion.com%2Fapp-icons%2Fkm.png&w=128&q=75)
ចង់ឱ្យគំនូសពណ៌ដែលបានរក្សាទុករបស់អ្នក មាននៅលើគ្រប់ឧបករណ៍ទាំងអស់មែនទេ? ចុះឈ្មោះប្រើ ឬចុះឈ្មោះចូល
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.